ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ: نيپرا، ڪي اليڪٽرڪ تي 20 ڪروڙ رپيا ڏنڊ عائد ڪري ڇڏيو آهي
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ کي جون ۽ جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي 20 ڪروڙ رپيا جرمانو عائد ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڪي اليڪٽرڪ جون ۽ جولاءِ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري پنهنجي لائسنس ۽ نرخ جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. نيپرا جون ۽ جولاءِ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪندي ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪيا هئا. ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي جواب مان مطمئن نه هجڻ تي اختيارين ڪي اليڪٽرڪ تي 20 ڪروڙ رپيا جرمانو عائد ڪيو آهي.
ٻئي طرف ڪراچي ۾ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي. ياد رهي ته وفاقي وزير اسد عمر حڪومت کي خبردار ڪيو هو ته هو جون ۽ جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ تي ڪمپني کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، جڏهن ته وزيراعظم پڻ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو آهي.

