ڪراچي ۾ ڪلهه ايم ڪيو ايم جو هڪ دفعو ٻيهر سائوٿ سنڌ جي نالي سان ڌار صوبو ٺاهڻ جي گهر لاءِ ريلي
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر ڌار صوبو ٺاهڻ جي گهر ڪئي ۽ ڳالهه هڪ ريلي ڪڍي. ڊاڪٽر مقبول احمد صديقي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن اسان ڌمڪين کان نٿا ڊڄون ڇو ته اسان رت جا دريا پار ڪري پاڪستان ٺاهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي ورڪرن ۽ سپوٽرن ڪراچي جي مختلف علائقن مان ننڍيون ننڍيون ريليون ڪڍيون جيڪي شاهراهه پاڪستان ڪريم آباد جماعت خانا جي ويجهو گڏ ٿيون. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته ڀلي ڪيترا به لاش ڪرن، صوبو وٺي رهنداسين، درست آدمشماري ٿي ته وڏو وزير ڪراچي جو هوندو، ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول چيو ته شهري سنڌ صوبو يا ڏکڻ سنڌ صوبو ئي ڪراچي جي مسئلن جو حل آهي، صوبو ته ٺهندو، نالو توهان رکو، حدون اسان طئي ڪنداسين، فيصل سبزواري چيو ته اڄ ٽئڪس چورن جو نه ڏيڻ وارن جو ميڙاڪو آهي، لياقت آباد ايترو ٽئڪس ڏيندو آهي جيترو لاهور ۽ اسلام آباد نٿو ڏئي، حڪمران چئي ڇڏين ٿا ته 3 نالا صاف ڪريو، ڪراچي جو مسئلو حل ٿي ويندو، ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو آبادي جي گهٽ ڳڻپ آهي، اسان ڏيڍ ڪروڙ نه 3 ڪروڙ آهيون.

