خاص

ڪشمالا طارق جي پٽ جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد ۾ روڊ حادثي واري ڪيس ۾ ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل سيشن جج سهيل احمد 50 هزار جي مچلڪن عيوض ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان جي ضمانت منظور ڪئي. اسلام آباد پوليس نامزد جوابدار ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان کي گرفتار به نه ڪري سگهي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري شهر سيڪٽر- جي 11 ۾ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق جي مڙس ۽ پٽ جي گاڏي سگنل ٽوڙيندي 5 شهرين کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. جن مان 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. رپورٽ موجب گاڏي سگنل ٽوڙيندي ٻئي طرف کان ايندڙ مهراڻ ڪار ۽ هڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ مانسهره کان اي اين ايف ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندي 4 دوست فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ ڪيس ۾ ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان کي به نامزد ڪيو ويو هو. اسلام آباد پوليس جي، ايس پي سرفراز ورڪ موجب ڊرائيور فياض کي حراست ۾ وٺي حادثي جو سبب بڻجندڙ گاڏي سميت ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو. حادثي جو ڪيس رمنا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو.