ڪهاڻي جاگنگ ٽريڪ ليکڪ: سيد گلزار حسنين ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
لڳاتار مھينو کن پارڪ ۾ اچڻ جي ڪري مان ماحول سان ھيراڪ ٿي ويو ھئس، جيڪو منڍ ۾ مون لاءِ اوپرو اوپرو ھئڻ سبب، ڪوفت ۽ بيزاري پيدا ڪندو ھو. ھاڻي گسائڻ تي دل نه گھرندي ھئي. پارڪ ۾ ڪو ھڪ اڌ ھم ڪلاسي ايڪڙ ٻيڪڙ به مليو ته مليو، تنھن جي به ملڻ جي پڪ نه. نه وريان ۾ ڪا باقاعدگي ھئي ۽ نه ئي وري ڪا ساڻس ڊگھي ڪچھري ٿيندي ھئي. بس بيٺي پير سليڪ عليڪ ٿي وئي ته ٿي وئي. منھنجي پنڌ ڪرڻ جو وقت اھڙو ھو جڏھن سج ٽُٻيءَ ۾ ھوندو ھو ۽ ڏھاڙيءَ جي مسافريءَ سبب سندس چھرو ٿڪاوٽ کان ڳاڙھو ٿي چڪو ھوندو ھو. گھڻا تڻا پکي جيڪي ان ئي پارڪ جي گھاٽن وڻن جا باشي ھئا، سي روزي روٽيءَ جي ڳولا ۾ شھر جي گھٽين ۾ گھمڻ گھتڻ پڄاڻان، وڻن تي واھيرو ۽ شور ڪندا ھئا ته ڪڏھن ڪڏھن ڪن تي پوندڙ آواز ٻڌڻ ۾ به نه ايندو ھو. گھڻو شور جھرڪين ۽ ڪانون جو ھوندو ھو. مون گھڻي ئي دفعا اتان لنگھندي، سوچيو ھو ته ايڏو شور ڪھڙي ڳالھ تي پيا ڪن، ڪو ته ان جو سبب ھوندو. لاشڪ ته اھي سبب ۽ مقصد، مون کي سمجھ ۾ نه آيا. ڪڏھن ڪڏھن جڏھن تڙڪو اڃان ھوندو ھو ته ڍنڍ سان ننڍڙي ٽِٻي جي مٿان ڪانءُ ۽ سرڻيون، لھندڙ سج ڏانھن منھن ڪري آرام سان ويٺا ھوندا ھئا. جيئن ئي اس گم ٿي، ھنن به اڏامَ ڀري.
گرمين جي موسم ۾، پارڪ منجھ، سير ڪرڻ وارن جو انگ اڃان وڌي ويندو ھو. مختلف عمر جون مايون، مرد ۽ ٻار تڪڙو تڪڙو ھلندي، ھڪٻئي جي پرواھ نه ڪندي، پيچرن تي ڀڄ ڀڄان ۾ ھوندا ھئا. نوجوان ته پنڌ ھلڻ بجاءِ، گھڻو تڻو ڀڄندا گذري ويندا ھئا. ٿڪاوٽ جو نانءُ نشان به سندن مُکَ تي چٽو نه ھوندو ھو. بلڪه پگھر سبب سندن چھرن تي چمڪاھٽ پيدا ٿي پوندي ھئي، جيڪا سندن جوانيءَ جي چغلي ھڻندي ھئي. منھنجي پنھنجي چھري تي پڻ پگھر سبب اھڙي قسم جي چمڪ پيدا ٿيندي ھئي، ليڪن پاڻ کان ننڍي عمر وارن نوجوانن کان گھٽ.
ڪي مايون مرد، ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاھيو پيا ھلندا ھئا. مڙني کان نرالو ۽ وڏو ٽولو ستن مردن تي مشتمل ھو. مڙئي عمر کائي چڙھيا ھئا، ليڪن ڏسڻ ۾ سڪما. ڍاري ڍاري ھلندا به ھئا ۽ لڳاتار ڪچھري به ڪندا ويندا ھئا. لڳندو ايئن ھو؛ ڄڻ کين ڄنگھن ساھڻ کان وڌيڪ، ڪچھريءَ سان دلچسپي ھجي. ٻه قطارون ٺاھي، اڳيان پويان ھلندا ۽ ڳالھائيندا ويندا ھئا. اگر پيچري تي اڳيان ڪو ايندو ھو ته ان لاءِ وٿي ڇڏي ھڪ قطار ٺاھيندا ھئا ۽ ھلندڙ ڳالھ جو سلسلو ٽٽڻ نه ڏيندا ھئا. جھٽ گھڙي پيچري تي ھلڻ پڄاڻان، ويجھي ڪنھن بينچ تي ويھي رھندا ھئا. جھٽ سوا ساھي پٽڻ ۽ ھڪ ٻئي سان کل مذاق کانپوءِ وري پيچري تي پنڌ پوندا ھئا. منجھن ھڪڙو ڪراڙو، عجيب حليي جو ھو. اڪثر اڇي قميص، ساڳئي رنگ جي پتلون ۽ جوتا به اڇا پات، قد، وچٿرو ھئس. ڄنگھون سنھڙيون ۽ پيٽ وڌيل، اڇي قميص، پيٽ وٽ سوڙھي، عمر، ستر ٻاھتر سال.
پھريون دفعو جڏھن منھنجي نظر مٿس پئي ته ايئن لڳو ڄڻ ھو پوئين جنم ۾ مڇي رھيو ھوندو. مھنجي واتان اڻ لکو نڪري ويو؛ ”مڇي نما ماڻھو.“ مون کي ان عجيب خيال جو ڪو خاص سبب به سمجھ ۾ به نه آيو. شايد سنھيون ڄنگھون ۽ وڌيل پيٽ ڏسي، منھنجي ذھن ۾ اھو اڍنگو تصور اڀريو. پنڌ دوران، ساڻن ٻه دفعا آمھون سامھون اچڻو پوندو ھو. ھر چڪر ۾ منھنجي پھرين نظر، ان مڇي نما ماڻھوءَ تي پوندي ھئي. سندن ھڪڙو ٻيو جوڙيوال به ٿورو عجيب ھو. اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھا وار، سي به ڪلھن تي وڇايل. اھو وري ڀوري رنگ جي گھيريدار ڪانچ پائيندو ھو. سياري ۽ اونھاري، ساڳئي رنگ جي اوني چادر سان پاڻ کي ويڙھيو وتندو ھو. کيس منھنجي ذھن، ڪنھن ڏورانھين جھنگ جي ڪناري تي واقع اجڙيل مندر جو پروھت بڻائي ڇڏيو. اھڙي مندر جو جنھن جا پوڄاري زماني جي ڏاکڙن سبب، اھو ڳوٺ يا علائقو ئي تياڳي ويا ھجن ۽ ان جو ھاڻي اڪيلو نگھبان ۽ پوڄاري اھو اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھن وکريل وارن وارو پروھت ئي رھجي ويو ھجي، جنھن جي ايمان ۽ وابستگيءَ کيس مندر سان بيوفائي ڪرڻ نه ڏني ھجي. گھڻا دفعا ايئن به ٿيو ته مان ان پروھت متعلق سوچيندو ھئس ته منھنجو ذھن ان پارڪ مان نڪري ويران مندر ۽ ان جي اوس پاس موجود وڏي ۽ گھاٽي جھنگل جي سير تي نڪري ويندو ھو. جتي مندر کان ٿوري فاصلي تي موجود ھڪ اوچي پھاڙ مان وھندڙ چشمي جو پاڻي، جھٽ سوا انھيءَ پٿريلي ڪاراڻ مائل پھاڙ تي وھڻ پڄاڻان ھيٺ، ان جي پٿريلي دامن ۾ ڪري رھيو ھجي. انھن پٿرن تي مٿان کان ان آبشار جي ڪرڻ جو لاڳيتو شور ۽ چاندي نما ريٻڙي جون ڦڻگون. وري اھو پاڻي وھندو مندر جي پاسي ۾ ٺھيل ھڪ ڍنڍ ۾ ڪٺو ٿيندو ھو. اھا ڍنڍ ڪا وڏي به نه ھئي. لڳ ڀڳ پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦھليل ھوندي، جيڪا وري ھڪڙي نئي جي شڪل اختيار ڪري، جھنگ ۾ ئي غائب ٿي وڃي. ڍنڍ کان ٿوري فاصلي تي ان ڳوٺ جي گھرن جا اھڃاڻ ھئا، جنھن جي رھاڪن اھو مندر اڏيو ھوندو. ايامن تائين اتي ديوي ديوتائن جا ڀڄن ڳاتا ۽ پرشاد ورھايا ويا ھوندا. دنيا جي محرومين مان آجائيءَ لاءِ ياتري پرارٿنائون ڪندا رھيا ھوندا. مرادون پوريون ٿيڻ تي دھل ۽ نغارن جا آواز، جھنگل ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا ھوندا، سي به تڏھن، جڏھن ڪو پنھنجي باسيل سُکَ ماڻڻ پڄاڻان مٺائي ۽ ڪُٽي شڪراني طور ديويءَ جي چرنن ۾ رکڻ ايندو ھوندو. پوڄاري ۽ آيل ياتري، انھيءَ ڍنڍ جي صاف شفاف پاڻيءَ سان سنان ڪندا ھوندا. مندر جي درن ۽ درين تي ساوڪ ڦٽي آئي ھوندي. ڍنڍ سان گڏ ٺھيل پٿر جي ڏاڪڻين کي به جھنگلي ٻوٽا ۽ وليون چڱو خاصو ورائي ويون ھونديون. ٻيو ته انھن ڏاڪڻين، گھڻي وقت کان ڪنھن پوڄاريءَ يا ياتريءَ جي پيرن جو ڇھاءُ ئي محسوس نه ڪيو ھوندو، جيڪي ھتي سنان ڪرڻ يا تن صفائيءَ پڄاڻان، مندر اندر ديوتائن جي چرنن ۾ نِمَڻ لاءِ پنھنجي پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ، انھن ڏاڪڻين تي ھلندا ھوندا.
ھاڻي فقط زمين تي سُرندڙ جيت جڙا ھئا يا ڪنھن قضانِئي ڪي جھنگلي جانور پاڻي پيئڻ واسطي، ھيڏانھن اچن ته ڪن ڏاڪڻين تي به اچي ويھن. ھن ڳوٺ ۾ ھاڻي ڪجھ به باقي نه بچيو ھو. ھا گھٽين جا اھڃاڻ موجود ھئا، ور وڪڙ گھٽيون ھاڻ به موجود ھيون. گھرن جون ڇتيون ۽ ڪوٺن جا دروازا ڪو نه ھئا، مگر بيٺل ۽ ڊٺل ڀتيون، گھٽين جي موجودگيءَ جو سبب ھيون. ھڪ ھنڌ ڳوٺ جي مرڪزي تنور جا اھڃاڻ ھئا. منھنجو ذھن، انھن سمورين جاين تي گھومتاريون ڪندو رھندو ھو. ڪيترا دفعا ته ھرڻن جي ٽوليءَ ۾ ھليو ويندو ھو، جتي ٿوري فاصلي تي اس ۾ ليٽيل شينھن کين تاڙيندي نظر ايندا ھئا. وڻن تي باندرن ۽ لنگورن جا ٽپا ۽ مستيون. جڏھن ذھن ان کنڊر مندر، جھنگ جھر، آبشارن ۽ ڍنڍ جي سير پڄاڻان موٽي پارڪ ۾ ايندو ھو ته ڪيترا دفعا اھو سوال ساڻُ کنيو ايندو ته اھو پروھت ڪڏھن کان ھتي سير ڪرڻ ايندو آھي؟ ڇا ھن انھيءَ مندر کي خيرباد چئي ڇڏيو آھي يا رات جو موٽي مندر ويندو آھي؟ اڪثر انھيءَ تخيلاتي سوال جواب تي مان مشڪي ڏيندو ھئس.
سندن گروپ ليڊر، ھڪڙو ڊگھو ھمراھ ھو. ٺھندڙ جسم تي سھڻو لباس پاتل ۽ ھٿ ۾ لڪڻ ھوندو ھئس. اھو ڪو زميندار ھو جو اڪثر پنھنجي فصلن، گھوڙن، ڍڳين ۽ مينھن جا قصا يارن کي ٻڌائيندو ھلندو ھو. سندس پوکي راھي شايد سندس پٽن سنڀالي ھجي، جو جيڪي به واقعا ٻڌائيندو ھو سي اڳئين وقت جا ھوندا ھئا.
مان ڪيترائي دفعا ان ٽولي جي پويان پويان ھلندي، لاشعوري طور تي سندن پيرن تي ھلندو ھئس. ڪڏھن سندن رفتار کان ٿورو پوئتي ھٽي ھلندو ھئس، وري ڪڏھن اڳتي نڪري، ننڍيون ننڍيون وکون کڻي ھلندو ھئس ۽ سندن ڪچھري ٻڌندو ھلندو ھئس. اھي پنھنجي جواني، نوڪري، ڪاروبار، ٻارن ٻچن ۽ پوٽن ڏوھٽن بابت ڳالھيون ڪندا ھئا. منھنجي ان دوران ساڻن ڪابه عليڪ سليڪ نه ٿي. ايئن ٻه سال گذري ويا. البته پارڪ ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي. جنھن مان مون کي اھا سُڌ پئي ته پارڪ ۾ پنڌ ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪير ڪيترو پابند آھي. ھڪ ڏينھن، اھي سمورا گم ھئا. سندن مقرر وقت تي ڪو به نه آيو ھو. مون سوچيو شايد پاڻ ۾ صلاح ڪري وقت مٽائي ڇڏيو ھجين. ٻئي ڏينھن جڏھن انھن جھونڙن جو ٽولو اڳيان ايندو نظر آيو ته منجھن ”مڇي نما ماڻھو“ نظر نه آيو. سوچيم؛ شايد کيس ڪو ڪم ٿي پيو ھوندو يا طبيعت خراب ٿي پئي ھوندس. الائي ڇو منھنجي ذھن پاڻمرادو ان معاملي ۾ اھوئي ڪارڻ گھڙي ورتو. ٻئي ڏينھن به ھو نظر نه آيو. بلڪه ھو مون کي وري ڪڏھن به نظر نه آيو. لڳ ڀڳ ھفتو ته منھنجون نظرون کيس ڳولينديون رھيون. پوءِ مون گمان ڪيو ته شايد گذاري ويو آھي. ٿوري عرصي پڄاڻان ان اجڙيل مندر وارو پروھت به گم ٿي ويو. کيس نه ڏسي مان ٿورو ڏکارو ضرور ٿيس.
انھن ماڻھن سان منھنجي ھڪ قسم جي اڻ لکي وابستگي ٿي وئي ھئي. جڏھن پروھت کي ھڪ ھفتي تائين نه ڏٺم ته مون ھڪ ڏينھن ويجھو کان گذرندي کين سلام ڪيو، جنھن جي جواب ۾ سمورن وعليڪم السلام چيو. مون پروھت جي نه اچڻ جو ڪارڻ پڇين ته ان زميندار افسوس منجھان جواب ڏنو ته؛ ’اھو انتقال ڪري ويو.‘
”اوھ! مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو!“ جنھن جواب جي توقع ھئي، سو ٻڌي، مون پڻ ڏکاري شڪل ٺاھي چيس؛ ”کيس ڇا ٿيو؟“
”ڪو خاص سبب نه ھو!“ ڊگھي ھمراھ مشڪندي چيو؛ ”جنھن عمر جي حصي ۾ اسان آھيون، اتان ٻئي جھان ۾ وڃڻ لاءِ ڪنھن خاص وجهه جي ضرورت نه پوندي آھي. ھڪڙو معمولي بھانو ئي ڪافي آھي. جيئن ڪنھن وڻ جو زمين تي ڪريل سڪل پن، ھوا جي ھلڪي جھونڪي تي اڏامي، ڪٿان جو ڪٿي ھليو ويندو آھي. رب مٿس ٻاجھ ڪري.“
مان وک وڌائي، اڳتي نڪري ويس.
ان واقعي کان ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، مون کي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، ملڪ کان ٽي سال ٻاھر رھڻو پيو. جڏھن موٽيس ته ھڪڙي ھفتي تائين ته ڪي مصروفيتون رھيون ۽ مان پارڪ وڃي نه سگھيس. ان کانپوءِ وري باقاعدگيءَ سان وڃڻ لڳس. پارڪ ۾ گھڙندي ئي سڀ کان پھريون خيال مون کي انھن ڪراڙن جو آيو. مون کين ڏسڻ ۽ سندن خير خيريت ڄاڻڻ پئي چاھي. ٿوري دير کانپوءِ پري کان ايندي نظر آيا. معمول مطابق سندن ڊگھو ليڊر، مڙني کان اڳيان ھو. ويجھو اچڻ تي مون پھريون دفعو بيھي، ساڻن ملڻ چاھيو. ليڊر، پھرين منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. پوءِ سِڪَ مان ڳراٺڙي پاتائين؛ ”اوھان گھڻي وقت کانپوءِ نظر آيا آھيو. مون کي ڳڻتي ٿي پئي ھئي. حالانڪه اڃان تائين مون کي اوھان جي نالي جي به خبر ناھي!“
مون ورندي ڏنس؛ ”مان ملڪ کان ئي ٻاھر ھليو ويو ھئس.“ وري کلندي چيومانس؛ ”ھونئن به ھڪ دفعي پنھنجي ساٿيءَ جي وفات تي اوھان چيو ھو ته ان عمر ۾ مرڻ لاءِ ڪنھن خاص سبب جي ضرورت نه ھوندي آھي ۽ مان اڃان ان عمر ۾ پھتو ناھيان.“ مون واري ان گفتي تي اسان ٻئي مشڪياسين. ان کانپوءِ مون سندس ٻين ساٿين سان ھٿ ملايو. ليڪن منجھن سندن پراڻن ساٿين مان ھڪ به نه ھو. ھيءُ سمورا ھمراھ، زميندار سان انھن گذريل ٽن سالن ۾ اچي شامل ٿيا ھئا.
گھڻو زمانو ٿي ويو آھي، ان زميندار کي به دنيا ڇڏئي، ليڪن جھونڙن جو ھڪڙو ٽولو اڄ به قائم آھي. ھاڻ سندن اڳواڻ، ھڪڙو بت ۾ ڀريل، وچولي قد ڪاٺ ۽ لڳ ڀڳ 65 سالن جي عمر جو ھمراھ آھي. مان پوين ٿورڙن ڏھاڙن کان محسوس ڪري رھيو ھئس ته اھي مون کي ڪا ڳالھ چوڻ چاھين ٿا ۽ مون کي اندازو ھو ته ھو مون سان ڇا ٿا ڳالھائڻ چاھين. مڄاڻ مان اھا ڳالھ کانئن ٻڌڻ نه پئي چاھي. ٿورڙا ڏھاڙا ته مان کانئن لنوائيندو رھيس.
ھڪ ڏينھن انھن مون کي روڪي ورتو ۽ چيائون؛ ”سائين منھنجا! ھاڻ اوھان عمر جي جنھن حصي ۾ آھيو، ان ۾ اڪيلو واڪ ڪرڻ، بيزاريءَ جو باعث به آھي ۽ ان ۾ حفاظت به ناھي. ساھ تي ڪو اعتبار ناھي. اگر اوھان اسان سان شامل ٿيڻ مناسب سمجھو ته اسان کي خوشي ٿيندي.“
مون سندن ڳالھ مڃي ورتي.
پگھر ۾ شل، مشڪندڙ ۽ چمڪندڙ چھرن وارا نوجوان ڀڄندي، اسان ڏانھن ڏسندي گذري ويندا آھن. جيئن وھندڙ وقت گذري ويو. مان ڪيترائي دفعا سوچيندو آھيان: ”انھن جوان ماڻھن جي ذھنن ۾ مون لاءِ تصور ڪھڙو اڀرندو ھوندو؛ مڇي نما ماڻھو يا پروھت!“
***