ڪهاڻي : پير جو آشيرواد : پريا وڇاڻي
”آرتي او آرتي!“
”جي آئي ممي!“
”جلدي ڪم لاهي تيار ٿي، پوءِ اسان ٻئي ڄڻيون هلون ٿيون“
”ڪاڏي هلڻو آ ممي“
”اسان جي پاڙي واري سجاتا ٻڌائي پئي ته سمراٽ نگر ۾ هڪڙو وڏو پهتل پير آيو آهي، جنهن جو درشن ڪري آشيرواد وٺي، هن جا ٻڌايل ڏس پتا ڪرڻ سان چڱن ماڻهن کي اولاد نصيب ٿي آهي، مون سوچيو توکي به وٺي ٿي هلان، متان ان پير جي آشيرواد سان، تنهنجي گود ڀرجي“
”پر ممي! اهي سڀ رڳيون سکڻيون ڳالهيون آهن، ڪنهن پير فقير جي آشيرواد سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو آهي.“
”بحث نه ڪر، توکي جيڪو چيم اهو مڃ، شادي ڪئي پنج سال ٿيا اٿئي، اڃان تائين هڪ وارث نه ڏئي سگھين آهين ۽ ڳالهيون وري وڏيون وڏيون، وڃ جلدي تيار ٿي اچ“
”پر ممي!“
”توکي هڪ ڀيري ۾ ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي آهي!“
آرتي سس جي اڳيان ڪجھ ڪڇي ڪا نه سگهي ۽ ڪمري ۾ هلي وئي. هن جو موڊ خراب ڏسي ديپڪ ئي کانئس پڇيو ”ڇا ڳالھ آھي آرتي! موڊ ڇو خراب ٿو لڳي تنهنجو؟“
ديپڪ! مان هاڻي هي مندر ٽڪاڻا گهمي گهمي ۽ ورت رکي ٿڪجي پئي آهيان، ممي ته خير پراڻي زماني جي ٿي، پر توهان ته پڙهيل ڳڙهيل آهيو، توهان ڇو نٿا سمجهو ته هنن پيرن فقيرن وٽ وڃڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو، ٻار ٿيڻ ورتن جي نه ٽريٽمينٽ جي ضرورت آهي، ڪنهن پير جي نه ڊاڪٽر جي ضرورت آهي، ممي ته منهنجي ڪا ڳالهه نه ٿي ٻڌي، گهٽ ۾ گهٽ توهان ته ٻڌو“
”مان توسان گڏ آهيان آرتي! پر مميءَ کي ڪير چوي، هوءَ ٿورن پراڻن خيالن جي آهي“
”مڃان ٿي مميءَ جا خيال پراڻا آهن، پر توهان جا ته ناهن نه، اسان ٻئي مميءَ کي بنا ٻڌائڻ جي ٽريٽمينٽ ڪرائي سگهون ٿا.“
”توکي چڱيءَ طرح خبر آهي مان مميءَ سان ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان ۽ هيئن لڪي ڇپي ڪري ڪم ڪرڻ مون کي ڪونه ايندا آهن ۽ نه ئي ڪا مون کي ڪنهن ڊاڪٽر کان ٽريٽمينٽ جي ضرورت آهي، مان مرد آهيان مرد، آيئي ڳالھ سمجھ ۾؟ هاڻي وڃ جيئن ممي چوي ٿي تيئن ڪر، مون کي سوال جواب نه کپن.“
آرتي اندر ئي اندر لڇندي رهجي وئي، پر سس جي ڳالھ مڃڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري ڪا نه سگهي.
پيرن فقيرن جي ڏس پتن تي نهڪر ڪرڻ واري آرتي هاڻي پاڻ ئي ان پير جي ڏسن تي هلي رهي هئي. هن جو بغاوت ڪرڻ وارو سڀاءُ مٽجي ويو هو، سس جي چوڻ تي ورت پڻ رکڻ لڳي ۽ جيئن چيو ويو تيئن ڪرڻ لڳي. ڊاڪٽر ڏي وڃڻ جي ڳالھ پڻ ڪا نه پئي ڪري. اهو ڏسي ديپڪ خوش هو، روز جي سوالن جوابن کان هن کي ڇوٽڪارو ملي ويو هو ۽ گهر ۾ سس ننهن جي کٽ پٽ پڻ شانت هئي.
آرتي جيئن ننڊ مان اٿي هن کي الٽي ٿيڻ لڳي، آرتيءَ کي الٽي ڪندو ڏسي ديپڪ ٿورو گهٻرائجي ويو ”ڇا ٿيو آرتي طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا؟“
”الٽيون ۽ چڪر ٿا اچن“
”ڪلھ ڪجھ الٽو سڌو کاڌو ھوندئي، ان ڪري فوڊ پوائيزنگ ٿي وئي هوندئي“
”ها ٿي سگهي ٿو، ڪلھ چٽڻي کاڌي هئي.“ ڪجهه سوچيندي وري چيو ”ٿي سگهي ٿو ايسڊٽي هجي، پيريڊس پڻ ليٽ ٿي ويا آهن“
”هل ڊاڪٽر ڏي ٿا هلون، دوا وٺندينءَ ته ٺيڪ ٿي ويندينءَ“
”پر اڄ دوا ڪيئن وٺنديس، اڄ ته منهنجو ورت آهي“
”ڇڏ هاڻي ورتن کي، پهريان پنهنجي طبيعت کي ڏس، تون ٺيڪ هوندينءَ ته ٻار به ٿي ويندو.“
”واڌايون هجن مسٽر ديپڪ! آرتيءَ کي ڏينهن چڙهي ويا آهن، جلدي توهان جي اڱڻ ۾ خوشيون اچڻ واريون آهن.“
”ڇا!!“ ديپڪ حيران ٿي ويو ”توهان سچ ٿا چئو ڊاڪٽر!؟“
”ها مسٽر ديپڪ!“
آرتيءَ مشڪندي ديپڪ ڏانهن نهاريو، پر ديپڪ کي اڃان به پنهنجن ڪنن تي وشواس ڪو نه پيو اچي.
سڌو گهر نه وڃي ديپڪ گاڏي هڪ گارڊن وٽ روڪي ”ٿوري دير هتي ويهون ٿا“
”هت پر هت ڇو؟ سڌو گهر هلو ته مميءَ کي اها گڊ نيوز جلدي ڏيون، هو پڻ ڪيڏا خوش ٿي ويندا“
”ها هلون ٿا، پهرين هتي ويھ ٿورڙي دير، توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
گارڊن ۾ ڪنڊ واري بينچ تي وڃي ٻئي ڄڻا ويهي رهيا. آرتي جيترو خوش هئي، ديپڪ اوترو ئي منجهيل ڏسڻ ۾ پئي آيو.
”ڪهڙي اڻ تڻ ۾ آهيو؟“
”آرتي! مون توکان هڪ ڳالھ لڪائي آهي، پر هاڻي توکان وڌيڪ نه لڪائي سگهندس“
”ڇا ڳالهه آهي، ڇا لڪايو اٿوَ؟“
”ڪاليج جي ڏينهن ۾ منهنجو بائيڪ سان ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، اها ڳالهه ته توکي خبر آهي.“
”ها توهان ٻڌائي هئي، پر هيئنر ان ڳالهه جو ذڪر ڇو؟“
”ان ايڪسيڊنٽ ۾ مون کي رڳو ٻاهريان ڌڪ ئي نه لڳا هئا، پر اندروني ڌڪ پڻ لڳا هئا ۽ ان ايڪسيڊنٽ منهنجي پيءُ ٿيڻ جي سگهه کسي ڇڏي هئي.“
ديپڪ هيٺ گهاءُ ڏانهن نهاريندو رهيو ۽ آرتي ديپڪ ڏانهن حيرت مان نهاريو پئي، اهي لفظ ٻڌي هن جي نيڻن ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”توهان کي پهريان ئي ان ڳالهه جي خبر هئي ته توھان پيءُ نه بڻجي سگهندا…“
ايڪسيڊنٽ جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ئي ڊاڪٽر ٻڌايو هو.
”ان ڳالهه جي خبر ممي پپا کي به هئي يا نه؟“
” نه، مون ڊاڪٽر کي منع ڪئي هئي ته هو ڪنهن کي نه ٻڌائي“
”توهان کي ان ڳالهه جي خبر هئي تڏهن توهان ڊاڪٽر ڏي هلڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا ۽ نه ئي توهان مون کي ٻڌائڻ ضروري سمجهو هو، جڏهن به مون توهان کي چيو مان ڏس پتا ڪري، ورت رکي، ٿڪجي پئي آهيان، مون کان ڪو نه ٿو ٿئي هي سڀ، تڏهن به توهان ڪجهه ڪو نه چيو، نه مون کي ۽ نه پنهنجي ماءُ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي… واھ ديپڪ! تمام گهڻو سٺو ڪيوَ“
”اهو سڀ ڇڏ هاڻي اهو ٻڌائي جڏهن مان پيءُ بڻجي ئي نٿو سگهان ته تون پيٽ سان ڪيئن ٿي آهين! ڪنهن جو ٻار آهي هي، ڪاڏي وئي هئينءَ خاندان جي عزت وڃائڻ“ ديپڪ جو آواز کهرو هو.
”واھ… اڃان به توهان کي منهنجين تڪليفن جو ڪو به احساس ڪونهي، پر ان ڳالهه جي چنتا آهي ته مان ڪاٿي وڃي خاندان جي عزت لهرائي آيس، مون ته سوچيو هو توهان کي سچ ضرور ٻڌائيندس، پر هاڻي ديپڪ…! جنهن انسان کي منهنجي تڪليف سان ڪو واسطو ناهي ان کي سچ ڄاڻڻ جو اڌيڪار ڪانهي. هاڻي هلون گهر“
آرتي اٿي بيٺي
”گهر…! تون گهر هلڻ جي لائق رهي آهين!؟“
”هلو ته سهي، گهر هلون ٿا، مان پنهنجو سامان کڻي وڃان ٿي ۽ ويندي ويندي مميءَ کي ٻڌايان ٿي ته پير جو آشيرواد سڦلو ٿيو اٿوَ، انهن کي به ته خبر پوي پير ڪيترو پهتل آهي ۽ توهان پوءِ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ هن سماج کي به منهنجي گهر ڇڏي وڃڻ جي وجهه ٻڌائجو، هلو اٿو توهان ٻڌائي سگهو ٿا سڀني کي، ڇو ته توهان ئي چيو هو ته مرد آهيو، توهان مرد“
ديپڪ بي حواس ٿي بينچ تي ويٺو رهيو.
***
پريا وڇاڻي جو مختصر تعارف
پريا وڇاڻي (ڪلياڻ-ممبئي) جي هيءَ پهرين ڪهاڻي همسري مئگزين ۾ شامل ٿي رهي آهي. سندس لکڻ جي شروعات 2014 کان هندي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ سان ٿي، جڏهن ته هندي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ نثر پڻ لکيو اٿس. شاعريءَ ۾ غزل، ڪويتائون، نظم، گيت، دوها، ڇند، هائڪا ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي پڻ ڪئي اٿس. جڏهن ته نثر ۾ ڪهاڻيون ۽ آرٽيڪل لکيا آهن. شاعري ۾ سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جي 15 کان وڌيڪ گڏيل مجموعن ۾ سندس شاعري ڇپي آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي نفسياتي مسئلن بابت لکيل ڪهاڻين تي هڪ مجموعو شايع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته عورتن جي مسئلن تي لکيل ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ آهي ۽ ان کان علاوه سندس هڪڙو ناول پڻ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي.

