ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو؟

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو؟

الطاف شيخ

ٿائلنڊ جو ڪنچن بوري شهر بئنڪاڪ کان ائين آهي جيئن لاڙڪاڻو ڪراچيءَ کان. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ جهازراني جي  ڪانفرنس دوران هڪ ڏينهن صبح جي اڏام ۾ پنهنجي هڪ جهازي دوست سان ملڻ لاءِ ڪنچنبوري هليو ويو هوس. آئون هن شهر ۾ پهريون دفعو وڃي رهيو هوس ۽ مون اهوئي سوچيو ته جهاز ۾ اڏام دوران ڪنهن مسافر کان کڻي  هن شهر بابت  پڇندس.  پر  جهاز ۾ چڙهڻ وقت  جڏهن چوڌاري نظر وڌم ته مونکي يورپي، جپاني ۽ ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي نظر آيا.  شايد ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هن شهر ۽ صوبي جو ڪو ويٺل به هجي نه ته ظاهري طرح ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي هئا جيڪي ٻي جنگ عظيم  جي تاريخي پُل ڏسڻ لاءِ هن شهر ڏي وڃي  رهيا هُئا جنهن تي 1952ع ۾ فرينچ ليکڪ پائري بولي The Bridge on River Kawai نالي ناول لکيو ۽ 1957ع ۾ ڊئريڪٽر ڊئوڊ لين ساڳي نالي سان فلم ٺاهي جيڪا دنيا جي مشهور فلمن مان هڪ آهي. بهرحال ٿائلنڊ جي  هن شهر ”ڪنچن بوري“ وڃڻ مهل  مونکي احساس ٿيو ته اتي جا مڪاني ماڻهو ته جهاز بدران بس يا ٽرين ۾ ئي ويندا هوندا ۽ هاڻ لاڙڪاڻي باءِ  ايئر وڃڻ جو پروگرام ٺاهي مون اهو ئي سوچيو پئي ته هن فلائيٽ ۾ مون سان گڏ پڪ ٿائلئنڊ جي شهر ڪنچنبوريءَ وانگر ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ هوندا جيڪي موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ هلندا هوندا. آخرڪار موهن جو دڙو ”ڪوائي نديءَ“ تي ٺهيل پُل کان تمام گهڻي اهميت  رکي ٿو.  ڪنچن بوري  واري اڏام ۾ منهنجي ڀر ۾ ويٺل فرينچ جوڙي اهو ٻڌايو ته جڏهن کان  هنن اها فلم ڏٺي تڏهن کان هنن کي اها حسرت هئي ته حياتي ۾ هڪ وار اها تاريخي  پل ضرور ڏسجي. ان حسابَ سان ڏٺو وڃي ته موهن جو دڙو ڏسڻ جي خبر ناهي ڪيترن ماڻهن کي حسرت هوندي. بئنڪاڪ کان  روزانو هڪ اڏام ڪنچن بوري وڃي ٿي. ان کان علاوه هفتي ۾ ٽي دفعا ٿائلنڊ جي ٻين شهرن: پتايا، چَنگ مائي ۽ سَونگڪلا شهرن کان ٽوئرسٽ کڻي ڪنچن بوري اڏامون پهچن ٿيون. پر مونکي رڳو اها ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته موهن جي دڙي لاءِ ڪراچيءَ کان هفتي ۾ فقط هڪ اڏام ڇو ڪافي سمجھي وڃي ٿي. اهي ڌاريان ٽوئرسٽ جيڪي لاهور، پشاور، گلگت ۽ ڪوئٽا جهڙن شهرن ۾ اچن  ٿا اهي موهن جودڙو خبر ناهي ڪيئن پهچندا هوندا. جيتوڻيڪ موهن جو دڙو اهڙي ته اهم تاريخي شيءِ آهي جو ان کي ڏسڻ لاءِ ڪٽڪ ماڻهن جا ڌارين ملڪن کان سڌو موهن جي دڙي تي ائين پهچڻ کپن جيئن مختلف ملڪن کان سياحن سان ٽٻ  اڏامون تاج محل کي ڏسڻ لاءِ سڌو آگري لهن ٿيون، ايران جو تخت جمشيد (Persepolis) ڏسڻ لاءِ سڌو فارس صوبي جي شهر شيراز ۾ لهن ٿيون، سري ادا (حضرت آدم عليه السلام جي پيرن جا نشان) ڏسڻ لاءِ سري لنڪا جي ڏورانهين ڳوٺ رتناپور ۾ لهن ٿيون…..

بهرحال گهران نڪرڻ وقت مون کي اهو احساس هو ته اڄ آئون پنهنجي صوبي جي هڪ شهر کان ٻئي شهر پهريون دفعو سفر ڪندس، جيڪو بلڪل ننڍڙي عرصي (ڪلاڪ کان به گهٽ) جو هوندو ۽ جنهن ۾ مونکي فارينرس سان ملڻ ۽ انهن کان منهنجي ملڪ ۽ موهن جي دڙي بابت راءِ پڇڻ جو موقعو ملي ويندو.

منهنجي اڏام پنجين بجي هئي. ڊوميسٽڪ  فلائيٽ هجڻ ڪري مونکي اهو ئي ٻڌايو ويو ته ڪلاڪ کن اڳ ۾ اچڻ ڪافي آهي پرڪراچي جون حالتون روز وانگر نه ته هر ٻئي  يا ٽئي ڏينهن وانگر خراب هيون. ٻن ڏينهن کان CNG گئس بند هجڻ ڪري ٽئڪسي ملڻ جو به  آسرو گهٽ هو سو ٻي بجي ئي گهران نڪتس. ايئرپورٽ اندر پهچي يونيفارم ۾ هڪ همراهه کان  پڇيم ته لاڙڪاڻي وڃڻ  لاءِ  PIA جي ڪهڙي  ڪائونٽر تان بورڊنگ ڪارڊ وٺان؟ هن جنهن  ڪائونٽر ڏي اشارو ڪيو ان مٿان فيصل آباد جي اڏام جون نيان بتيون ٻري رهيون هيون. پر مون جڏهن موهن جو دڙو جي ٽڪيٽ  اڳيان وڌائي ته ڪمپيوٽر پويان ويٺل ڇوڪريءَ ان کي قبول ڪري مون لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ٺاهڻ لڳي ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻي ڇوڪريءَ مونکي سامان رولر تي رکڻ لاءِ چيو. 13 ڪلو تور ڏسي مونکي افسوس ٿيو. گهر ۾ ئي خبر پوي ها  ته سمورو سامان ڪنهن ننڍي بئگ يا ٿيلهي ۾ وجھي پاڻ سان جهاز اندر  کڻي وڃان ها ۽ سامان جي گم ٿيڻ جي جوکم کان بچي  وڃان ها. جيئن خط استوا کان قطبن وٽ هر شيءِ جو وزن وڌيو وڃي تيئن ماڻهوءَ کي ستر سالن جي عمر کي پهچي ته 13 ڪلو وزن 30 ڪلو محسوس ٿئي ٿو. انچارج ڇوڪريءَ کي چيم ته بئگ تي  موهن جو دڙو ايئرپورٽ جو ئي اسٽڪر هڻجانءِ…. گذريل ٻن PIA  جي اڏامن ۾ منهنجي بئگ گم ٿي چڪي آهي….. مون سمجهيو منهنجو اهو دڙڪي نما چتاء هوءَ دل ۾ ڪندي. پر لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي پِيا (PIA) جي سورن کان واقف هئي. مون تي رحم کائي ٽڪيٽ ٺاهڻ واري ڇوڪريءَ ٻيءَ کي چيو ته هن تي ”هو“ اسپيشل اسٽيڪر هڻي ڇڏ. پر هن اهو ”هو“ وارو اسٽڪر کڻڻ بدران مونکي رازدانه انداز ۾ چيو ته ”سر ائين ڪرڻ سان بئگ چوري  ٿيڻ جا چانس وڌيڪ آهن. ايئرپورٽ جا چورَ سمجھندا هن ۾ ڪو خاص مال آهي“.

بورڊنگ ڪارڊ وٺي اڳيان انتظار گاهه واري لائونج ڏي اهو سوچيندو وڌيس ته بئگ گم ٿيڻ جي تعدي به مون سان ٿي ٿئي. شل هن دفعي نه ٿئي. لاڙڪاڻي ۾ سخت سيءُ آهي بنا گرم ڪپڙن جي گذارو ڪيئن ٿيندو! انتظار گاهه ۾ وهڻ لاءِ ڪرسي ته ڇا بيهڻ جي به جاءِ نه پئي ملي. پڇائيندو پڇائيندو ان هنڌ وڃي بيٺس جتي موهن جو دڙو وڃڻ لاءِ  ٻيا به ماڻهو هئا. تقريباً سڀ سنڌي ٽوپي يا پٽڪي ۾ هئا. سڀ هڪ ٻئي سان ٻروچڪي يا سرائڪي ڳالهائي رهيا  هئا. پڇڻ تي خبر پيئي ته هو سڀ جدي کان رات هتي  پهتا آهن ۽ سندن صبح جو يارهين بجي اڏام هلڻي هئي سا اڃان تائين پئي Postpone ٿئي. اهڙي طرح PIA جون ٻين شهرن  جو اڏامون ڪئنسل پئي ٿيون. مسافرن ۾ ايڏو ته تاءُ هو جو ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ  اڏام هلي ٿي ته ٻين شهرن جي مسافرن PIA جي خلاف وٺي ٿي نعري بازي ڪئي. مونکي لڳو ته موهن جو دڙو جي اڏام هلي ته به پهرين هنن جدي کان آيل گهوٽڪي جي ٻروچن کي جاءِ ملندي.  ڪلاڪ ڪلاڪ گذري پنج ٿيا پر موهن جي دڙو جي اڏام جي ڪا خبر نه. ساڍي پنجين  مونکي منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو جو ڪلاس ميٽ شوڪت  جماڻي نظر آيو. هن کي ساڳي اڏام ۾ سکر وڃڻو هو. هن ٻڌايو ته ڪا خبر نٿي پوي ڪڏهن سکر لاءِ الڳ ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ لاءِ الڳ جهاز هوندو آهي، ڪڏهن هڪ ئي هوندو آهي. ڪڏهن ننڍو جهاز هوندو آهي ته ڪڏهن وڏو هوندو آهي……. ڪجهه ڪلاڪن بعد اٽڪل  رات جو نائين بجي ڌاري پنهنجي اڏام جو  اعلان ٻڌوسين. اسان جو جهاز ساڳيو هو. چوڌاري نظر ڦيرايم ته اسين سڀ ديسي ماڻهو هئاسين. موهن جو دڙو جو سڪايل ڪو هڪ به گورو نه هو. شوڪت چيو ته بهتر ٿيندو آئون هن سان گڏ سکر  لهي پوان. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ لاءِ اٿئي ڪا هوٽل به ڪانه ۽ پنهنجي سنڌ جي امن امان جي حالتن کان واقف  هوندين.

ننڍڙو جهاز مسافرن کي مٿي ۾ سور وجھندو سوا ڪلاڪ بعد سکر پهتو. هڪ ٻئي پويان سڀ سکر ۾ لهي ويا باقي ڪي اسان ست ڄڻا  بچياسين جن کي جهاز اڌ ڪلاڪ بعد اچي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي  ڦٽو ڪيو.  بجلي بند هئي،  جنريٽر جي زور تي ايئرپورٽ جي ٻرندڙ چنجھين بتين مان نڪري ٻاهر آيس ته چوڌاري اونداهه انڌوڪار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي گاڏي اچي منهنجي اڳيان بيٺي جيڪي منهنجا ميزبان هئا…… دل ۾ چيم ته اسانجي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ کي ته وڏو مَرڪُ آهي ته فارينر ٽوئرزم لاءِ سنڌ ۾ اچن. حاڪمن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ لاءِ اسان ديسي ماڻهن جي ئي حالت خراب ٿيو وڃي سو يورپ ۽ آمريڪا جا گورا  اچي پنهنجي قيام ڪاري ڪندا ڇا؟!

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments