گرم گرم حلوو کارايوس…

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

گرم گرم حلوو کارايوس…

الطاف شيخ

ڊاڪٽر گھاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو ته آڌيءَ رات جو سندس ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.

“هيلو” ڊاڪٽر فون کنيو.

“توهان ڪٿان پيا ڳالهايو؟” فون ڪندڙ پڇيو.

“دوزخ مان. ” ڊاڪٽر چڙ مان چيو، “ڪهڙو ڪم آهي؟”

“بس بس، اهو ئي معلوم ڪرڻو  هو ته توهان جهڙو بدتميز ڊاڪٽر ڪٿي جنت ۾ ته نه پهچي ويو”.

سنگاپور ۾ Coronet پبلشرن طرفان گرائمي گارڊن جو ڪتاب The best Medicine نالي ڇپيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن تي سوين لطيفا آهن. مٿيون لطيفو پڻ انهن مان هڪ آهي. گرائمي گارڊن پاڻ به ڊاڪٽر آهي ۽ انگلنڊ جو مشهور چرچائي اداڪار پڻ. هن ڪتاب مان ٿيندڙ فائدو، هن عذر وارن ٻارن جي علاج لاءِ ڏيڻو ڪيو آهي.

هونءَ ڊاڪٽر کي آڌيءَ رات جو ننڊ مان اٿاري علاج پڇڻ اجايو آهي. هو ان ٽاڻي ڪڏهن به غور سان ڳالهه ٻڌي توهان کي مرض جو صحيح علاج نه ٻڌائيندو. في الحال ٽارڻ خاطر ائسپرو يا پئناڊال جهڙي سور جي يا وئليم جهڙي ڪا ننڊ جي گوري، ڏَسي ڇڏيندو. جيئنمرض نه ته گھٽ ۾ گھٽ مريض صبح تائين پري هجي. ڏينهن ٿيڻ تي ڏٺو ويندو. هن ڪتاب ۾ هڪ ٻيو لطيفو آهي جنهن ۾ آڌيءَ رات جو ڊاڪٽر جي ننڊ ڦٽائڻ بدران، ڊاڪٽر پاڻ نل ٺاهڻ واري مستريءَ (پلمبر) جو سک ڦٽائي ٿو. لطيفو هن ريت آهي:

رات جو ٽين وڳي ڊاڪٽر پلمبر کي فون ڪيو:

“اسان جي باٿ روم جو گٽر چوڪ ٿي ويو آهي. هڪدم اچ.”

پلمبر ننڊاکڙي حالت ۾ ڀٽڪندو پهتو. کيسي مان ائسپرين جون ٻه گوريون ڪڍي، گٽر ۾ اڇلي، ڊاڪٽر کي چيو:

“صبح تائين نه کلي ته فون ڪجانءِ”. ۽ پوءِ هليو ويو.

هڪ ٻيو لطيفو مريض جي مائٽن بابت آهي جيڪي سندس آخري ديدار لاءِ سيرانديءَ کان اچي گڏ ٿيا.

“تنهنجي مُنهن جي رونق مان لڳي ٿو ته هاڻ بهتر آهين.”  هڪ دلداري ڏنس.

“ڊاڪٽر رات ٻڌايو پئي ته تنهنجي رت جا ٽيسٽ به صحيح آيا آهن.”  ٻئي چيو ۽ ٽئين نبض ڏسي دلداري ڏنس: “تنهنجي نبض به نارمل ماڻهن وانگر لڳي رهي آهي.”

جواب ۾ مريض چپن تي مرڪ آڻي چيو: “اهو ٻڌي عجيب ڪيفيت طاري ٿي رهي آهي ته آئون بيماريءَ جي حالت ۾ نه پر چڱڀلائيءَ جي حالت ۾ مرڻ وارو آهيان.”

ان سان ڪجھه ملندڙ جلندڙ چرچو ياد ٿو اچي جيڪو جيتوڻيڪ ان ڪتاب ۾ ته نه آهي، پر هتي ڏيڻ بي مهل نه ٿيندو: اهو ان مکر واري مريض بابت آهي جنهن کي ٿيو ڪجھه نه هو پر ساڻو ٿي بستر تي ڪِري پيو هو. پڇڻ وارن مٽن مائٽن مان ڪو چوي ته ڏينهن لڳو اٿس گلوڪوس جي ڊرپ هڻوس. ڪو چوي ته مٿي تي ٿڌو پاڻي وجھوس. ڪو چوي ته فلاڻي دوا گھوٽي پياريوس،

در وٽ بيٺل هڪ همراهه پنهنجي جهيڻي آواز ۾ ذري ذري چئي رهيو هو: “بابا هن کي گرم گرم حلوو کارايوس پاڻهي صحيح ٿي ويندو.” پر ان ڏي ڪنهنجو ڌيان نه پئي ويو. آخر مريض پاڻ رڙ ڪري چيو ته ”ٻيلي هن جي به ته ٻڌو جيڪو در جي ٻاهران بيهي ڪجھه چئي رهيو آهي).

مريض جي وفات بعد، سندس وصيت جي پوئيواري ڪندڙ وڪيل وٽ، ڊاڪٽر پهتو- جيڪو آخري ڏينهن ۾ مريض جو علاج ڪري رهيو هو.

“وڪيل صاحب! منهنجي علاج جي فيءَ لاءِ ضروري سمجھو ته قسم نامون به لکي ڏيانوَ ته مريض مرڻ وقت منهنجي علاج هيٺ هو.”

“ ان جي ڪا ضرورت  ناهي.” وڪيل ڌيرج سان وراڻيو، “هن جو موت ئي وڏي ثابتي آهي ته هن ضرورتوکان علاج ڪرايو هوندو.”

هڪ مائيءَ کي ننڊ نه اچڻ جي بيماريءَ جي علاج لاءِ ڊاڪٽرياڻيءَ چيس:

“ڪڏهن به خالي پيٽ تي نه سمهندي ڪر، ڀريل پيٽ تي ننڊ جھٽ اچي ٿي.”

“پر گذريل سال ته تو مون کي کائي سمهڻ کان منع ڪئي هئي.”

ڊاڪٽرياڻي ڪياڙي کنهندي چيو:“ ها اها پَرَ سال جي ڳالهه آهي، ان کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گھڻي تبديلي آئي آهي”.

هڪ ٻئي لطيفي ۾ آهي ته ڊاڪٽر ان مريض کان پڇيو جيڪو ٻئي ڪن ساڙي، هن وٽ علاج لاءِ پهتو هو:

“توسان اها ويڌن ڪيئن ٿي؟”

“ٽي وي ڏسڻ مهل منهنجي زال استري پئي ڪئي، استري بلڪل فون ڀرسان رکي هئي. جيئن ئي گھنٽي وڳي ته ڀل ۾ مون کڻي استري ڪن تي رکي.”

“ پر پوءِ ٻيو ڪن ڪيئن ساڙيئي؟” ڊاڪٽر پڇيو.

“ ان بعد منهنجي زال پنهنجي پر ۾ عقلمدي ڪري استريءَ کي فون واري جاءِ تي ۽ فون ويجھو ڪري رکيو. مون کي خبر ئي نه. سو جيئن ئي ٻيو دفعو فون جي گھنٽي وڳي ته مون وري پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري هٿ ڊگھيڙي پري رکيل شيءِ کي فون سمجھي کڻي ڪن تي رکيو ته ٻيو ڪن به سڙي پيو.”

ڊاڪٽر مريض کان پڇيو: “کنگھه جي دوا سڀ پيتئي يا نه؟”

مريض: “نه مون پهرين ئي سُرڪ ڀري اهو فيصلو ڪيو ته اهڙي دوا کان ته کنگھه ڀلي آهي.”

بيمارين، دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي اچي ڳالهه نڪتي. هڪ همراهه  چيو:

“ڊاڪٽر وٽ وڃان ٿو ته ٻُڪَ ٽڪن جا هن کي ڏيان ٿو. آخر  هن کي به ته جيئرو رهڻو آهي. اهڙي طرح دوا لاءِ ڪيمسٽ وٽ وڃان ٿو، آخر ان کي به ته جيئرو رهڻو آهي. ان کان دوائون وٺي اچيو گند جي دٻي ۾ ڦٽيون ڪريان.آخر مون کي به ته جيئرو رهڻو آهي.”

ڊاڪٽرياڻيءَ پريشان همراهه کي فون تي چيو: “ توهان زال جي علاج جو بلڪل فڪر نه ڪريو. بس ائين سمجھو ته اسپتال مان جڏهن توهان جي گھر ايندي ته  بلڪل نئين زال هوندي.”

“سچ” خوش ٿي همراهه وراڻيو، “پر منهنجي زال کي خبر پئجي وئي ته…”

بي وقتو مريض کي ايندو ڏسي ڊاڪٽر چيس:

“توکي خبر ناهي ته منهنجي اسپتال جو وقت صبح جو نائينکان شام جو چئين وڳي تائين آهي؟”

“ها سائين” مريض وراڻيو، “مونکي ته خبر آهي پر پاڻ واري گھٽيءَ جي ڪتي، جنهن مون کي چڪيو آهي، تنهن کي خبر ناهي.”

هڪ عورت ايمرجنسي وارڊ ۾ فون ڪيو:

“ڊاڪٽر صاحب! منهنجو پٽ انڊپين ڳِهِي ويو آهي.”

ڊاڪٽر: “ آئون اوزار کڻي هينئر ئي ٿو پهچان. تيسين تون ڇاٿي ڪرين؟”

عورت: “تيسين آئون کڻي پينسل سان ئي ٿي لکان.”

ڪنهن مريض ڊاڪٽر جي گھر جو بيل وڄايو.

ڊاڪٽر جي زال در کوليو.

مريض: “ڊاڪٽر آهي؟”

زال: “ نه. هليو آءُ”.

ڊاڪٽر گارڊن مٿئين ڪتاب کان علاوه ٻئي ڪتاب The Hypochondriac’s Almanac جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جنهن لاءِ گھڻن جو اهو رايو آهي ته اهو ڪتاب ان شخص لاءِ بهترين تحفو آهي جنهن وٽ هر شيءِ هجي.

ظاهر آهي هن ۾ ڪيترائي لطيفا ماهر نفسيات Pascyhiatrists تي آهن.

نفسيات جي ماهر هڪ مريض کان پڇيو:

“مون کي پاڻ بابت، مٿان کان وٺي ڪجھه ٻڌاءِ.”

“ها ڊاڪٽر صاحب.”  مريض وراڻيو. “پهرين پهرين مون اڀ اپايو، ان بعد هيءُ ڌرتي…”

هڪ ٻئي مريض، نفسيات جي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته خبر ناهي ڇو هو پنهنجو پاڻ کي هر وقت ڪتو ٿو سمجھي.

ماهر نفسيات: “ڀلا اهو احساس توکي ڪڏهن کان آهي ته تون ڪتو آهين؟”

مريض: “ جڏهن کان آئون پونگڙو هوس.”

ماهرِ نفسيات : ڏاڍي ٻڌايئي. چڱو ڀلا ڪوچ تي ليٽ ته ڪجھه ٻيا سوال پڇيانءِ.”

مريض: “ مون کي ڪرسي، پلنگ يا ڪنهن ٻئي فرنيچر تي ويهڻ جي اجازت ناهي.”

هڪ ماهرِ نفسيات ٻئي کان پڇيو: “ تو Schizophrenics مريض جي علاج ۾ ماهريت حاصل ڇو ڪئي آهي؟”

وراڻيائين: “ ان کان علاوه ٻئي ڪهڙي مريض کي توهان مهيني ۾ ٻه بل موڪلي سگھو ٿا؟”

( ياد رهي ته Schizophrenics وراهيل شخصيت وارن نفسياتي مريضن کي سڏجي ٿو.)

نفسياتي علاج جي ڪلينڪ تي هڪ مريض تمام منڌل حالت ۾ پهتو .

“ڊاڪٽر صاحب! مون کي ڊپ وارا خواب نظر اچن ٿا.” هن پنهنجي پريشانيءَ جو سبب ٻڌايو. “روزانو رات جو خواب ۾ اٺ ڏهه ٿلهيون متاريون ڇوڪريون مون کي ڀاڪرن ۽ چمين سان ورايون وڃن.”

“ سو ان ۾ خوف يا پريشانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” ڊاڪٽر پڇيو.

“خواب ۾. آئون به ڇوڪري هوندو آهيان.”

مسٽر گارڊن جي هنن لطيفن جي مجموعي جو گھڻو ڀاڱو آپريشنن بابت آهي.

هڪ مريض آپريشن وقت سرجن کي چيو: “سائين ڏاڍو ڊڄان ٿو. ڇا ڪريان. منهنجي زندگيءَ جو هيءُ پهريون آپريشن آهي.”

سرجن وراڻيو: “تنهنجي پريشاني چڱيءَ طرح سمجھي سگھان ٿو. در اصل منهنجو به هيءُ پهريون آپريشن آهي.”

هڪ ٻي آپريشن وقت مريض سرجن کان پڇيو:

“ ڇا توهان ڊاڪٽرن کي پڪ آهي ته هيءُ آپريشن ڪامياب ويندو؟”

“اهو ئي ته معلوم ڪرڻ لاءِ اسان هيءُ آپريشن ڪري رهيا آهيون.”  سرجن ٺهه پهه وراڻيو.

ڪنهن آپريشن بابت ڊاڪٽر مريض کي ٻڌايو ته سرجن ان آپريشن جا ٽي سئو پائونڊ وٺندو.

مريض: “ ڇا اهو ممڪن ناهي ته سرجن ڪجھه گھٽائي ٻه سئو پائونڊ وٺي.”

ڊاڪٽر: “ها ائين ٿي سگھي ٿو، پر ان صورت ۾ هو مڏا اوزار استعمال ڪندو.”

هڪ سرجن ٻئي سرجن کي ٻڌائي رهيو هو:

“فلاڻي سيٺ جو آپريشن، اسان چڱو جو وقت اندر ڪري ورتو. هفتو ڏيڍ به دير ڪريون ها ته هو بنا آپريشن جي ئي ٺيڪ ٿي وڃي ها.”

هڪ شڪي مريض پنهنجي سرجن کي چيو:

“سائين هو فلاڻو ڊاڪٽر ته منهنجي مرض جو ڪجھه ٻيو ئي علاج ٻڌائي ٿو.”

سرجن وراڻيو: “ ها مون کي خبر آهي پر پوءِ تنهنجو پوسٽ مارٽم ثابت ڪندو ته آئون سچ تي آهيان.”

آخر ۾ هڪ دفعو وري نفسياتي ماهر بابت هڪ ٻيو چرچو:

هڪ پوڙهو همراهه پنهنجي نوجوان پٽ کي نفسيات جي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.

ڊاڪٽر پڇيس: “ هن کي ڪهڙي بيماري آهي؟”

پيءُ “ سائين هي سمجھي ٿو ته هي ماڻهو نه پر ڪڪڙ آهي.”

ڊاڪٽر: “اهو وهم هن کي ڪڏهن کان دماغ ۾ ويٺل آهي.”

پيءُ : “ان کي ٽي سال کن اچي ٿيا آهن.”

ڊاڪٽر: “ ٽن سالن بعد هاڻي وٺي آيا آهيوس. هن کي پهرين ئي ڇو نه وٺي آيئو؟”

پيءُ : “ ان ڪري جو هيستائين اسان کي بيضن جي ضرورت هئي.”

مٿيون مضمون لکي هڪ ڳوٺاڻي کي پڙاهيم ته هن به ڊاڪٽر بابت هڪ لطيفو ٻڌايو. جيڪو ڊاڪٽر بابت ته نه پر ان همراهه بابت آهي جيڪو پنهنجي زال مان سخت بيزار هو.

ڊاڪٽر زال جي تپاس ڪري همراهه کي چيو:

“اهو ٻڌي توکي پريشاني ٿيندي ته تنهنجي زال مهيني کان وڌيڪ مس جيئري رهندي.”

همراهه: “مڙيئي خير آهي، ڊاڪٽر صاحب! جتي ٽيهه سال گذري ويا اتي باقي مهينو به گذري ويندو”. ….(پورو ٿيو)……..

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments