گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو

گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو. گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري خابرو ايجنسي خليفه بن زايد النهيان جي الاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن جي سوڳ سان گڏ 3 ڏينهن جي عام موڪل به هوندي، جڏهن ته ان دوران قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. صدارتي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ ٽن ڏينهن تائين موڪل رهندي. واضح رهي ته شيخ خليفه بن زايد النهيان 3 نومبر 2004 کان گڏيل عرب امارتن جو حڪمران هو ۽ هن پنهنجي والد شيخ زايد بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي کانپوءِ يو اي اِي جي قيادت سنڀالي هئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments