آدمشماري جي پسمنظر ۾ مشتاق ميراڻي کان (ڊسمبر 2016 ۾) ورتل انٽرويو

آدمشماري جي پسمنظر ۾ مشتاق ميراڻي کان (ڊسمبر 2016 ۾) ورتل انٽرويو
زاهده ابڙو
مان لاڙڪاڻي جي ڀرسان مسو آباد ڳوٺ ۾ ڄائو هئس ۽ اٺين درجي تائين تعليم اتي ئي حاصل ڪيم. ان کانپوءِ ميٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ اسڪول مان ڪيم، گورنمينٽ ڪاليج مان انٽر ڪيم. 1976 ۾ مهراڻ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري اتي ئي نوڪري ملي. سال کانپوءِ رومانيا اسڪالرشپ تي ويس جتان ماسٽر ڪري واپس آيس. 1983 ۾ ڪئناڊا ويس اتي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪيم واپس اچڻ تي خضدار يونيورسٽي جيڪا ان وقت ۾ ڪاليج هئي ان جي اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿيس. پوءِ وري مهراڻ يونيورسٽي ۾ آيس جتي ايسوسئيٽس پروفيسر ٿيس جنهن بعد ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿيس. سوشل ڊولپمينٽ ۾ بغير معاوضي جي ڪنٽريبيوٽ ڪيم. سئٽزرلينڊ ۾ هڪڙو پيپر پڙهيم سندن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ ريسرچ ڪيم وري ليڊس يونيورسٽي ۾ ريسرچ ڪيم. پوءِ انسٽيٽيوٽ آف ڪامن ويلٿ ۾ ريسرچ ڪيم. ويلٽن پارڪ يو. ڪي ۾ هڪ سينٽر آهي ان ۾ نان ايڪٽرز تي ڪانفرنس گهرائي وئي هئي انهن مون به دعوت موڪلي ته مان نان گورنمينٽ ايڪٽرز تي ڳالهايان ته اهي غربت جي واڌ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. هيومن رائيٽس جو ميمبر به آهيان سنڌ ڊيموڪريٽس فورم جو شروع کان چيئرمين آهيان.
همسري: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي حڪومت کي تنبيهه ڪندي جلد آدمشماري ڪرائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ اهو به چيو آهي ته حڪومت آئيني ذميداري پوري نه ڪري رهي آهي براءِ مهرباني ٻڌايو ته اها ڪهڙي آئيني شق آهي؟
مشتاق ميراڻي: سڄي دنيا جي ملڪن تي اها ذميداري هوندي آهي ته هر ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1951 کان وٺي لاڳيتو آدمشماري ٿيندي پئي رهي. 1998 ۾ آخري آدمشماري ٿي، ان کانپوءِ 2011 ۾ حڪومت گهر شماري ڪرائي، جنهن جا رزلٽ متنازع ٿي ويا ۽ ان کانپوءِ ڪابه آدمشماري نه ٿي آهي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ وفاق کي آئين جي آرٽيڪل 51 جي شق (5) جي تحت آدمشماري ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اها گهر شماري متنازع ايئن ٿي جو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تمام گهڻي ڌانڌلي ڪئي قبرستانن، خالي گهرن ۽ ٿنڀن کي انهن گهرن ۾ شمار ڪرايو ۽ هٿرادو ماڻهو ڳڻايا. ان کانپوءِ جڏهن ماهرن ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ته انهن کي ڪراچي جي ڊيٽا ۾ تمام گهڻي هيرا ڦيري نظر آئي. ان وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت به هئي ۽ ان ڪو رسڪ نه کنيو ۽ ان جا رزلٽ روڪيا ويا. ان ڪري ان ڊيٽا جي ڪابه قانوني حيثيت نه رهي.
همسري: ڪنهن به ملڪ جي آدمشماري جي صحيح ڄاڻ ان ملڪ لاءِ ڇو ضروري آهي؟
مشتاق ميراڻي: اها هڪ بنيادي گهرج آهي ته ڪنهن به ملڪ کي رياستي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ ضروري ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ملڪ جي آبادي ڪيتري آهي. نه رڳو ايترو پر ان ۾ ڪهڙي نسل ۽ ڪهڙي عمر جا ماڻهو رهن ٿا، ڪيتريون عورتون ۽ مرد آهن ان کانپوءِ انهن جي شهري علائقن ۾ ورهاست ڪيئن آهي ان مان هڪڙو انساني نقشو ٺهندو آهي. ان بنيادي معلومات کانپوءِ هڪ ٻي معلومات ته پڙهيل ماڻهو ڪيترا آهن اڻپڙهيل ڪيترا آهن، ڪيترا ٻار اسڪول وڃن ٿا ڪيترا نٿا وڃن. ترقي يافته ملڪ سڄي پلاننگ ڪرڻ کان پوءِ پهرين ان ڊيٽا کي مائيڪرو ليول تي جانچيندا آهن ۽ پوءِ پلاننگ ٺاهينداآهن. پلاننگ جو مدو مختلف ٿي سگهي ٿو جيئن پاڪستان پنجن سالن جي پلاننگ ٿو ڪري. ان پلاننگ کانسواءِ ڪابه رياست هلي نٿي سگهي. ان کان علاوه ماڻهن جي رهائش جي مطابق اليڪشن جا حلقه ٺهن ٿا ۽ ان آدمشماري مطابق صوبائي، قومي ۽ سينيٽ ۾ سيٽون ورهايون وينديون آهن ۽ حڪومت کي سياسي پاور انهن حلقن مطابق ئي ملي سگهي ٿو. هر ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ان ڪري ڪرائي ويندي آهي ته جيڪڏهن آبادي ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي ٿي ته ان حلقي ۾ رد و بدل آندي ويندي.
همسري: پاڪستان ۾ تارڪين وطن جي آبادڪاري وڌڻ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟
مشتاق ميراڻي: ان جا سياسي سبب وڌيڪ آهن. ورهاڱي کان پهرين اهڙو ڪوبه معاهدو نه ٿيو هو ته هندستان ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا ايڏي وڏي لڏپلاڻ ٿيندي پر بدقسمتي سان ٿيو ايئن جو هندستان کان آيل ماڻهن کي زبردستي هيڏانهن موڪليو ويو وري ضياءُ جي دور ۾ افغانستان جو اشو ٿيو ته افغانستان کان آيل ماڻهن وڏن وڏن شهرن جو رخ ڪيو. ڪجهه ڪوئيٽا وڃي آباد ٿيا، ڪجهه اسلام آباد پر سڀني کان وڏي آبادي ڪراچي جو رخ رکيو. ان ۾ اسان جي ڪمزوري آهي ڇو ته پاڪستان وٽ بارڊر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابه سخت حڪمت عملي موجود ڪونهي. لڏپلاڻ ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي سڄي دنيا ۾ ماڻهو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃن ٿا پر ان جو هڪڙو طريقو هوندو آهي ته ڪوبه ماڻهو بارڊر کان ٽپي اچي ٿو ته ان جو توهان وٽ رڪارڊ هئڻ کپي جيڪڏهن ڪو غير قانوني طرح سان به داخل ٿئي ٿو ته ان جو انگ اکر به رياست وٽ موجود هئڻ کپي ان لاءِ به حڪومتن کي قانون سازي ڪرڻي پوندي آهي يا ته انهن کي ريگيوليٽ ڪيو وڃي يا انهن ملڪن ڏانهن واپس ڪيو وڃي. اسان وٽ غير قانوني طرح سان شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به آرام سان ٺهرايا ٿا وڃن ۽ اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ به آهي ان مسئلي کي بارڊر ڪنٽرول ڪرڻ سان حل ڪري سگهجي ٿو.
همسري: جيڪي افغان مهاجرين دستاويز تحت هتي رهن ٿا حڪومت انهن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي پر اڃان تائين انهن تي ڪوبه عملدرآمد نه ٿيو آهي. ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
مشتاق ميراڻي: ان جا ٻه ٽي وڏا سبب آهن. ڪي پي ڪي جا ڪجهه سياسي اڳواڻ پنهنجا سياسي بيان ڏيئي رهيا آهن ته افغانن کي ملڪ ۾ رهڻ ڏنو وڃي. افغانستان جا حالات به اڃان صحيح نه آهن. بين الاقوامي قانون جي مطابق نون آيل ماڻهن کي ملڪ مان ڪڍڻ آسان ڪم ڪونهي. ڇو ته غير قانوني تارڪين جا به هڪڙا حق آهن. وفاق جون ٺاهيل پاليسيون به ڪجهه صوبن جي لاءِ هڪڙيون آهن ته ڪجهه لاءِ ٻيون آهن. اهڙي طرح سان انهن پناهگيرن جو دٻاءُ ڪنهن خاص علائقي تي وڌي وڃي ٿو. باءِ ڊيفينيشن هڪڙو دفعو توهان تي مهاجرين جو ٺپو لڳو ته انهن کي واپس وڃڻو آهي انهن جي ملڪن وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي جيئن افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل آهي. جيڪي مهاجرين اچن ٿا ۽ ٽڙي پکڙجي وڃن ٿا ته ملڪ ۾ غير دستاويزي آبادڪاري ٿئي ٿي ان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪمزوري شامل هوندي آهي ۽ جيڪي دستاويزي آبادڪاري ۾ شامل ٿين ٿا انهن کي اقوام متحده سهولتون ڏيندو آهي. انهن مهاجرن لاءِ انهن کي مالي امداد ڏيندو آهي وري واپس وڃڻ لاءِ انهن کي مدد ڏيندو آهي. هي اشو صرف پاڪستان ۾ ناهي پر آفريقا ۾ حالات تمام گهڻا ڳنڀير آهن جتي حالتن جي خراب هجڻ ڪري ماڻهن جي منتقلي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ٿيندي رهندي آهي. اتي هڪڙي ملڪ جا ماڻهو ٻئي هنڌ هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ جيڪي ٻاهران لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا اهي با آساني سان شناخت ٿي سگهن ٿا، انهن کي آساني سان رجسٽر ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اهو ڪم ڏکيو ڪونهي پر سنڌ حڪومت جي سنجيدگي نظر نٿي اچي. سنڌ حڪومت چاهي ته انهن کي ڪئمپن ۾ رکي انهن جون جيڪي بنيادي ضرورتون آهن پوريون ڪري. ٻارن لاءِ اسڪول کولي ڏنا وڃن، جيئن هاڻي شامي ٻار جتي به وڃي رهن ٿا، پهريون ڪم انهن لاءِ اهو ئي ڪيو وڃي ته انهن کي اسڪول کولي ڏنا ٿا وڃن. انهن کي جيڪڏهن پئسن جي ضرورت آهي ته انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت به انهن جي مالي معاونت ڪري سگهي ٿي. سنڌ حڪومت سڀني ماڻهن جي مفادات کي ڏسندي اهڙا قدم ضرور کڻي نه ته اڳتي هلي اهي ئي ماڻهو پنهنجو سياسي اثر رسوخ به قائم ڪري وٺندا ۽ معاشي سرگرمين ۾ به هتان جي لوڪل ماڻهن کي پٺتي ڇڏي ويندا، جنهن جو نقصان عام ماڻهو کان وٺي حڪمرانن تائين سڀني کي رسندو.
همسري: وڌندڙ دهشتگرديءَ ۾ انهن غير قانوني تارڪين وطن جي وابستگيءَ جا ثبوت مليا آهن پر ان جي باوجود انهن کي ڏيهه نيڪالي نه پئي ڏني وڃي ان ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟
مشتاق ميراڻي: وفاق ان جو ذميدار آهي اهي ماڻهو دهشتگردن ۾ غير قانوني هٿيار، منشيات ۾ ملوث رهن ٿا ۽ دهشتگرد به انهن سان گڏ اندر اچي ٿا وڃن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي کپي ته پنهنجا قانون سخت ڪن، انهن کي قانون جي دائري اندر چرپر جي اجازت هجڻ گهرجي، انهن تي سخت نظرداري هجڻ کپي. ان کان علاوه انهن جي دستاويزن کي چيڪ ڪرڻ کپي ته هو پنهنجا دستاويز ڪٿان ٺهرائين ٿا انهن کي غلط دستاويز ٺاهي ڏيندڙ ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ انهن کي اهڙن علائقن ۾ رکيو وڃي جيڪي بارڊر تي هجن جتان انهن جي واپسي آرام سان ٿي سگهي. نه ڪي وڏن وڏن شهرن جيئن ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ اسلام آباد. ٻين ملڪن ۾ سياسي پناهگيرن کي الڳ جاين تي رهايو ويندو آهي ۽ انهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن تي آرام سان نظرداري ڪئي وڃي.
همسري: ٻاهرين دنيا ۾ ڌارين آبادي کي روڪڻ لاءِ ملڪ ڇو حساس آهن ۽ اهي ان کي ڪيئن ٿا روڪين؟
مشتاق ميراڻي: مون هڪ ڪتاب پڙهيو هو جنهن ۾ ملڪ پنهني طرز زندگي کي محفوظ رکڻ لاءِ گهڻا حساس آهن. هو نٿا چاهين ته انهن جي طرز زندگي ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي. ان جو تازو مثال فرانس ۾ برڪيني خلاف کنيل قدم اچي ٿو. هو سمجهن ٿا ته ٻاهريون آيل ماڻهو جيڪو اچي ٿو اهو اسان جي ثقافت کي گدلو ٿو ڪري ۽ ان کان علاوه هو سڄي سياسي ثقافتي رنگ کي محفوظ رکڻ چاهين ٿا. زنده قومون پنهنجي انهن سڀني پاسن لاءِ تمام گهڻيون حساس هونديون آهن ۽ پنهنجا قدر زنده رکڻ لاءِ سجاڳ هونديون آهن ۽ هر ملڪ جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي طرز زندگي کي ڪنهن اوچتي تبديلي کان بچائي. جڏهن به ڪو فرد ڪنهن ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجو ڪلچر به اتي کڻي وڃي ٿو. جڏهن اهو گهٽ تعداد ۾ هوندو ته گهڻو ڪري اتي ضم ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن اهڙن ماڻهن جو وڏو گروهه اتي ويندو ته هو اتان جي ڪلچر ۽ ٻولي تي اثر انداز ٿي ويندو ۽ وري جيڪڏهن هڪڙي جاءِ تي رهن ٿا ته اهي سياسي طاقت جي گهر به ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي اتي واپار ڪن ٿا ته اتان جي لوڪل ماڻهن سان انهن جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو پر جيڪڏهن غير قانوني طرح آيل ماڻهون شهرن ۾ آباد ٿين ٿا جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي ارد گرد ڪچين آبادين جو تعداد وڌندو وڃي ٿو جنهن کي شروع ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ان ڪري ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ انتظامي مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ آخر ۾ حالتون ايستائين پهچي وڃن ٿيون جو حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪريو وڃن ۽ سڀني کان وڏو نقصان اهڙا ماڻهو ان ملڪ کي پهچائيندا آهن اهو نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو هوندو آهي. اهي ماڻهو رياست کي نقصان پهچائڻ لاءِ اندروني طرح سرگرم هوندا آهن ان ڪري رياست جي مفادات کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. هينئر انگلينڊ ۾ جيڪو ريفرنڊم ٿيو هو جنهن ۾ اتان جي ماڻهن کي وڌيڪ خطرو هو ۽ اتان جي لوڪل ماڻهو کي خطرو هو ته رومانيا پولينڊ لٿوئينيا جا مهاڻا لڏپلاڻ ڪري انگلينڊ اچي ويا ته اتان جا اصل رهاڪو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، ان ڪري انهن پنهنجو پاڻ کي ان معاهدي کان ئي ڌار ڪري ڇڏيو.
همسري: سنڌ حڪومت تارڪين وطن جي رجسٽريشن جو اعلان ته ڪيو آهي پر ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ته کيس مڪمل ڊيٽا ملي سگهي؟
مشتاق ميراڻي: هينئر سنڌ حڪومت ڪٿي نظر ئي نٿي اچي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو ٽولو آهي. سنڌ ۾ هينئر جيڪا وڏي تباهي آئي آهي اهو آهي ادارن جو تباهه ٿيڻ جيڪي ادارا ڪجهه سال اڳ گڏ هئا اهي ڏينهون ڏينهن ساک وڃائيندا پيا وڃن ۽ هر صوبي جي مٿان اها آئيني ذميواري آهي ته هو سڀني شهرين جي جان ۽ مال عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪري. سڀني وسيلن ۽ مفادات ۽ ڪلچر جي حفاظت ڪري. ڌارين جي اچڻ سان اتان جي لوڪل ماڻهن جي طرز زندگي ۾ خلل ٿو پوي. 2000ع کان وٺي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي پر انهن انسٽيٽيوشنل ڊولپمينٽ نه ڪئي آهي. ان جا چار پراسيس هوندا آهن (1) اسٽيٽ ڊولپمينٽ (2) اسٽيٽ بلڊنگ (3) نيشن بلڊنگ (4) ڊيمو ڪريسي بلڊنگ. هي سوال اسٽيٽ بلڊنگ سان تعلق رکي ٿو جنهن جو مقصد آهي ته اسٽيٽ بلڊنگ جون جيڪي ڳالهيون آهن ته انهن جو تحفظ ڪيو وڃي. ٻاهريون جيڪو ماڻهو اچي ان جي مانيٽرنگ ٿئي ان جي سرگرمين تي نظر رکي وڃي. ان کان علاوه اپوزيشن پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ حڪومت تي ڪڙي نظر رکندي آهي. پر جيڪڏهن حڪومت ڪنهن به اهڙي ڪم ۾ فيل ٿي وڃي ته اپوزيشن ان تي دٻاءُ وجهندي آهي هتي بدقسمتي سان اسان وٽ اپوزيشن آهي ئي ڪونه. تارڪين وطن جو دٻاءُ ٻن قسمن جو آهي، هڪ ٻاهرين ملڪن مان ٻيو آهي ملڪ جي اندران ۽ سنڌ صوبي جي لاءِ ٻنهي طرفن کان مسئلو آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي هن پاسي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو. ان لاءِ باقاعده هڪ ادارو ٺاهڻو پوندو، صوبائي اسيمبلي مان قانون پاس ڪرڻو پوندو يا ٻاهران آيل يا ملڪ مان آيل ماڻهن کي ريگيوليٽ ڪرڻو پوندو. صوبي جي اندر ڪير اچي ٿو ڪير وڃي ٿو انهن جي ڊيٽا هر ٿاڻي تي موجود هجي. ڪمشنر وٽ ان جي ڊيٽا هجڻ کپي، روينيو کاتي ۾ ان جي ڊيٽا هئڻ کپي، ڪچين آبادين کي ريگيوليٽ ڪجي يا نه ڪجي ان لاءِ منصوبا بندي ڪرڻي پوندي. ڊي سي ۽ مختيارڪارن کي سمورن علائقن جي خبر هوندي آهي ته ڪٿي ڪٿي اهڙا پاڪيٽ ٺهيل آهن جنهن ۾ ٻاهران کان آيل ماڻهو ويٺل آهن. ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ ليول تي ڊيٽا ڪليڪشن دوران فزيڪلي به چيڪ ڪرڻو پوندو آهي، انهن جا رنگ روپ نقش ٻڌائيندا آهن ته هي هتان جا آهن يا ٻاهران کان آيل آهن. ان کان علاوه سرڪار وٽ انٽيليجنس سروس هوندي آهي جنهن جي ذريعي حڪومت پتو لڳائي سگهندي آهي ته هو ڪهڙا ڪم ۽ ڪهڙا ڪاروبار ٿا ڪن. ان کان علاوه ڪنهن به قسم جي زمين جي خريد و فروخت لاءِ فارم ڀرڻ يا بجلي لڳرائڻ لاءِ فارم فل ڪرڻ ته انهن فارمن ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڪلاز هجڻ کپي ته اهي اصل ڪٿان جا آهن انهن جو اصل تعلق ڪهڙي صوبي سان آهي، اهو به هڪڙو طريقو آهي جنهن سان هنن جي رجسٽريشن ٿي سگهي ٿي. حڪومت وٽ اهي سڀئي ٽولز موجود آهن جن سان حڪومت مانيٽرنگ ڪري سگهي ٿي. پر هن حڪومت جو اسٽيٽ بلڊنگ سان پري پري جو ڪوبه واسطو نظر نٿو اچي.
همسري: سنڌ جي وڌندڙ آبادي جا ڪهڙا سبب آهن؟
مشتاق ميراڻي: ان جا ٻه سبب آهن هڪ ته اتان جي Indigenous آبادي جي قدرتي واڌ جنهن جو ڊيٽا موجود آهي، جنهن مطابق پاڪستان جي آبادي ٻه سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي. جيڪا تمام گهڻي آهي جنهن کي هڪ سيڪڙو کان گهٽ هئڻ گهرجي. ٻيو سبب اهو آهي ته هتي ٻاهرين آبادي گهڻي ٿي اچي، جيڪو هتان جو اصل رهاڪو آهي ان کي ته فيملي پلاننگ تي عمل ڪرائي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو ته برٿ ڪنٽرولنگ ۽ برٿ اسپيسنگ تي عمل ڪن. جيڪڏهن حڪومت سچائي سان ان پروگرام تي ڪم ڪري ته ان تي عملدرآمد ٿي سگهي ٿو. ٻيو جيڪو واڌ جو سبب آهي اهو آهي ٻاهرين آبادي ان لاءِ وري اسان کي هسٽري ۾ وڃڻو پوندو. 1947 کان وٺي انڊيا مان جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان کانپوءِ ٻين صوبن مان به ماڻهو هيڏانهن تيزي سان اچي رهيا آهن. ان جو هڪڙو سبب وچ اوڀر جي ملڪن ۾ معاشي مسئلن جو اڀرڻ به آهي. سياسي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن. پنجاب اوور پاپوليٽيڊ آهي. ڪي پي ڪي جا وسيلا محدود آهن. بلوچستان ۾ ڏڪار واري پوزيشن آهي باقي رهيو سنڌ ان جو بارڊر تمام گهڻو سافٽ آهي. قانون سخت ڪونهي ٻيو ته وري ڪراچي ۾ اڪنامڪ سرگرميون تيز آهن. ٻين شهرن جي مقابلي ۾ هرڪو ماڻهو ڪراچي جو رخ ڪري ٿو ان ڪري ئي ڪراچي جي آبادي ٻه ڪروڙ کان وڌي وئي آهي اسان جي سنڌ حڪومت لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ جو وقت آهي، جيڪا 1972 ۾ سنڌ جو 25 سيڪڙو هئي. 1998 ۾ ٽيهه سيڪڙو هئي، هاڻ اها چاليهه سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪنهن به جاءِ تي لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي حڪومت جون ٺاهيل پاليسيون يا ته روڪي سگهن ٿيون يا همٿائي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ ايئن ٿو لڳي ته اسان ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ همٿايو آهي. ڪراچي اهو شهر آهي جنهن ۾ بليڪ مني تمام گهڻي موجود آهي. جنهن جي ڪري اتي ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار تمام گهڻو آهي ان کي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ استعمال ڪيو ٿو وڃي. ان جو ڪوبه حساب ڪتاب ڪونهي جنهن سان آبادي ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر سنڌ کي مالي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. اسان جي سنڌي قومپرست پارٽين وٽ ڪابه حڪمت عملي ڪونهي جو اهي ان مسئلي تي پنهنجو آواز اٿاري سگهن ۽ ماڻهن کي جاڳرتا ڏئي سگهن. جيڪا صورتحال هيستائين آهي مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيڻو آهي. سنڌ حڪومت وٽ ڪابه پلاننگ موجود ڪونهي ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جو ماڻهو ايڏي وڏي مسئلن لاءِ اڃان تائين حساسيت تي نٿو رکي. جيئن ته ڪي اليڪٽرڪ جا شيئرز چائنيز ڪمپني خريد ڪيا آهن جنهن ڪري نيون انڊسٽريز لڳنديون ۽ رستن ٺهڻ ڪري مسافتون گهٽجنديون، ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ سپر هاءِ وي تي نيون وسنديون ٺهنديون ۽ اها هڪڙي ڳنڀير صورتحال پيدا ٿيندي. اها صورتحال جڏهن پيدا ٿيندي جو ٻاهران کان آيل ماڻهو حيدرآباد ۽ ڪراچي وچ ۾ آباد ٿيندو ته هتان جي لوڪل ماڻهو کي مينارٽي ۾ تبديل ٿيڻ کان نٿا بچائي سگهون. نئين اليڪشن جي لاءِ ماڻهن کي مقابلي ۾ايندڙ پارٽين کان اها گهر ڪرڻ کپي ته ان شيءِ کي پنهنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪن ته جيڪا حڪومت ايندي اها سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ ڪانه ڏيندي. ان ڊمانڊ جي ڪري ايندڙ حڪومت ان کي مسئلي جي لاءِ ڪو قانون پاس ڪري يا انهن ماڻهن کي ريگيوليٽ ڪري.
همسري: ٻين صوبن ۽ آزاد ڪشمير، گلگت، بلتستان ۽ فاٽا کان آيل ماڻهن جي اچڻ سان سنڌ جي معيشت ۽ سماج تي ڪهڙا اثرات مرتب ٿي رهيا آهن؟
مشتاق ميراڻي: سڀ کان وڏو اثر اهو ٿيو آهي جو هو پاور حاصل ڪرڻ لاءِ اثر انداز ٿي رهيا آهن. جيئن جيئن انهن ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو ويندو هو پنهنجي حقن جي لاءِ قانون سازي ڪرائيندا ويندا. نه رڳو ايترو پر ڪاروبار ۽ صوبي جي حڪومت وهنوار ۾ به دخل اندازي ڪندا. دنيا جي سڀني ملڪن ۾ وڏا شهر انٽر لينڊ کي ترقي ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي پر ڪراچي جي صورتحال مختلف آهي، جو ڪراچي ۾ رهندڙ سڀ ڌاريا آهن. هتي سڀ ڪو ڪمائي ته ٿو پر ننڍن شهرن کي ترقي ڪرڻ لاءِ ڪير به مدد نٿو ڏئي. ان لاءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڏو ويڇو رهجي ويو آهي. اهو اسان جي ماڻهو کي نفسياتي طور ڪراچي کان پري ٿو ڪري. هينئر ته حالات ڪجهه بهتر آهن، پر جڏهن ايم ڪيو ايم جو دهشتگردي جو دور هلي رهيو هو ته اهڙي صورتحال هئي جو ڪيترائي سنڌي ڪراچي ۾ پنهنجو ٺهيل ٺڪيل سيٽ اپ ڇڏي پنهنجن ڳوٺن ۾ واپس هليا آيا. شاگردن اتان جي تعليمي ادارن مان پنهنجو پاڻ کي ٻين انسٽيٽيوٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. هن وقت به جيڪي حالات آهن اهي ڪيڏي مهل پلٽو کائي سگهن ٿا ان جي ڪا گارنٽي ڪانهي. سنڌ حڪومت انهن حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ادارو رکي ٿي. حيدرآباد ۽ ان سان ويجهيون آباديون اتي محفوظ آهن. جيئن بيروت آهي بيروت ۾ مسلمان، يهودي ۽ عيسائي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ رهن ٿا جنهن جي ڪري انهن کي وڌيڪ تحفظ جو احساس ملي ٿو. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي ۾ سنڌين جي لاءِ اهڙا علائقا ٺهرايا وڃن جتي هو پاڻ کي محفوظ سمجهن ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ تبديلي کي منهن ڏيئي سگهن.
همسري: سنڌ جي آبادي هن وقت ڪيتري آهي، ان جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن سان ڪيترو لاڳاپو آهي؟
مشتاق ميراڻي: هينئر سنڌ جي لڳ ڀڳ آبادي ڇهه ڪروڙ آهي جنهن مان ٻه ڪروڙ ڪراچي جي آهي باقي چار ڪروڙ سنڌ جي آهي. لڏپلاڻ رڳو لوئر سنڌ ۾ ڪانهي پر اپر سنڌ ۾ به آهي اها ڏهرڪي ۾ انڊسٽريل ايريا جي هجڻ ڪري آهي. اتي پنجاب جو ماڻهو تمام گهڻو پيو اچي. رتيديري ۽ خضدار جي روڊ کان جيڪڏهن توهان لنگهي ويندو ته اتي پنجاب جا ماڻهو لڏي ايندا آهن ۽ خيبرپختونخواهه جا ماڻهو ايندا آهن. سهولتن جي وڌڻ جي ڪري ۽ معاشي ذريعن جي هجڻ جي ڪري گهڻا ماڻهو سنڌ ۾ اچي رهن ٿا. ان جو مطلب اهو ڪونهي سنڌ جي اصل رهاڪو کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي اتان معاشي فائدا به ورتا وڃن اسان ان ڳالهه جي بلڪل خلاف نه آهيون ته ڪو ماڻهو اسان جي صوبي ۾ اچي ڪم نه ڪري يا ڪاروبار نه ڪري يا رهائش اختيار نه ڪري، پر ان جي لاءِ اهڙيون پاليسيون هجن جنهن ڪري هتان جو رهاڪو پڻ کي محفوظ سمجهي ۽ هن کان ڌرتي کسجڻ وارو خوف ختم ٿي وڃي.
همسري: سنڌ ۾ آباديءَ جو توازن بگڙجندو ٿو وڃي ان تي پنهنجي راءِ ڏيو؟
مشتاق ميراڻي: هن وقت سنڌ سرڪار کي آبادي ۾ واڌاري واري صورتحال کي ايمرجنسي جي بنيادن تي هٿ ۾ کڻڻو پوندو ۽ مسئلن جي سنگيني جو احساس ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ماڻهو هتي رهيا پيا آهن انهن کان علاوه وڌيڪ ماڻهن جي آمد کي روڪيو وڃي. سنڌ حڪومت کي ٻين صوبن سان ڳالهائڻ گهرجي ته اهي سڀني ماڻهن کي پرامن طريقي سان پنهنجن صوبن ڏانهن گهرائين. ان کان علاوه وڌيڪ ڪچين آبادين کي ٺهڻ کان روڪيو وڃي. ٻاهران آيل ماڻهن جي مٿان سخت نظر رکي وڃي. هر صوبي ۾ اتان جي ڊوميسائيل رکڻ واري کي نوڪري ڏني وڃي ٿي. اهو ساڳيو قانون پرائيويٽ نوڪرين لاءِ به لاڳو ڪيو وڃي. لياقت علي جتوئي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم وارن ڪراچي لاءِ هڪڙو قانون پاس ڪرايو هو ته توهان ڪراچي جي ئي ماڻهن کي ئي نوڪري ڏيئي سگهو ٿا. حالانڪه اها ڀڃڪڙي هئي پر اهو قانون ٺهي ويو پر ان تي ڪنهن به اعتراض نه واريو. جيڪڏهن گورنمينٽ سيڪٽر ۾ سختي آهي ته اها پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به لاڳو ڪري هتان جي ماڻهو کي نوڪري ڏياري سگهجي ٿي. جنهن موضوع تي پاڻ ڳالهائي رهيا آهيون اهو تمام حساس موضوع آهي جنهن جي لاءِ هڪ واضح ۽ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ۽ سنڌ جي سڀني سڄاڻ ڌرين کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن هو سنڌ جي ايندڙ مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهن. ان کان علاوه ريسرچ جي ضرورت آهي ۽ گڏجي آواز اٿارڻو پوندو.
همسري: گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
مشتاق ميراڻي: هڪڙو دوست جاپان مان پاليسي اسٽيڊي تي ماسٽرز ڪري آيو هن ٻڌايو ته حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري ٿي اها به پاليسي آهي جيڪو نٿي ڪري اها به پاليسي آهي. سنڌ حڪومت ۽ وفاق ڪراچي لاءِ جيڪو ڪجهه نه ڪيو آهي اهو انهن جي پاليسيءَ جو نتيجو ئي آهي. جنهن ۾ پاپوليشن جي رجسٽريشن، ريگيوليشن، ڪچين آبادين کي نظر انداز ڪرڻ جيئن ته ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي هتي ڪيترين ئي قوميتن جا ماڻهو ٿا رهن ان لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي تمام گهڻو حساس ٿيڻ جي ضرورت آهي نه ڪي غفلت وري رويي جي. غير قانوني طرح آباد ٿيڻ وارا ماڻهو گهڻو ڪري پاڪيٽس ۾ رهندا آهن ۽ اتي انهن کي گهڻو تحفظ ملندو آهي. حڪومتن کي سوچڻ گهرجي ته ان قسم جي رويي جي ڪري اهي ماڻهو مستقبل ۾ ڪيڏو وڏو مسئلو بڻجي سگهن ٿا. ان لاءِ انهن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ سسٽم ٺاهي حڪومت جو انهن سڀني شين کان اکيون بند ڪرڻ به هڪ پاليسي آهي. ڪراچي ٻن ڪروڙ ماڻهن جو شهر آهي. جتي غربت سٽيل ماڻهو به رهن ٿا ته سرمائيدار به هتي ڀتا خوري اڃان تائين مختلف صورتن ۾ جاري آهي. اسٽيٽ جيڪڏهن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي ته شيون درست نه ٿي سگهنديون. اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا ان ۾ اسان ڪيتريون ئي ٻاهريون شيون استعمال ٿا ڪريون. ساڳئي طرح اسان کي اسٽيٽ ٽيڪنالاجي به ٻين ملڪن کان سکڻ گهرجي ته اهي ملڪ روڊ ڪيئن ٿا ٺاهين ادارن کي ڪيئن ٿا ٺاهين ٽيڪنالاجيءَ کي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪيئن ٿا استعمال ڪن. يونيورسٽيون، اسپتالون ڪيئن ٿا هلائين انهن کان اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي.
همسري: گذريل سينس سنڌ اندر متنازع ٿي وئي آهي ان تي اوهان جو خيال ڇا آهي؟
مشتاق ميراڻي: ڪابه آدمشماري جنهن جا انگ اکر درست نه هجن ته اها متنازع ٿيڻي آهي. آدمشماري رڳو پاڪستان جي لاءِ نه پر پوري دنيا جو مفاد ان ۾ لڪل هوندو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ آدمشماريءَ جا انگ اکر صحيح ڄاڻايا وڃن. ڪٿي به آدمشماري ٿيندي آهي ته UNDP ۽ ٻيا ملڪ پنهنجا نمائندا موڪليندا آهن ۽ پروسيس کي مانيٽر ڪندا آهن ڇو ته ڪوڙي ڊيٽا نه رڳو ان ملڪ لاءِ پر دنيا لاءِ به مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. ڇو ته پوءِ ملڪ مختلف مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿو. ان وقت پ پ جي حڪومت هئي ۽ چئن صوبن ۾ مسئلو ٿي پيو هو ان ڪري اها ڊيٽا درست صورت اختيار نه ڪري سگهي.
همسري: ايندڙ سينس ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڪيئن سجاڳي ڏجي ته جيئن هو پنهنجي ڳڻپ ڪرائي پنهنجي آئيني حقن جو تحفظ ڪري سگهن؟
مشتاق ميراڻي: ان لاءِ سول سوسائٽي کي اڳتي اچڻ گهرجي. هتي ڪجهه شيون تمام گهڻيون اهم آهن ته ماڻهن کي پنهنجي ٻولي سنڌي لکڻ گهرجي، گهرڀاتي صحيح لکرائين، گهرڀاتين لاءِ جيڪا به معلومات آهي جنهن ۾ عمر، تعليم، نوڪري، ڪاروبار صحيح لکرائين. عورتن جي ڳڻپ ڪرائڻ ڪن جاين تي عيب سمجهيو ٿو وڃي ان کان پرهيز ڪن ۽ عورتن جي ڳڻپ ڪرائين. حڪومت کي ڳڻپ لاءِ ٽائيم کي وڌائڻ گهرجي ته جيئن سڀني شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ ٿي سگهي. ان کان سواءِ شڪايتي مرڪز هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو پنهنجون شڪايتون انديشا اتي درج ڪرائي سگهن. سٺو ٿيندو ته حڪومت ۽ ٻيون سڀ پارٽيون گڏجي هن قومي اشو تي گڏجي پنهنجو مضبوط لائحه عمل تيار ڪن.
همسري: اهو ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ جون سڄاڻ ڌريون ۽ قومپرست پارٽيون فوج جي نگرانيءَ ۾ آدمشماري ڪرائڻ چاهين ٿيون؟
مشتاق ميراڻي: پاڪستان ۾ لساني ۽ گروهي جهيڙا ته آهن ۽ انهن کي مڃڻو پوندو. ان ڪري انهن ماڻهن جي اها گهر آهي ته آدمشماري شفاف هجڻ گهرجي. حڪومت رينجرز جي نگرانيءَ ۾ به اهو ڪم ڪرائي سگهي ٿي. اهو لساني ۽ گروهي مسئلو رڳو سنڌ جو ناهي پر چئني صوبن ۾ موجود آهي ان ڪري سڀني قومپرستن ۽ سياسي سمجهه رکڻ وارن ماڻهن جي اها خواهش آهي ته اسٽيٽ جي مشينري بنا ڪنهن لڳ لاڳاپي جي صحيح انگ اکر گڏ ڪري فائنل ڊيٽا
جوڙي جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هجي. نه صرف پاڪستان جي ماڻهن لاءِ پر ۽ وارن لاءِ به قابل قبول هجي



