وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻه سئو اوڻٽيهه ارب رپين تي ڌاڙو هنيو آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي 229 ارب رپين تي ڌاڙو هنيو آهي. ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سال اسان متوازن بجيٽ ڏنو هو، پر هن سال ڪورونا سبب نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه ٿيندڙ نقصان وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي. اسان کي هن سال وفاق کان 229 ارب رپيا گهٽ ملندا، ان کي 229 ارب رپين جو ڌاڙو نه چوان ته ٻيو ڇا چوان. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته وفاق جا اعلان ڪيل انگ اکر به صحيح ناهن. وفاق اڃان تائين سنڌ کي 606 ارب جي مقابلي ۾ 553 ارب رپيا ڏنا آهن. جڏهن ته سنڌ جي نالي چيو پيو وڃي ته ايندڙ سال ان کي 760 ارب رپيا ملندا. مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي بجيٽ 233 ارب رپيا رکيو آهي، جڏهن ته 700 اسڪيمون هن سال مڪمل ڪنداسين ۽ پراڻي اسڪيمن کي 25 سيڪڙو رقم ڏني آهي. سواءِ صحت کاتي جي ٻئي ڪنهن به کاتي جي نئين اسڪيم شامل ناهي ڪئي. ان کان علاوه اسان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي. هن چيو ته اسان هنن مشڪل حالتن ۾ اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سرڪاري ملازمن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا متاثرين کي 23 ارب روڪ رليف جي سهولت ڏينداسين. 5 ارب انڊسٽري جي معرفت ننڍي ڪاروبار کي قرض ڏينداسين جيڪي ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن.
