جاويد قاضي کان هاري تحريڪ جي پسمنظر ۾ (نومبر 2016) ۾ ورتل انٽرويو

جاويد قاضي کان هاري تحريڪ جي پسمنظر ۾ (نومبر 2016) ۾ ورتل انٽرويو
زاهده ابڙو
تعارف: آئون اسٽوڊنٽ پوليٽيڪس ۾ به رهيس اهڙي گهراڻي ۾ اک کوليم جتي هاري تحريڪ مون پنهنجي اکين سان ڏٺي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي اکين سان ڏٺوسين. سنڌ جي حقن لاءِ تحريڪ هلي ان کي ڏٺوسين پوءِ کاٻي ڌر سان ڳنڍجي وياسين. پوءِ وري پنج سال اسلام آباد ۾ رهيس، وري واپس آيس ته سنڌ ۽ سنڌ جي صوفي مزاج کي وڌيڪ اهميت ڏنم. وڪالت ۾ اچي انساني حقن جي لاءِ آئيني جدوجهد ۾ ڪم پيو ڪريان. هونئن ته گهڻيون ئي جدوجهدون ڪيونسين پر هيءَ جدوجهد آئيني آهي. وڪالت کان پهرين هڪ انجنيئر طور هڪ صنعتي ترقياتي بينڪ ۾ خدمتون سر انجام ڏنم. پوءِ بينڪ جي نوڪري ڇڏيم ان دوران منهنجي زال گهر جو بار سنڀاليندي رهي. هوءَ هڪ ڊاڪٽر آهي ان کان علاوه آئون ڪالم نگاري به ڪندو رهيس. ننڍپڻ ۾ سنڌي ساٿي ٻارڙا سنگت جو مرڪزي صدر رهيس. منهنجو تعلق هالاڻي ڳوٺ سان آهي پر مان ڄائو نوابشاهه ۾ ۽ پلجو به نوابشاهه ۾ آهيان. هالاڻي جي وڏي حيثيت آهي اتي هڪ تاريخي جنگ لڳي هئي ۽ هي هڪ ساهيته پرڳڻو هو.
همسري: 1950ع جي ٽيننسي ايڪٽ هيٺ هارين کي ڪهڙا بنيادي حق مليا؟
جاويد قاضي: 1950ع واري بل ۾ بنيادي طور تي هڪڙو پريشر ٺهيو. هاري تحريڪ جو پسمنظر توهان کي 32-1930 کان کڻڻو پوندو. ان دوران هڪ وڏي ڪمانڊ ايريا پيدا ٿي، وڏو انقلاب آيو ۽ سنڌ پيدا ئي 1930 ڌاري ٿي هئي. جيئن هاڻي توهان CPEC ٿا ٻڌو ته اها هڪ وڏي معاشي تبديلي آڻيندو اهو ڪيترو سچ آهي يا نه ان جي خبر ته پوءِ پوندي. گورنر لائڊ نالي 21-1920 ڌاري هڪ منصوبو آندو هو هن ٻه اسڪيمون آنديون هيون هڪ ممبئي جي حوالي سان ۽ ٻيو سنڌ ۾ لائڊ بئراج هو ان بئراج مان سنڌ ۾ ڏهه ڪئنال نڪرن ٿا. ان کانپوءِ هڪ وڏو انقلاب آيو. توهان ۽ اسان جنهن کي بئراج ٿا چئون پر هي هڪ ڊئم آهي. هن سنڌ ۾ خوشحالي جي هڪ لهر آڻي ڇڏي. هي ڊئم ٺهرائي انگريزن ڪمال ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي تقدير بدلائي ڇڏي. جنهن جي ڪري ٻنين ۾ ذرخيزي آئي ۽ هڪ بحث شروع ٿي ويو ته زمينن جي ورهاست ڪيئن ۽ ڪنهن کي ڪجي. قاضي فيض محمد جو 1950 کان وٺي 1970 تائين هاري تحريڪ سان ڏاڍو گهرو لاڳاپو رهيو آهي. مسعود کڌڙ پوش ڪميشن رپورٽ ۾ ان خود قاضي فيض محمد کي جيل جي لاڪ اپ ۾ ڏيکاريو آهي. جڏهن هو هتي ڪليڪٽر ٿي آيو هو ته ان جو هاري تحريڪ ۾ هڪ وڏو رول رهيو. سندس شخصيت ڪن ڳالهين کان متضاد به آهي. ٽيننسي ايڪٽ جي رڳو هڪڙي ڪاغذي شڪل هئي جنهن ۾ ڪابه قانون سازي ٿيل نه آهي ان تحت ڪوبه جهيڙي جو ڪيس حل ٿيل نه آهي. سياسي هٿيار جي طور تي ته هڪڙو وڏو ايڪٽ آهي. قومن مان انفرااسٽرڪچر ڪڍي ڇڏيو ته اها ختم ٿي ويندي هتان جا هندو ڪراچي جي صورت ۾ هڪ وڏو انفرااسٽرڪچر ڇڏي ويا. جڏهن ٻيا ماڻهو ٻاهران آيا ته هتي هنن کي آباد ٿيڻ ۽ ترقي ڪرڻ ۾ دير نه لڳي. اسان کي به پنهنجن ننڍن وڏن شهرن ۾ ايئن ئي انفرااسٽرڪچر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ترقي ڪري سگهون. اسان وٽ شروع کان وٺي هاري جو استحصال ٿيندو رهيو آهي اسان ڪڏهن به اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته ان جي لاءِ ڪو انفرااسٽرڪچر جوڙيو وڃي ته جيئن ان جي تقدير تبديل ٿي سگهي. ٻيڻا اهڙا قانون ٺهيا آهن جنهن سان هن جا حق ملڻ بجاءِ گهٽجي ويا آهن. 1950 واري ايڪٽ ۾ به هاريءَ کي ڪي گهڻا حق حاصل نه ٿي سگهيا سواءِ ان جي ته هو اڌ بٽئي جو ڀاڱي ڀائيوار هوندو.
همسري: 1950ع ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيرو ڇو ڪرڻو پيو؟
جاويد قاضي: ان ايڪٽ کي پاس ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي جو گهيراءُ ته ڪيو ويو هو پر ان گهيراءُ کانپوءِ ڪا جٽادار تحريڪ نه بڻجي سگهي. 54-1953 کان 1968 تائين هاري تحريڪ پوري طاقت سان هلائي وئي. پوءِ هڪ نيشنل پارٽي ٺهي 1952ع ۾ اليڪشن ٿي جنهن جو صدر عبدالمجيد سنڌي هو ۽ قاضي فيض محمد ان جو سيڪريٽري هو، سنڌ اسيمبلي ۾ به رجسٽرڊ آهي. اها پهرين مڊل ڪلاس پارٽي هئي جنهن ۾ هو ٻه ٽي سيٽون کٽي ويا. هينئر وڏيرڪي طاقت ايتري ته وڌيڪ آهي جيتري انگريز به ڪونه ڇڏي هئي. انگريز جي زماني ۾ قانون جي حڪمراني هوندي هئي ۽ وڏيرو قانون کان مٿانهون ڪونه هو. 1970ع کانپوءِ وڏيري وٽ جيڪا طاقت آئي آهي اها هڪ جن وانگر آهي. 54-1953ع کانپوءِ ان تحريڪ جا ٻه وڏا اڳواڻ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد گڏ هئا هنن جو وري پاڻ ۾ جهيڙو به ٿيو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو خيال هو ته هاڻي ان کي هاري ڪميٽي ڪجي جڏهن ته قاضي فيض محمد جو خيال هو ته ان کي ٽريڊ يونين ڪري هلائجي ۽ ان ۾ ضرورت مطابق هاري تحريڪ به هلائجي ۽ ٻيون تحريڪون به جيڪي وقت سان گڏوگڏ ضرورت بڻجي اڀري سگهيون پئي شامل ڪجن. حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد اليڪشن ۾ آمهون سامهون اچي بيٺا هئا ۽ ان اليڪشن ۾ قاضي صاحب کٽي ويو هو ۽ ان وقت جيڪي ڪميونسٽ هئا اهي به قاضي صاحب سان گڏ بيٺا هئا. ٽيننسي ايڪٽ کان وڏي قرباني مائي بختاور جي آهي، جيڪا 22 جون 1947 تي ظلم جو شڪار ٿي شهيد ٿي وئي. سندس تعلق تعلقي ٽنڊي باگي بدين سان هو. هن سڄي زندگي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هاري تحريڪن ۾ کيس ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي.
همسري: گرين ريووليوشن کي 56 سال گذري ويا آهن ڇا مشينن جي استعمال سان هارين جا حق يقيني بڻيا آهن؟
جاويد قاضي: گرين ريووليوشن کي سمجهڻ جا ٻه طريقا آهن. هيستائين جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو وڏي ۾ وڏو انفرااسٽرڪچر آيو آهي ته اهو سکر بئراج آهي. جنهن سان تمام گهڻي زرعي خوشحالي آئي آهي. ڪراچي ۾ جيڪو ويسٽ وارف ٺهيو آهي اهو به انهيءَ ڊئم جي ايڪسٽينشن ۾ ٺهيو آهي. ان وقت ڊئم جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪڻڪ سرپلس ۾ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻي پوندي هئي. ان وقت اهو مسئلو پيدا ٿيو هو ته زمين ڪيئن ورهائجي اڃان ان لاءِ قانون سازي نه ٿي هئي. جنهن جي ڪري ڪنهن وٽ ڏهه هزار ته ڪنهن وٽ پنج هزار ته ڪنهن وٽ چار هزار ايڪڙ زمين هوندي هئي. هندو ديوان جي وڃڻ کانپوءِ هتي هڪ وڏو ڪليمنٽ آيو ۽ زمينون ٻاهران کان آيل ماڻهن کي ملڻ لڳيون. جيڪڏهن ڪارپوريٽ سسٽم آيو ته ان سان هاري هوندو ئي ڪونه پوءِ ان جي حيثيت هڪ مزدور جي هوندي. اسان وٽ ليبر ڪورٽ ته آهي پر هاري ڪورٽ آهي ئي ڪونه. سنڌ ۽ پنجاب جو ته پاڻيءَ تي مسئلو هلي رهيو آهي، پر اسان پاڻ به پاڻيءَ کي تمام گهڻو ضايع ڪريون ٿا. ايريگيشن سسٽم هڪ سنڌ جو ٻيو پنجاب جو آهي. سرحد ۽ بلوچستان جو ايريگيشن ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي. ايگريڪلچر جا اهي ٻئي وڏا حصا آهن. سنڌ جو ايريگيشن سسٽم تمام ناقص ٿي چڪو آهي. انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اسان پنهنجي ايريگيشن سسٽم کي ٺاهڻ جي بدران تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي ابتڙ پنجاب ۾ ان تي ڪافي توجهه ڏيئي ان کي بهتر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٻه وڏا بئراج ٺهيا جنهن ۾ هڪ گڊو بئراج ۽ ٻيو غلام محمد بئراج آهن. اسان کي پنهنجي زراعت ڏانهن ڀرپور توجهه ڏيڻ کپي، هاري جو استحصال روڪڻ گهرجي ۽ ان لاءِ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن ته جيئن هو ٻيا هنر به سکي. اسان کي اها خبر آهي ته مارڪيٽ اڪانامي ڇا ٿيندي آهي منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ميڪنائزڊ ايگريڪلچر اختيار ڪئي وڃي ته ان سان گڏ انساني حقن جا لوازمات به موجود هجن. اهڙو ڪوبه مڪينزم جيڪو صرف هڪڙي طبقي کي ته شاهوڪار ڪندو رهي ۽ ان جو فائدو هاري تائين ٽرڪل ڊائون نه ٿئي ته اهو بيڪار آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ مڪنائزڊ زراعت ٿيڻ کپي. اهو سوال انتهائي اهم آهي ته ڇا سنڌ ۾ زراعت ايئن ئي پراڻي نموني سان ٿيندي رهندي يا هن ۾ مڪنائزڊ طريقا روشناس ڪرايا ويندا. ملتان ۾ ان جو هڪڙو مثال موجود آهي، جهانگير ترين سوين ايڪڙن تي مڪنائزڊ زراعت ڪري رهيو آهي پر ان جا منفي اثر اتان جي هارين تي پيا آهن. ڇو ته اتي هاڻي هاري جي جاءِ مزدور وٺي ڇڏي آهي. فارم هائوس جا مالڪ تمام سٺي نموني پروڊڪشن ڪري ناڻو ته ڪمائين پيا پر اهڙي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي. جڏهن توهان ڪا نئين شيءِ آڻيو ٿا ته اتان جي مزدور يا هاري لاءِ توهان کي قانون سازي ڪرڻي پوندي ته جيئن معاشري ۾ بيروزگاري ۽ بدحالي جنم نه وٺي ۽ غربت جو خاتمو ٿئي. حڪومت وٽ اٿارٽي هوندي آهي. تبديلي اچڻ ڪري ڪجهه فيصلا ته مارڪيٽ ڪندي آهي پر ڪجهه فيصلا حڪومتي عملدارن کي ڪرڻا پوندا آهن.
همسري: 2012 جو بل پاس ٿيڻ کانپوءِ به هاري بي دخل ٿين پيا ڇا ان بل ۾ بيدخلي کان بچڻ کان ڪو آرٽيڪل موجود هو يا نه؟
جاويد قاضي: جيستائين هاري ڪورٽون نه ٺهنديون بل پاس ٿيڻ کانپوءِ ايڪٽ ته ٺهي ويو آهي. اها امينڊمينٽ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ڇو جو جيڪي وڏا وڏا زميندار پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن ۽ انهن قانون سازي ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي ضرور خيال ۾ رکيو هوندو ته اهي ان ڳالهه جو دفاع ڪيئن ڪن ته سندن مفادن کي ڌڪ نه لڳي. ڇو جو هاري ان ڳالهه تي انهن کي ڪورٽ ۾ وٺي نٿو وڃي سگهي. هڪ مزدور قبضو ڪندڙ مالڪ کي ڪورٽ ۾ گهرائي سگهي ٿو. قانون جي مطابق هاري مزدور ڪونهي ان ۾ مارڪس جي ڊيفينيشن جي مطابق پيزينٽ هاري آهي مزدور ناهي. ڇو جو هاري به اونر آهي اهو مزدور ڪونهي جيڪي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن انهن لاءِ وري قانون موجود آهن اسان ڏسون پيا ته پنجاهه سالن کان وڏيرو هن سماج ۾ هاري جا حق کسيندو رهيو آهي. جيستائين ٽيننسي ايڪٽ جي تحت ٽيننٽ ڪورٽ نه ٺهندي تيستائين هاري جا حق ايئن ئي کسجندا رهندا.
همسري: الاٽي تحريڪ جي باري ۾ اسان کي ڪجهه ٻڌايو؟
جاويد قاضي: هاري الاٽي تحريڪ ان ڪري شروع ڪونه ٿي هئي ته زمينون رڳو ٻاهران کان ايندڙ ڌارين کي الاٽ ڪيون پئي ويون پر اتان جي ويٺل زميندار ۽ جاگيردار هندن جي ڇڏيل زمينن کي ڀڳڙن جي مُٺ خريد ڪري رهيو هو ۽ قبضو به ڪري رهيو هو. اسان جا ڀيا لوڪ جيڪي يو پي کان آيا هئا اهي هتي زمينن تي قبضا ڪرڻ آيا هئا. هتان سنڌي هندو کي ڀڄايو ويو ۽ ڌارين ماڻهن کي سنڌ ۾ آندو ويو ته سنڌ ۾ لاٽري کلي آهي. لاٽري اها هئي ته زمينن ۽ گهرن تي قبضا ڪرڻا هئا.
ٽيننسي ايڪٽ پٺيان ڪا تحريڪ نه هئي. سنڌ ۾ جيڪا وڏي تحريڪ آهي اها آهي سنڌ هاري الاٽي تحريڪ. اها 57-1956 ۾ هلي هئي جنهن ۾ نعرو هو ته “جيل ڀريو”. قاضي صاحب ان وقت نيشنل عوامي پارٽي ۾ هو. ان وقت ۾ جيڪي هجرت ڪري آيا هئا انهن کي اهي زمينون الاٽ پئي ٿيون جنهن لاءِ قاضي صاحب اسٽينڊ ورتو. اها تحريڪ محرابپور کان شروع ٿي، پوءِ ڪنڊيارو ۾ آئي، پوءِ نيٺ وڃي اها هڪ لانگ مارچ جي صورت ۾ ڪراچي پهتي. قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ان لانگ مارچ ۾ پندرهن هزار هاري شامل هئا. 1957 جي حساب سان پندرهن هزار ماڻهو هن وقت جي پنج لک ماڻهن جي برابر چئبا. ڇو ته ان وقت آبادي تمام گهٽ هئي. هن تحريڪ کي به ڊاڪيومينٽ ٿيڻ کپي جيئن حر تحريڪ ٿيل آهي.
همسري: ڇا بدلجندڙ دور ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان هارين جي 2012 جي بل ۾ سندن حقن کي تحفظ ملي ٿو؟
جاويد قاضي: 2012 وارو بل اڃان تائين ايڪٽ نه ٿيو آهي پر اها سڄي ڪاسميسٽڪ سرجري آهي. 2012 وارو بل 1950 واري ايڪٽ ۾ امينڊمينٽ آهي. ڪجهه شيون ليبر انٽينسو هونديون آهن ۽ ڪجهه ڪيپيٽل انٽينسو هونديون آهن توهان جيتري مشينري استعمال ڪندا اوترو ئي توهان جو مزدور بيروزگار ٿيندو ۽ هاري بيدخل ٿيندو پر مارڪيٽ اڪانامي ڏاڍي بيرحم آهي اها تبديلين کي هميشه قبول ڪندي ويندي آهي ۽ نوان طور طريقا اختيار ڪندي ويندي آهي. اسان اهڙي مارڪيٽ اڪانامي چاهيون ٿا جنهن ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر گڏ گڏ هلن، ڀلي واڌ ويجهه گهٽ هجي پر واڌ ويجهه جي ڪري سماج مان انسانيت ختم نه ٿئي. هينئر واڌ ويجهه ته ٿئي پئي پر سماج ۾ ويلفيئر نظر نه پيو اچي. اسان جو جيڪو واڌ ويجهه جو تصور آهي اهو مستحڪم نه آهي اسان پنهنجي ترقي کي سالانه جي. ڊي. پي سان ماپيون ٿا. حقيقت ۾ ان کي هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪيٽر سان ماپڻ جي ضرورت آهي. هتان جو غريب ماڻهو خوراڪ جي ڪمي جو شڪار آهي. ان مسئلي کي اسان کي ڏسڻو پوندو ته اهو سلسلو ڪٿان ٿو شروع ٿئي. دراصل اهو هاري ۽ زميندار جي وچ مان ئي شروع ٿئي ٿو. اسان جا اختياري وارا ماڻهو غريب کي مليل اسڪول، روڊ رستا، اميونٽي جون دوائون کائي وڃن ٿا. ان جي ذميدار نه فوج آهي ۽ نه ئي ٻيو ڪو. ان جا ذميدار اسان پاڻ آهيون. انهن ماڻهن کي اهو سوچڻ کپي ته اسين پنهنجي مستقبل سان کيڏي رهيا آهيون. جنهن قوم جو مزدور يا هاري صحتمند نه هوندو اها قوم ڪيئن اسري سگهندي. هاڻي اسان ان ڳالهه جي اميد نٿا رکي سگهون ته ڪنهن هاري جي گهر مان ڪو اي. ڪي بروهي پيدا ٿي سگهي ٿو يا ايڇ ايم خواجه جهڙا ماڻهو انهن جي وچ مان نڪري سگهن ٿا. هن وقت جيڪو نظام هلي رهيو آهي ان ۾ جيڪڏهن تبديلي نه آئي ته اٺن، ڏهن پيڙهين تائين غريب جو ٻار غريب ئي رهندو. اسان کي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته جتي هاري رهي ٿو اتي ان جي ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ان جي انٽرولمينٽ ٿيڻ کپي ان جو فالو اپ ٿيڻ کپي، ٻار کي ٽڪا لڳڻ کپن، ان ٻار جي اسڪول جي داخلا کان وٺي ميٽرڪ تائين تعليم جي گارنٽي هئڻ کپي. جيڪڏهن رڳو اهو ئي ڪم ڪرڻ ۾ حڪومت ڪامياب ٿي وڃي ته حڪومت جا ڪيترائي پاپ ڌوپجي سگهن ٿا. هينئر رياست ڪٿي نظر نٿي اچي. ڇو جو اسان جو زرعي نظام اسان جي هاري سان جڙيل آهي. وقت سان گڏ جڏهن شيون تبديل ٿينديون مشينون هاري کي ريپليس ڪنديون ان جي تياري اسان کي اڄ کان ئي ڪرڻي پوندي. هن وقت سنڌي قوم جو 75 سيڪڙو تمام گهڻي غربت جو شڪار آهي باقي 25 کان 30 سيڪڙو اسان جهڙا ماڻهو آهن، ان ۾ اسان جي سنڌ جي حڪمران پارٽي وڏي حد تائين ذميدار آهي.
همسري: هاري تنظيمن جي اها شڪايت آهي ته 2012 واري بل ۾ 1950 واري ايڪٽ ۾ ڏنل حق کسجي ويا آهن هڪ قانوندان جي حيثيت ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟
جاويد قاضي: اهو ڪافي حد تائين ٺيڪ به آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي زراعت ڪافي حد تائين فارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي. جيئن ته هاري کي بيدخل نٿو ڪري سگهجي. هاري بل جي مطابق توهان ان کي بيدخل نٿا ڪري سگهو. اهو هڪ وڏو تحفظ آهي جيڪو ٽيننسي ايڪٽ هاري کي مهيا ڪري ٿو. جيئن ته آئون مارڪيٽ اڪانامي جو به شاگرد آهيان ۽ اسان کي ايمانداري سان چوڻو پوندو ته اسان جي پيداواري صلاحيت تي هڪڙو سوال اڀري ٿو. اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان هاري جي ٻار کي بهترين تعليم ڏيون. جيڪڏهن اسان جي حڪومت ايڊيوڪيشن آرمي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي ته ان جو فائدو انهن هاري ٻارن کي ملڻ کپي ته جيئن انهن جي زندگي ۾ تبديلي اچي. تعليم ئي صرف هڪ واحد ذريعو آهي جيڪو ان غريب ٻار کي ان غلامي مان آزاد ڪري سگهي ٿو. توهان ان کان روڊ رستا، اسپتالون کسي وٺو ۽ ان کي ڏيو ٿاڻا ۽ هيپاٽائيٽس سي ۽ پوءِ وري چئو ته هاڻي اسان آڻيون ٿا فارمنگ سسٽم پوءِ توهان ان کان گهر کسي وٺو ته پوءِ ويچارا پيا هوندا ڪنهن پل جي هيٺان. اسان وٽ اهڙن ماهرن جي کوٽ آهي جيڪي انهن مسئلن تي تحقيق ڪن، انگ اکر جمع ڪن ۽ ان جي لاءِ ڪا مضبوط تحريڪ هلائي سگهن يا حڪومت کي صلاحون ڏيئي سگهن.
همسري: جبري پورهيو انساني حقن جي خلاف ورزي آهي پر قانون جي هوندي ان تي عمل ڇو نه ٿي رهيو آهي؟
جاويد قاضي: هاڻي جيڪا فارمنگ آهي اها هڪ قسم جو جبري پورهيو آهي جنهن ۾ مزدور مالڪ کان اڳواٽ قرض کڻي ٿو ته هو مجبور آهي ته هو اتي ان جي فارم تي ڪم ڪندو رهي ۽ پوءِ اهو ان جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ويندو ۽ اتي نسل در نسل ڪم ڪندو رهندو. اسان وٽ ڏکڻ سنڌ جنهن ۾ بدين به اچي وڃي ٿي جبري پورهيو وڌيڪ آهي. ڪجهه جبري پورهيو فرضي به آهي ۽ ڪجهه وري دانشورن جو به ٺاهيل آهي. ڪٿي وري جبري پورهيو ڪرڻ وارو زميندار کي به ٽف ٽائيم ڏئي ويٺو هوندو آهي. ضروري آهي ته ان مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان جي تهه تائين پهچجي. جيڪڏهن ميرٽ تي جبري پورهيو آهي ته ان جي مذمت ڪري سگهجي ٿي. منهنجي خيال ۾ ته ماڊرن فارمنگ جي لاءِ اسان کي ڪجهه اهڙا ماڊل ٺاهڻ کپن جنهن ۾ ڏسجي ته ليبر ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪري ٿو ان کي ڪهڙيون سهولتون ملي سگهن ٿيون ته جيئن اڳتي هلي ان شيءِ کي مڪمل سرشتي ۾ تبديل ڪري سگهجي. اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڇا سنڌ جو آجپو سنڌ جي هاري جي هارپي ۾ آهي يا اسان کي آءِ. ٽي اسپيشلسٽ به پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هينئر جيڪي دنيا جون عظيم قومون نظر اچن ٿيون اهي سڀ هارپو ڪنديون هيون پر پوءِ انهن پنهنجو پاڻ کي هنرمند بڻايو ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون جنهن جي ڪري زرعي پيداوار ڪندڙ جي غربت کي ختم ڪيو ويو. اسان جو نوجوان I.T ڏانهن رجحان رکندڙ آهي. ڳوٺن ۾ اڻ پڙهيل ڇوڪرا اهي ڪمپيوٽر ۽ فون جو استعمال ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهن کي باقاعده تربيت ملندي ته هو ان ۾ پنهنجو مستقبل ٺاهي سگهن ٿا. انڊيا 1990 کان وٺي I.T جي ميدان ۾ لٿل آهي ۽ چاليهه ارب ڊالرن جي I.T جي ميدان ۾ خدمتون ٻين ملڪن کي فراهم ڪري رهيو آهي. هتي ته زميندار جي خواهش اها ئي آهي ته حالتون نه بدلجن ان جي ذميوار پ پ پ جي حڪومت آهي. جنهن رستي تي حڪومت هلي رهي آهي ان ۾ ائين ٿو لڳي ته هو ڳوٺن تي قبضو چاهين ٿا ۽ شهر ٻي ڪنهن ڌر جي حوالي ڪري پنهنجي سياست ڪرڻ چاهين ٿا. هو چاهين ٿا ته ڳوٺن ۾ ڪڏهن به شهري سهولتون نه اچي سگهن. ان طرح سنڌ جي سياست کي ٻن واضح حصن ۾ يعني شهري ۽ ٻهراڙي جي سياست ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين جا دڪان هلندا رهن.
همسري: هاري جو جبري پورهئي ۾ ڦاسڻ رهائش جو نه هجڻ آهي حڪومتي سطح تي جامع ڳوٺ آباد اسڪيمن جو تسلسل ڇو برقرار رهي نه سگهيو آهي؟
جاويد قاضي: انتهائي بيرحم ۽ غافل رياستن مان پاڪستان به ان سلسلي ۾ هڪ آهي. هي ذوالفقار آباد ٺاهين پيا، بحريه جون اسڪيمون ٺاهين پيا. انهن کان سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو پڇاڻو ٿيندو. هنن کان چڱو ته محمد خان جوڻيجو هو جنهن هارين لاءِ اسڪيم شروع ته ڪئي هئي. ڳوٺن ۾ ڪارخانا نٿا لڳائين ۽ سکيا گهر نٿا ٺاهين. توهان ڳوٺاڻن علائقن ۾ هنرمند مزدور پيدا ڪريو ان لاءِ اهڙا ادارا ٺاهيو جتي هو هنر سکي سگهي. اسان کي پنهنجي عهد جو سچ ضرور ڳالهائڻ گهرجي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته توهان کي ڪير آزاد ڪرائيندو توهان کي آزاد ڪرائيندو پنهنجي وقت جو رپيو پر اهو رپيو جيڪو پنهنجي فني صلاحيت سان ڪمايو ويندو. جيڪي آزاد قومون آهن انهن جي مزدورن کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪانهي ته ٻئي ڪنهن وٽ ڪيتريون وڏيون گاڏيون يا بنگلا آهن پر هتي ڀوتارن جون گاڏيون ڏسي انهن وٽ وڏيون وڏيون دعوتون ڏسي اتان جو ڳوٺاڻو ان جي رعب ۾ اچي ٿو وڃي.
همسري: قانوني طور تي هاري کي بينڪ مان قرض ملي سگهي ٿو يا نه؟
جاويد قاضي: هاري قرض نٿو وٺي سگهي، قرض اهو وٺندو جنهن وٽ پاس بُڪ هوندو ۽ پاس بُڪ ان وٽ هوندو جنهن وٽ زمين جو ٽائيٽل هوندو، جيڪو زمين جو مالڪ هوندو. هاري کي قرض ملي سگهن ٿا پر اهي ڪنهن شيءِ جي گروي رکڻ کانپوءِ ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان وٽ گروي رکڻ لاءِ ڪا شيءِ ڪانهي ته ان کي قرض ڇا تي ملندو. ان ۾ وري هڪ نئون تصور موجود آهي جنهن ۾ مائيڪرو فنانسنگ جي تحت بغير گروي جي هاريءَ کي قرض ملي سگهي ٿو. ڇو ته غريب ايماندار هوندو آهي ان کي قرض ڏبو ته ايزي پئسا جو دڪان کوليندو، گاڏو وٺندو، ننڍڙو ڪو ڪاروبار شروع ڪندو. عورتون پنهنجن گهرن ۾ ويهي هنر جو استعمال ڪري ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري سگهنديون آهن. اسان وٽ هاري ۽ غربت هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن پر ترقي يافته ملڪن ۾ هاري ۽ غربت هڪ شيءِ جا ٻه نالا نه آهن. اسان جي ڳوٺاڻي عورت وٽ تمام گهڻو هنر موجود آهي جيڪڏهن ان کي صحيح پلاننگ سان قرض فراهم ڪيو وڃي ۽ ان جي رهنمائي ڪئي وڃي ته هوءَ ٻهراڙين مان غربت جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي آزادي سنڌ جو آجپو سنڌ جي گڊ گورننس ۾ لڪل آهي. اسان جا جيڪي قومپرست ليڊر آهن اهي ماڻهن کي وڏا وڏا دلاسا ته ڏين ٿا پر هو ڪڏهن به اهڙي ڪا گهر نٿا کڻي اچن جيڪا هڪ غريب کي معاشي طور تي طاقتور ڪري سگهي. اسان جو آجپو ۽ آزادي اسان جي اسڪولن ۽ ڪاٽيج انڊسٽري، عورت جي خود مختياري ۽ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي واڌاري ۾ لڪل آهي. ڪراچي هڪ مڊل ڪلاس رکندڙ شهر آهي. جنهن ۾ اتان جا ماڻهو ايم ڪيو ايم سان هڪڙي خاص مقصد سان جڙيل آهن پر پيپلز پارٽي سان ماڻهو ان ڪري جڙيل آهن جو ان وٽ طاقت آهي. فيوڊلزم مان ارتقا ڪري هڪ نيو فيوڊلزم آيو آهي ۽ اهو فيوڊلزم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان کان وڌيڪ ٻي جيڪا ٽريجڊي آهي اها سنڌ جو سجاڳ انٽيليڪچوئل ماڻهو آهي اهو عجيب و غريب قومپرستي جو شڪار ٿي ويو آهي. سنڌي قومپرست کي ڪڏهن موهن جي دڙي جا غيرت جا سوال ٿا ياد اچن ته وري ڪڏهن ٽوپي ۽ اجرڪ جي نالي تي جذباتي ٿا ٿي وڃن. مان ڪوشش ڪريان ته سنڌ کي تعليم يافته بڻايان. سنڌ جاگيرداري نظام مان نڪري ۽ موجوده پيداواري نظام کي تبديل ڪري، هنر مند پيدا ڪري ۽ آءِ. ٽي جا ماهر پيدا ڪري ان ۾ ئي سنڌ جي بقا آهي.
همسري: سنڌ ۾ ٽن بئراجن جون زمينون فوجين ۽ سرڪاري آفيسرن کي مليون ان جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟
جاويد قاضي: الاٽي تحريڪ کان پهرين جيڪي زمينون سرسبز ٿيون اهي مليون ئي سرڪاري آفيسرن کي ۽ گهڻن ئي پنجابين کي مليون. الاٽي تحريڪ ان جو ئي ري ايڪشن هئي ته بئراجي زمينون انهن آفيسرن کي ڏيڻ جي بجاءِ اتان جي لوڪل ماڻهن کي ڏنيون وڃن. 1940 ۾ جيڪا هاري تحريڪ هلي اها ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. اهو ئي بنيادي نقطو هو جنهن ڪري هاري تحريڪ ٺهي جيڪا جمشيد مهتا ۽ جي ايم سيد ٺاهي هئي.
همسري: 1954 ۾ لياقت نهرو پيڪٽ تحت هتان جون زرعي زمينون مهاجرن کي ڏنيون ويون ڇا سنڌ سرڪار ڪوڙن ڪليمن واريون زمينون واپس وٺڻ جي مجاز آهي؟
جاويد قاضي: اهي زمينون هاڻي ڪنهن ڪيس تحت نه پر ان لاءِ جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪا قانون سازي ڪري ته واپس ملي سگهن ٿيون. هاڻي اها ڳالهه آئوٽ آف ڪوئسچن آهي. هاڻي ويٺل ماڻهن کي اٿاري نٿو سگهجي. ان تي ڊاڪٽرائن آف پاسٽ ۽ ڪلوز ٽرانزشن لڳي ٿو.
همسري: 1959 ۾ صدر ايوب جي دور ۾ جيڪي زرعي سڌارا آيا هئا اهي گهڻو ڪري جاگيردارن جي حق ۾ هئا، ڇا ڪجهه فائده غريبن کي به مليا؟
جاويد قاضي: ايوب جي دور ۾ جيڪي سڌارا آيا اهي پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي ذوالفقار علي ڀٽو سڌارا آندا اهي به گهڻا اثرائتا نه هئا. ايوب جي رفارمز کان ڀٽي جا رفارمز ڪجهه بهتر هئا ڀٽي جون ڪجهه ڪمٽمينٽس هيون. 1972 ۾ ڀٽي جي رفارمز ۾ ڪجهه فائدو به پهتو. ان کانپوءِ بي نامي زمينداري جو رواج پيو. ايوب خان جا زرعي سڌارا ڪاسميسٽڪ سرجري هئي جنهن هارين کي ڪوبه ويلفيئر نه ڏنو. ڀٽي جي دور ۾ زرعي سڌارا آندا ويا هن هارين کي هڪ سياسي سوچ ڏني ۽ پنهنجي حق وٺڻ لاءِ آگاهي ڏني پر انهن سڀني کي شريعت ڪورٽ امپليمينٽ ٿيڻ نه ڏنو.
همسري: 1977 مارچ ۾ عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ پ کٽي آئي ۽ زرعي سڌارا آندا ويا پر شرعي عدالت انهن سڌارن کي غير اسلامي قرار ڏنو جيڪو هن وقت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ان ڪيس جو منطقي فيصلو نه ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
جاويد قاضي: شرعي ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو اهو چئلينج ٿيل آهي پر ان ۾ ٻه شيون ڏسڻ جون آهن. شرعي ڪورٽ چيو ته اهو غلط آهي ڇا اهو امپليمينٽ ٿيو يا جيڪي سڌارا آندا ويا اهي ڪينسل ٿيا. ڪيس جڏهن سپريم ڪورٽ ويو ته سپريم ڪورٽ ان کي اسٽي ڏنو آهي. اميڊمينٽ کانپوءِ ان تي جيڪي فيصلا آيا انهن تي پنجن ڇهن سالن کان اسٽي ورتل آهي. ذوالفقار ڀٽي جيڪو ڪم ڪيو ضياءُ الحق ان کي انڪائونٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀٽي صاحب مڙئي هارين جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي پر زرداري صاحب ته الائي ڪهڙي پاسي پيو وڃي. سنڌ ۾ سڌارو ايندو ئي ڪونه جيستائين توهان هارين کي غربت مان نه ڪڍندا.
همسري: ليبر ڪورٽن وانگر ڇا هاري ڪورٽن جي به ضرورت آهي؟
جاويد قاضي: هاري ڪورٽ هينئر موجود ڪونهي جنهن سان هاري جو استحصال ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي اها گهر آهي ته هارين لاءِ ڪورٽون ٺاهيون وڃن. جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت جي ميدان ۾ هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ ڪيترائي قانوني مسئلا اڀرن ٿا انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ هاري ڪورٽن جو نه هجڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. اسان جي اها گهر آهي ته هارين لاءِ ڪورٽون ٺاهيون وڃن جتي هو پنهنجن حقن لاءِ قانوني جنگ وڙهي سگهن. اهي ڪورٽون ٺهي ويون ته صرف هاري کي نه پر زميندار کي به فائدو رسندو. جيڪڏهن هن کي هاري کان ڪا شڪايت هوندي ته ان جو قانوني حل صرف ڪورٽ ئي ڪڍي سگهي ٿي.
همسري: سنڌ هاري ڪميٽي هاري تحريڪ هلائڻ ۾ ڇو ڪامياب نه ٿي سگهي آهي؟
جاويد قاضي: هاري ڪميٽي جو بنياد وجهڻ وارا ماڻهو سمجهه وارا ۽ باشعور هئا. انهن جو موقف هارين لاءِ هڪڙو ئي هوندو هو. انهيءَ مان سنڌي قوم جي ارتقا ٿي هئي. ان مان سنڌ جي ليفٽ جي پاليٽڪس ۽ شعور جي ارتقا ٿي اهو سمجهبو ته اسان جي سنڌ جي سياسي شعور جي ارتقا ئي اتان ٿي جنهن بعد سنڌي ٻوليءَ جو بل جڙيو ۽ ون يونٽ ختم ڪرايو ويو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني ماڻهن جي ڪابه اهڙي ڪانسٽيٽيوئنسي موجود ڪونهي. اسان گڏجي ڪم ڪرڻ واري قوم نه آهيون. سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي گڏ ڪم نه ڪري سگهيا. اين جي او ڪلچر هارين کي نقصان پهچايو آهي اين جي او هڪڙي وائوچر پاليٽڪس آهي. ڪراچي مان جڏهن ايم ڪيو ايم ٺهي ته ڪيڏي فاشسٽ پارٽي ٿي ٺهي وري جماعت اسلامي به تمام طاقتور پارٽي بڻجي اڀري ٿي. سنڌ مان ڪابه اهڙي آرگنائيزڊ پارٽي نه ٺهي سگهي آهي. پ پ پ به جاگيردارن جي پارٽي آهي. اسان سنڌي ڪٿي به جاگيرداري نظام کي ٽوڙي ڪونه سگهياسين اهو شايد اسان جي رت ۾ شامل آهي. اسان قاسم آباد ٺاهيو جيڪو شهري علائقو آهي پر اتي به جاگيرداري آنديسين. آمريڪا وياسين ته اتي به جاگيردار قسم جا ڀوتار ئي رهياسين. اسان جتي به وينداسين اتي اها بيماري کڻي وينداسين. وڏيرو اسان جو آئيڊيل آهي، ان جي اثر مان قوم نڪري نه سگهي آهي.




