الف ليلا وارو حجم چراغ حسن حسرت ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو May 2021
حجم يا نائي، شاهجھان پور جا هجن يا نگينه جا، لاهور جا هجن يا امرتسر جا، هڙ جو هڙ ڳالهير ضرور هوندا آهن. صرف فرق ايترو آهي ته ڪنهن جي زبان قئنچيءَ وانگر هلندي آهي ۽ ڪنهن جي پاڪيءَ وانگر. ڪنهن جي ڳالهين ۾ برش واري نرمي ھوندي آهي ته ڪنهن جي گفتي ۾ نشتر واري تيزي. ڪو صرف لفظن ۾ حجامت ڪندو آهي ته ڪو وار تان به کل لاهي وٺندو آهي.
منهنجو دوست چوڌري محمد علي، انهن ڳالهير حجمن کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. ان معاملي ۾، هو حق بجانب پڻ آهي. ڇو جو سندس حجم، جنهن جي خاندان ۾ سئو پيڙهين کان “حجامت” يا ايئن کڻي چئو “خلافت” هلندي پئي اچي، اهڙيءَ طرح هن جو مزاج سڃاڻندڙ آهي، جهڙيءَ طرح سندس ابا ڏاڏا چوڌري صاحب جي ابي ڏاڏي جي مزاج کي سڃاڻندا هئا. جڏھن خط ٺاهيندي ٺاهيندي پاڪي، شهه رڳ جي ويجھو پهتي ته خليفي چيو: “چوڌري! مينهن لاءِ گاهه کپي!” چوڌري ويچارو، ان حالت ۾ انڪار ڪرڻ کان ته ويو. چهري تي مشڪڻ جا آثار پيدا ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪندي، جواب ڏنائين: “کڻي وڃجانءِ!” خليفي نقصان ڀانئيندي اڃا پير ڊگهيريا ۽ چوڻ لڳس: “چوڌري! هيل سارين مان، اسان کي ونڊ نه مليو!” غرض ته خليفي، خط ٺاهيندي ٺاهيندي، ويچاري چوڌريءَ کي ئي ڪوڙي ڇڏيو.
مان حجمن کان ڪڏهن نه ڊنو هئس، پر گذريل سال اهڙو واقعو ٿيو، جنهن سندن اهميت، منهنجي دل ۾ ويهاري ڇڏي. شام جو وقت هو ۽ مان هڪڙي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هئس. رپن اسٽريٽ کان ٿورو اڳتي وڌيس ته سامهون هڪڙي حجم جو دڪان نظر آيو. جنهن تي بغداد هيئر ڪٽنگ سليون، لکيل هو. مون ٻن ڏينهن کان سنوارت نه ٺاهي هئي. حجم جو دڪان ڏسي، منهنجو کاٻو هٿ، اڻ لکو کاڏيءَ تي پهچي ويو ۽ مون دل ئي دل ۾ چيو: “هيءُ حجم به طبيعت وارو ٿو لڳي. جنهن پنهنجي خلافت جي روايت کان دڪان جو نالو بغداد هيئر ڪٽنگ سيلون چونڊيو آهي. ٻن منٽن ۾، کانئس سنوارت ڇو نه ٺهرائجي.”
مون کان اڳي، دڪان ۾ صرف هڪڙو ڊگھي قد ۽ ويڪري هڏ ڪاٺ وارو همراهه، خط ٺهرائي رهيو هو. سندس وڏا وڏا شهپر ايئن لڳي رهيا هئا ڄڻ کوهه جي پڳ تي آر پار ٻه ڪانءُ ويٺا هجن. خليفي، مون ڏانهن ڏٺي بغير، چيو: “ويهو! مان اجھو واندو ٿيس!”
اهو حجم، هلڪي قد ۽ ڳتيل بت جو ماڻهو هو. مون ڏانهن ته سندس پٺي هئي، ليڪن آئيني منجھان سندس چهرو چٽو نظر پئي آيو. سندس ڳٽا سڪڙيل هئا، اکيون اندر دٻيل هئس. خط ٺاهڻ کان واندو ٿي، مون ڏانهن ڌيان ڪيائين ۽ چوڻ لڳو: “ٻڌايو! اوهان وار ٺهرائيندئو يا صرف ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو ارادو اٿئو؟”
مون جواب ڏنو: “وار ته پوءِ به ڪترائي سگھبا، هن وقت مون کي ڏاڙهي ئي ڪوڙائڻي آهي.”
“اوهان جي ڏاڙهيءَ جا وار، ٿورا سخت ٿا نظر اچن. مان حجامت ۾ هميشه ڪسبت جي اصول کي مد نظر رکندو آهيان. انهيءَ ڪري ڏاڙهي ڪوڙائيندي، اوهان کي ٿوري دير ٿيندي. ليڪن حجامت اهڙي ٿيندي جو ڪلاڪ سوا وارن جي پاڙن تي هٿ ڦيريو ته به پتو نه پوي. اصل ۾ هيءُ هنر، آسان ناهي جو ڪنهن کي پاڪي جھلڻ آئي، حجم ٿي ويو. ميان! حجم ڪو ڪو هوندو آهي. ورنه ته جيڪي ماڻهو پاڪي بغل ۾ وجھيو پيا ڦرن ۽ حجم، خليفو ۽ خدا ڄاڻي ته ڇا ڇا پيا ڪوٺرائين سي گاهي آهن گاهي. دراصل گاهيءَ ۽ حجم، کرپيءَ ۽ پاڪيءَ ۾ وڏو فرق آهي. مگر ان فرق کي، اُهي ماڻهو سمجھن ٿا، جن کي الله سوچ سمجھه ڏني آهي.” اهو چئي، هن پنهنجي نائب کي اشارو ڪيو ۽ برش کڻي مون ڏانهن وڌيو.
حجم پاڪيءَ کي ڇيرو ڏيندي ڏيندي چيو: “اوهان کي خبر آهي، اسان جي پٺيان جيڪا هوٽل آهي، اُتي ڪالهه رات خون ٿي ويو هو. ٻڌو آهي ته لکنئو جي هڪڙي نوجوان سيٺ کي ڪنهن ظالم، ڇُرو کپائي ماري وڌو. مقتول جي نوجوان زال، ساڻس گڏ هئي. اها چوي ٿي ته اڌ رات ڌاري، ڪنهن اسان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو. منهنجو مڙس ٻاهر نڪتو. ٻاهر ڪو ماڻهو ڪمبل ويڙهيو بيٺو هو. ٿوري دير ٻئي آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا رهيا. پوءِ مون کي پنهنجي مڙس جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ ان سان گڏ ايئن لڳو، ڄڻ ڪجهه ماڻهو، تڪڙا تڪڙا ڀڄن پيا.”
“مون خود لاش ڏٺو آهي. لڳي ٿو ته پهرئين ڌڪ تي ئي آنڊا ٻاهر نڪتا اٿس ۽ مقتول تڙپي تڙپي ٿڌو ٿي ويو آهي. عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن ڪرسيءَ تي اوهان ويٺا آهيو، هاڻ ٻه ڏينهن ٿيندا، ويچارو سيٺ، اتي ويٺي کلي کلي مون سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.”
اهو ٻڌي، منهنجي سڄي بت ۾ ڦڙڪڻي پئجي وئي. حجم، پاڪي منهنجي لوندڙيءَ تي رکي ۽ چوڻ لڳو: “مون اهو به ٻڌو آهي ته جنهن عمارت ۾ اها هوٽل آهي، ان ۾ ڀوتن جو واسو آهي. گھڻن ماڻهن، رات جي وقت ۾، هڪڙي سياهه- پوش کي گھمندي ڏٺو آهي، سندس هڪڙو هٿ ڪپيل آهي ۽ منجھانئس تازو رت ٽمندي ڏٺو اٿائون. ٻئي هٿ ۾ تلوار اٿس، جنهن کي گھمائيندو، هوٽل منجھه لنگهي هليو ٿو وڃي.”
اهو چوندي چوندي، خليفي پاڪيءَ کي اهڙيءَ طرح ڦيرڻ شروع ڪيو، جو مان ڊڄي ويس.گهڙي پلڪ، هو چپ چاپ، حجامت ڪندو رهيو. وري چوڻ لڳو: “ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته اگر ڪو حجم، حجامت ڪندي ڪندي پاڳل ٿئي ته ڇا ٿئي؟ ڏسو نه، هن وقت پاڪي اوهان جي نڙگهٽ تي آهي. اگر مان چاهيان ته…” اهو چئي، هن اهڙيءَ طرح مون ڏانهن ڏٺو، جو منهنجي واتان هلڪي رڙ نڪري وئي.
هو ڏاڙهي ڪوڙي چڪو هو ۽ چوڻ لڳو: “هاڻ ٿورو آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي وٺو ۽ منهنجي هنر منديءَ جو داد ڏيو.” مان ته اڳي ئي ڀريو بيٺو هئس، سو ڪڙڪو ڪري چيومانس، “ڌوڙ ۾ پئو! تون ۽ تنهنجي هنر مندي!”
هن چيو: “ڇا ٿيو؟”
مون چيو: “ڇا خوش، اڃان ڪجهه ٿيو ئي ناهي! توکي جنن ڀوتن جي ڪهاڻين ۽ قتل ۽ خون جي قصن ٻڌائڻ جو ڪنهن چيو هو!”
هو چوڻ لڳو: “اڇا! ته پوءِ اوهان منهنجون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويوَ! حالانڪه منهنجي هنرمندي پاڪيءَ جي ڌار ۾ ناهي، بلڪه انهن ڳالهين ۾ آهي. اوهان ايترو ته ٻڌو هوندو ته ڊپ ۽ دهشت جي عالم ۾ ماڻهوءَ جا وار ڪانڊارجي ويندا آهن. اهو ڪو اجايو خيال ناهي. منجھس ڪنهن حد تائين حقيقت آهي. بلڪه منهنجو ته تجربو آهي، جڏهن انسان تي هيبت ۽ دهشت جي ڪيفيت چڙهندي آهي ته سندس بت جي سمورن وارن منجهه هڪ ڇڪ پيدا ٿيندي آهي. هڪ حجم جي نقطهءِ نگاھه کان اها ڇڪ، وڏي مفيد آهي. ڇو جو ان حالت ۾، آسانيءَ سان حجامت ٺاهي سگهجي ٿي. اگر مان اوهان کي اهي قصا نه ٻڌايان ها ته اوهان جي ڏاڙهي، ڪيئن ڪوڙي سگھان ها! اگر ڪوڙي به وٺان ها ته چمڙي هنڌئون هنڌئون ڇلجي وڃي ها! ٿورو آئيني ۾ ته ڏسو! ڪٿي ڪا ھلڪڙي روهنڊ به نه آئي آهي. حقيقت ۾ اوهان کي به اڄ تائين، ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال حجم سان واسطو نه پيو آهي. بهرحال اگر اوهان کي منهنجي ڳالهين مان ٿوري ٿڪي تڪليف پهتي آهي ته مان معافي ٿو گھران.”
سندس اهو دليل ٻڌي، منهنجي ڪاوڙ ڪنهن حد تائين گھٽجي وئي ۽ مون چيو: “تو پنهنجي دڪان جو نالو “بغداد هيئر ڪٽنگ سيلون” ڇو رکيو آهي؟”
چوڻ لڳو: “منهنجا ابا ڏاڏا، بغداد کان آيا هئا. اسان جي خاندان ۾ هيءُ فن، لڳ ڀڳ هزار سالن کان هلندو ٿو اچي. اوهان الف ليلا ۾، بغداد جي هڪ حجم جو حال پڙهيو هوندو. منهنجو شجرو، انهيءَ شخص سان وڃي ملي ٿو.”

