تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان-آسان به آ دشوار به آ
ڇا لکي ڇا لکان. سليم چنا کي خدائي خدمتگار لکان يا باغ بهار لکان. خدائي خدمتگار به سندس طبيعت سان برميچ آهي ته باغ بهار شخصيت به کيس چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. اسان ٻنهي جي جوڙي هاڻي ته مشهور ٿي وئي آهي ايتري قدر جو پروفيسر گل ڪونڌر، محمد وارث عباسي، غلام نبي سومرو ۽ ٻين ڪيترن اديبن وٽ جڏهن پهچندو آهيان ته مون کان سول ڪندا آهن تنهنجو جوڙيوال سليم ڪٿي آهي آئون به ٺهه پهه جواب ڏيندو آهيان اجهو اچي ويندو. ڇاڪاڻ ته جيئن ئي آئون موٽرسائيڪل بيهاريو ڪنهن اديب جو دروازو کڙڪائيندو آهيان تيستائين ادا سليم پنڌ ڪندي هڪ چڪر هڻي ايندو آهي. منهنجو چوڻ آهي ته سليم چنا به اچي ويندو. هن جو پهچڻ سلام دعا کانپوءِ ادبي، سياسي، سماجي ڪچهري شروع پوءِ ڪٿي ٿوري ڪٿي وڌيڪ ليڪن اهو سلسلو جاري آهي. اڪثر ساڻس آئون رابطو ڪندو آهيان ليڪن ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به رابطي ۾ هوندو آهي. ڪنهن مصروفيت يا بيماري سبب هفتو کن جي مون رابطو نه ڪيو ته سندس فون ضرور ايندو. محبتي طبيعت صحيح آهي، خير ته آهي، حال احوال وٺندو، صلاح ڏيندو، هميشه مون سان وڏن وانگر هلندو آهي سمجهائيندو آهي. ڪاوڙ ۾ دڙڪا ڏيڻ به نه ڪيٻائيندو آهي آئون به وڏي ڀاءُ، دلبر دوست، سچي ادبي ڪارڪن جي ڳالهه دل سان ٻڌندو آهيان ڪوشش ڪري ان تي عمل به ڪندو آهيان. منهنجي ادبي قد ڪاٺ ۾ هن جي سمجهائڻ جهڙو عمل دخل آهي. مناسب صلاح مشورا منهنجا به ٻڌندو آهي. ڪڏهن سهمت ڪڏهن ان جو ٻيو توڙ ٻڌائي مون کي ان ڳالهه يا مسئلي تي آڻي بيهاريندو آهي. سنگت ۾ به مون کي مرڪزي عهدي تي آڻڻ وارو، انهن دوستن سان شناسائي وارو پاڻ آهي. ٽيون ڏينهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻيءَ ۾ پاڻ مختصر ڪهاڻي فڪر تنقيد لاءِ پيش ڪيائون جنهن تي پنهنجي واري تي مون راءِ ڏني ته سليم چنا کي مختصر ڪهاڻي لکڻ تي گرفت حاصل آهي، فن حاصل آهي، هن وٽ مختصر سٽن ۾ وڏا مسئلا بيان ڪرڻ جو طريقو آهي. انهيءَ ڪهاڻي ۾ هن جو ڪلائيمڪس ڪمال جو آهي، هن ڪهاڻي ۾ اقتداري قوتن جي پنهنجي اقتدار جي تحفظ جي بحالي ۽ وطن جي وسيلن جي وڪري جي پچار ٿيل آهي. سندس شاعري به سٺي آهي ان ۾ قوم لاءِ پيغام آهي. مون کي سندس بيت، غزل ۽ خاص ڪري وايون وڻنديون آهن. پاڻ کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ محتاط هوندو آهي، مون تي اثر هئڻ ڪري هاڻي آئون به محتاط هوندو آهيان. پنڌ هلڻ جي معاملي ۾ آئون بلڪل سندس مقابلي ۾ نه آهيان. بلڪه زيرو آهيان، باقي اخبار ۾ حيدرآباد سنگت جون خبرون هلائڻ ۾ آئون کانئس گوءِ کڻي ويو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڏينهن رات دير تائين مون رولاڪ سان گڏ هجڻ ڪري کيس ڀاڄائي جي ڪاوڙ کي به منهن ڏيڻو پوندو هوندو. ان ڪري ان ڳالهه جو احساس ڪندي آئون به هرو ڀرو کيس تنگ ڪرڻ کان هاڻي ڪجهه پاسو ڪندو آهيان. سندس اها صلاح ته گهر وارن کي وقت ڏيڻو آهي ان سبب منهنجي ايم فل جي مصروفيت سبب کيس ساهي ملي آهي. پاڻ ادبي سنگت جي معاملن ۾ به منهنجي رهنمائي ۽ مدد ڪندو رهي ٿو. بزم دولهه دريا خان هلائڻ ۽ ان کي ڪاميابي تائين پهچائڻ ۾ به پاڻ مون سان پيش پيش هو. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري ٿيڻ ۽ ايم فل ۾ مصروف رهڻ ڪري بزم دولهه دريا خان يڪي ساهي ۾ آهي. خاص اچ وڃ جي ڪري منهنجا ۽ سندس ٻار اسان ٻنهي کي شڪل ۽ نالي سان سڃاڻن ٿا. اسان گهر کان گم هوندا آهيون ته ٻنهي جا گهر وارا سمجهندا آهن ته گڏ هوندا. ان جو مثال هڪ ڏينهن ادا گهر کان ٻاهر هو کيس گهر پهچڻو هو نه پهتو ته سندس ڪڪي/منهنجي ڀائٽي سنڌو مون کي فون ڪيو، مون کيس چيو بابا هاڻ ئي خبر وٺي ٻڌايان ٿو، مون کي سندس ٿاڪن جي خبر آهي سو هڪ جاءِ، ٻي جاءِ، ٽئين جاءِ تي فون ڪيم خبر پئي ته فلاڻي روڊ کان هاڻي گهر اچي پيو. ننڍڙي کي ٻڌايم ته ٿوري دير ۾ ئي پاڻ خير سان گهر پهتو. آئون سمجهندو آهيان حرڪت ۾ برڪت آهي يعني ادبي ڪمن لاءِ حرڪت ۾ اچڻ تمام ضروري آهي ان ڪري هي ادبي جوڙي توهان کي اڪثر حرڪت ۾ نظر ايندي. هونئن اسان کي هن بي لوث ساٿ تي ناز آهي اسان هڪٻئي جا صلاحڪار به آهيون ته وفادار به آهيون. الله پاڪ کيس خوشين سان آباد رکي.

