نئون

حڪومت ۽ پي ڊي ايم جا مفاد رياست ۽ عوام کي ڇا ملندو؟

اسين هميشه پنهنجي ملڪ جي مسئلن ۽ باقي ملڪن جي ترقي بابت ڳالهائيندا آهيون. اسان پنهنجي ۽ انهن جي درميان فرق ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا، پر اهو فرق صاف ظاهر هوندي به نظر ڪونه ٿو اچي. ڇو ته اسان جو مثال اٺ پکيءَ جهڙو آهي جيڪو شڪاريءَ کي ڏسي پنهنجي منڊي واريءَ ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته کيس ڪير به ڏسي نه رهيو آهي، پر هو پوءِ تمام جلد شڪار ٿي ويندو آهي. اسان به خراب حڪمراني، ڪرپشن، قرضن ۽ خراب معيشت جي هٿان بهتر احتساب نه هجڻ جو شڪار ٿي رهيا آهيون.

دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن جو راز انهن جي شفاف سياست، اثرائتو عوامي توڙي سماجي اڳواڻن ۽ بيورو ڪريسي جو ڪردار آهي جنهنڪري هو ڪڏهن به پوئتي نٿا ٿين ۽ اڳتي وڌندا رهن ٿا مطلب ته پنهنجو پاڻ کان انفرادي طور سهڪاريل ادارن ۾ اخلاقي قدرن سان احتساب ڪن ٿا. خاص طور تي ادارن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ٿا ۽ پنهنجو پاڻ جو به احتساب ڪن ٿا. جنهن ذريعي هو روز مره جي زندگيءَ ۾ سمورن ڪمن کي بهتر نموني منطقي انجام تي پهچائين ٿا ۽ ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هو هڪ بهترين سماج جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

 

پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هتان جي سياست بنسبت ترقي يافته ملڪن جي مختلف آهي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هن وقت تائين ملڪ کي ٻن ڌرين هلايو آهي هڪ فوج ٻيو سويلين ملڪ تي 35 سال فوجي حڪومت رهي آهي ۽ 35 سال سويلين پر هن وقت تائين عوام ۽ رياست جا مفاد مختلف رهيا آهن فوجي حڪومت ۾ جي ڊي پي يعني گروٿ ڊوميسٽڪ پروڊڪٽ بهتر رهي آهي، پر سويلين حڪومت ۾ ان جو ريشو گهٽ هجي ٿو. مطلب ته موجوده سياسي وايو منڊل ۽ اسٽيبلشمينٽ سڀني سياسي پارٽين کي آزمائي چڪي آهي. ڇو ته سياسي پارٽين پنهنجي مفادن خاطر ملڪ کي لٽيو آهي جنهن ۾ رياست جي مفادن کان وڌيڪ موجوده يارهين جماعت جي اتحاد پي ڊي ايم کي جڏهن سينيٽ اليڪشن ويجهو نظر ايندي ئي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ وڌيڪ جنوري 2021 جو چئي اڳتي وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا. پاڪستان جي سياسي وايو منڊل کي ڏسندي نظر وجهنداسين ته جنهن ۾ ملڪي توڙي عوامي مفاد الڳ آهن، پر سياسي کلاڙين جا مفاد پنهنجا آهن جنهن کي هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿو.

 

1 پي ڊي ايم جا مفاد:

پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم ۾ ٽوٽل 11 جماعتي اتحاد آهي نواز ليگ کي پنهنجي سياسي اسپيس رکڻ لاءِ پنجاب جي بيورو ڪريسي تي مڪمل گرفت ته آهي، پر ان جي اعليٰ قيادت مختلف ڪيسن کي منهن ڏيئي رهي آهي شهباز ۽ حمزه شهباز ته جيلن ۾ قيد آهن، پر ان سان گڏ بيڪ ڍور ڊپلوميسي ۾ شهباز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان بهتر لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ رابطا به آهن هڪ طرف شهباز اسٽيبلشمينٽ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ٻئي طرف نواز شريف ملڪي ادارن جي اڳواڻن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. شهباز شريف جي ڪيل ڪوششن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ نواز شريف ۽ مريم نواز جي جيڪا لئنگويج آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي پيو ته موجوده وقت ۾ نواز ليگ لاءِ پاڪستان جي سياست ۾ بهتر ماحول جڙيل نه آهي. ڇو ته نواز شريف جي سياست کي ڏسجي ته هو هميشه فوجي قيادت سان ٽڪراءَ ۾ رهيو آهي جنرل پرويز مشرف کان وٺي راحيل شريف تائين ۽ جنرل قمر جاويد باوجوه سان به هن جا اختلاف ڊان ليڪس تان ٿيا جو ايتري قدر ملڪ کان ٻاهر ويهي ادارن تي تنقيد پيو ڪري ڇو ته نواز شريف کي خبر آهي ته هو پاڪستان جي سياست جو خود پاڻ ته ڪو ڪردار ڪونه ڪري سگهندو، پر مريم نواز لاءِ ڪجهه اسپيس ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي جيڪڏهن ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان نواز شريف جي ڪيل ڪوشش مريم نواز جي سياست کي به ڪيرائي سگهي ٿي. پي ڊي ايم ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست تي نظر وجهون ته مولانا فضل الرحمان به نواز شريف واري سوچ تي بيٺل آهي، موجوده حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ گهٽتائي ڪونه ڪندو. پيپلز پارٽي خاص طور تي آصف زرداري وقت جو فائدو ضرور وٺندو جنهن ۾ پي ڊي ايم جو اتحاد ٽٽڻ جا چانس به آهن. ڇو ته سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽنگ ۾ هارس ٽريڊنگ جو خطرو آهي ان لاءِ ته حڪومت وقت کان اڳ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو چيو آهي ته شو آف هينڊز ذريعي سينيٽ جي چونڊن جي ووٽنگ ڪرائي وڃي جيڪا ڳالهه اپوزيشن رد ڪري چڪي آهي. هاڻي ڏسجي ته حڪومت سينيٽ جي اليڪشن لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي هئي.

 

  1. رياست ۽ عوام جا مفاد:

موجوده صورتحال کي غور سان ڏسجي ته سياسي شعور رکندڙ قوتون پنهنجي سياسي مفادن خاطر رياست ۽ عوام جي مفادن کي نظر انداز ڪن ٿيون، عوام جا مفاد سڌيءَ طرح سان رياست سان ڳنڍيل آهن بهتر حڪمراني احتساب، بهتر تعليم روزگار، صحت بابت جٽادار ڪم ڪرڻ سان رياست کي عوامي فوقيت ملي ٿي رياست کي حڪومت هلائيندي آهي ۽ حڪومت کي عوام ووٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا نمائندا موڪليندا آهن جيڪي حڪومتي ڪار وهنوار هلائين ٿا. بهرحال ملڪ کي هڪ بهتر عوامي حڪمران جي ضرورت آهي جنهن ۾ ملڪي توڙي عوامي مفادن کي مدنظر رکي بهتر فيصلا ڪري ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي ۽ ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي، جنهن سان ئي بهتري اچي سگهي ٿي.

***