پروفائل

سيد صالح محمد شاهه طالب ڀنڀرو

سنڌ سونهاري ڌرتي آهي، جنهن جي هنج ۾ جنم وٺندڙ اديب، شاعر، سگهڙ، پهلوان، ڪهاڻيڪار، فنڪار، اداڪار، صداڪار، مصنف، افسانه نگار، مصور ۽ سورهيه انسان پيدا ٿيا آهن، جن سنڌ ڌرتيءَ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. سيد صالح محمد شاهه به ان انيڪ ماڻهن مان هڪ آهي. پاڻ 04 اپريل 1938ع تي ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ سيد دادن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، ننڍپڻ کان ماٺيڻو خوش اخلاق اعليٰ ڪردار جو مالڪ هو. حيدرآباد شهر جي تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ آيو، جڏهن هوم اسٽيڊ هال ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير اطلاعات پير علي محمد راشدي 17 آگسٽ 1955ع تي ڪيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهريون آواز استاد ماستر محمد ابراهيم جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائيءَ سان نشر ٿيو، سنڌ واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، اهو ريڊيو پاڪستان جو پهريون دور هو، جنهن دور ۾ استاد بلاول بيلجم، استاد محمد ابراهيم، محمد بخش انصاري، استاد عبداللطيف عباسي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، مصطفيٰ قريشي، استاد حمايت علي، نسيم مغل، الهبچايو لغاري پيش پيش هئا. سيد صالح محمد شاهه بطور انائونسر 1958-4-4 عروج تي رهيو. ان بعد 1959-10-19 هفتيوار پروگرام ڪچهري شروع ٿيو. ريڊيو پاڪستان جو ٻيو دور 28 ڊسمبر 1962ع کان شروع ٿيو. جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون پلاٽ مليو، جتي اڄ به  ريڊيو اسٽيشن قائم آهي. 1970ع ۾ اهي سمورا ليجنڊ آرٽسٽ جن ۾ ڊراما نگار ۽ ڪلاڪارن جو دور عروج تي هو. ڊرامن ۾ سائين محمد بخش انصاري، سيد صالح محمد شاهه شروعاتي دور کان ئي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سيد صالح محمد شاهه ننڍپڻ کان ئي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي بيتن، ڪلامن، وائين ۽ سورمين جي سُرن تي دسترس حاصل ڪري ورتي هئي. جنهن ڪري سيد صالح محمد شاهه پنهنجو نالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکن ۾ لکرائي چڪو هو. سيد صالح محمد شاهه ٽي وي پروگرامن اوطاق، رس رهاڻ، ڪچهري، پروگرامن کي به عروج تي پهچايو. ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي، سيد صالح محمد شاهه علم و ادب جو قدردان پارکو هو. ڏاهپ خوش اخلاقي هن جي دلفريب هوندي هئي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هر بيت، وائي، ڪافي کي پڻ ڄاڻي وٺندو هو ۽ دل جي شيشي مان ڏسي پڙهندو هو. سيد صالح محمد شاهه تاريخ پهرين سيپٽمبر 2007 تي اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو.

ڪري دل اداسي پيارا هليا ويا،

روئي ۽ روئاري ويچارا هليا ويا.

هونئن به موت ته انسان کي ضرور ماريندو پيو اچي، پر ڪجهه انيڪ موتين جهڙا ماڻهو شعر ادب جا سخنور ماڻهو هميشه ياد رهندا آهن لفظن دلين، يادن ۽ دعائن ۾.