متحده باني مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقلي خلاف درخواست رد
سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده قومي موومينٽ جي باني (ايم ڪيو ايم) ۽ ٻين جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ڪراچي کان اسلام آباد منتقلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالتي فيصلي ۾ خانگي ٽي وي چينل جي صحافي ولي خان بابر ڪيس جو حوالو به شامل آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده باني ۽ ٻين جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقلي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت اڳوڻي سينيٽر احمد علي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ تحت وفاقي حڪومت کي ڪيس منتقلي جو اختيار حاصل آهي، وفاقي حڪومت کي ڪيس جي منتقلي ۾ اجازت جي به ضرورت ناهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي کي به انهيءَ پارٽي سان تعلق رکندڙ جوابدار قتل ڪيو هو، ولي خان بابر قتل ڪيس جي شاهدن کي به قتل ڪيو ويو، ان پارٽي جي ماضي ۾ ڪارروائي تشدد تي ٻڌل رهي آهي سنڌ حڪومت ان ڪيس سان جڙيل شاهدن ۽ وڪيل کي به تحفظ فراهم ڪري. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري سان ڪيس ٽرانسفر نٿو ٿي سگهي ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل چيف جسٽس جي منظوري ضروري آهي.