پاڪ فوج ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بيان تي سخت ڪاوڙ آهي: آءِ ايس پي آر ترجمان
پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته نازڪ وقت ۾ پاڪ فوج جي سينيئر قيادت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوسناڪ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان پاڪ فوج جي سينيئر قيادت بابت توهين واري ۽ غير ضروري بيان تي پاڪ فوج ۾ شديد غم ۽ ڪاوڙ آهي. پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کي هڪ اهڙي وقت ۾ بدنام ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن هي ادارو هر وقت پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سربراهه لاءِ آئين ۾ طريقيڪار چڱي ريت بيان ڪيو ويو آهي، ان کي تڪراري بنائيندڙ سينيئر سياستدان جو اهو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ مايوس ڪندڙ آهي. فوج جي اعليٰ قيادت پنهنجي حب الوطني ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ڪنهن به شڪ کان مٿانهون ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شاندار خدمتون انجام ڏنيون. اهڙو بيان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي اداري جي مفاد ۾ آهي

