خاص

پي ڊي ايم جو جلسو سڀاڻي ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، شهر کي مختلف پارٽين جي جهنڊن سان سينگاريو ويو

پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو جلسو سڀاڻي ڪوئيٽا ۾ ٿيندو. رپورٽ موجب پي ڊي ايم جي ڪوئيٽا واري جلسي جي لاءِ ايوب اسٽيڊيم جي فوٽ بال گرائونڊ ۾ تياريون زور شور سان جاري آهن. جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ ايف سي سميت 4 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ڪوئيٽا ۾ مختلف سياسي پارٽين جا جهنڊا لڳايا ويا آهن جڏهن ته پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان گذريل رات قلات پهچي ويو آهي. ان کان علاوه محمود خان اچڪزئي، عبدالمالڪ بلوچ ۽ سردار اختر مينگل ڪوئيٽا پهچي چڪا آهن. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي 10 رڪني وفد سان گڏ اڄ ڪوئيٽا پهچي ويندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت کان خاص اڏام جي ذريعي سڀاڻي ڪوئيٽا پهچندو پر جيڪڏهن هو ڪوئيٽا نه پهتو ته هو وڊيو لنڪ جي ذريعي جلسي کي خطاب ڪندو. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ نوازشريف لنڊن مان وڊيو لنڪ جي ذريعي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. ياد رهي ته ان کان اڳ پي ڊيم پنهنجو پهريون جلسو گوجرانوالا ۽ ٻيون جلسو ڪراچي ۾ ڪري چڪي آهي. هوڏانهن مريم نواز ڪوئيٽا روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته جلسو ڪامياب ٿيندو. جڏهن ته اين آر او جي ضرورت ڪنهن ٻئي کي نه پر عمران خان کي آهي.