خاص

ڪراچي جو منصوبو سڄي سنڌ لاءِ تحفو: اسد عمر

منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته بلاول معصوم ٻار آهي ان جي ڳالهه کي ايترو سيريئس نه وٺڻ گهرجي. بلاول ڀُٽو جي ان بيان تي ته اسان کي هاڻي وقت گهرجي تي، اسد عمر چيو ته پُٽ توهان جو نانو 50 سال اڳ حڪمران رهيو آهي. ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروس جي افتتاح جي موقعي تي اسد عمر چيو ته نون ليگ 28 مهينن ۾ گرين لائين بس منصوبي جي انفرا اسٽرڪچر ئي نه ٺاهي سگهي، خدا جي واسطي ڪراچي کي ان جو حق ڏيڻ ڏيو، وچ ۾ نه اچو. پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي اسد عمر چيو ته توهان سنڌ جو رڳو نالو وٺندا آهيو ۽ عمران خان جي حڪومت ڪم ڪندي آهي 6 ڀيرا حڪومت ۽ 4 ڀيرا وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي اربين رپين جي ويڪسين خريد ڪري ڏني، ايندڙ ٽن مهينن ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جو افتتاح ٿيندو.