کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل آهن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي کنڊ مهانگي ٿيڻ جي ڪري جاچ کانپوءِ وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندي، ڪاميٽي کي شگر ملز مالڪن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جا به اختيار ڏنا ويا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم آفيس پاران ڪاميٽي کي هڪ دزن سوال اماڻيا ويا آهن. چيو ويو آهي ته ڪاميٽي تعين ڪري ته ڪير ڪير ملوث آهي. اهو طئي ڪيو وڃي ته مهانگائي سان ڪنهن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ته نه ڪئي پئي وڃي
