خاص

امارات جي مريخ لاءِ پهرين غير انساني مشن “ال امل” اڄ رات روانو ٿيندو.

امارات جو مريخ لاءِ پهريون غير انساني مشن اڄ رات روانو ڪيو ويندو، جيڪو مريخ تي ڪنهن به عرب ملڪ طرفان موڪليل پهريون مشن هوندو. سرخ سياري ڏانهن موڪليل هن مشن جو نالو “ال امل” يعني اميد رکيو ويو آهي جيڪو جاپان جي خلائي مرڪز کان رات 12 لڳي 15 منٽن تي روانو ڪيو ويندو. موسم جي خرابي سبب مريخ لاءِ “ال امل مشن” ۾ دير ٿي سگهي ٿي ان صورت ۾ مشن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ راڪٽ کان الڳ ٿي ويندو. هڪ ڪلو  وزني مشن جي سائز اسپورٽس گاڏي جيتري آهي. متحده عرب امارات جو هي غير انساني مشن 49 1350 ڪروڙ 30 لک ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪري 7 مهينن ۾ سرخ سياري تي پهچندو، پر اتي لهڻ بدران مدار ۾ مريخ جي لاءِ هڪ سال يعني 687 ڏينهن تائين گردش ڪندو. مدار ۾ هن جي سراسري رفتار هڪ لک 21 هزار ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هوندي ۽ هي 55 ڪلاڪن ۾ مدار جي اوسي پاسي پنهنجو هڪ چڪر مڪمل ڪندو. چين ۽ آمريڪا به مريخ لاءِ پنهنجو مشن موڪلڻ جو ارادو رکن ٿا.