خاص

ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن، علائقي واسي سراپا احتجاج

لياقت آباد ايف سي جي علائقي ۾ ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جي اعلان کانپوءِ گهر خالي ڪرڻ جي اعلان خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڊي سي سينٽرل صبح 7 وڳي تائين گهر خالي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو جنهن خلاف علائقي جي ماڻهن احتجاج ڪيو. ناظم آباد ۽ لياقت آباد جي وچ ۾ ٽريفڪ معطل ڪئي وئي. پوليس ۽ سنڌ سرڪار بعد ۾ واضح ڪيو ته اهو آپريشن رهائشي نه ڪمرشل غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيو ويندو، جنهن تي علائقي واسين احتجاج ختم ڪيو ۽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي. احتجاج شروع ٿيندي ئي سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب واضح ڪيو ته ڪنهن جي گهر کي نه ٽوڙيو ويندو، اهو احتجاج ڪمرشل غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ لياقت آباد ۽ ايف سي ايريا جي رهائشين کان گهر خالي ڪرائڻ ۽ انهن کي مسمار ڪرڻ جي معاملي تي سياسي جماعتن ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو ته نالن تي ۽ ٻين سرڪاري هنڌن تي رهندڙ عوام کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ رياست جو فرض آهي. ترجمان چيو ته جهڙي طرح لياري ايڪسپريس وي جي تعمير کان اڳ متاثرين کي متبادل رهائش فراهم ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح رهندڙ خاندانن کي گهٽ ۾ گهٽ متبادل رهائش فراهم ڪرڻ کانپوءِ آپريشن شروع ٿيڻ گهرجي.