ڪرپٽ ماڻهن کان حاصل ڪيل پئسو تعليم تي لڳائڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کان حاصل ڪيل پئسو تعليم تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا. هريپور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي ان رستي تي هلڻ گهرجي جنهن تي الله پاڪ اهو عظيم ملڪ بڻائيندو. هن چيو ته قوم کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته جتان به پئسا بچن اهي تعليم تي خرچ ڪرڻا آهن، اهو رستو ڳولهي رهيا آهيون جنهن تي الله هن قوم کي عظيم بڻائيندو، اهو رستو سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم سان ملندو. هن چيو ته اسان کي غلامي واري سوچ ختم ڪرڻي پوندي، جڏهن کان حڪومت آئي تعليم تي توجهه نه ڏيئي سگهي آهي. پهريون سال معيشت جي بهتري ۽ ٻيو سال ڪورونا سان جنگ ۾ گذريو، اسين نقال بڻجي رهجي ويا آهيون، اسين ڪي سٺا غلام بڻجڻ نٿا چاهيون، ايجادون چاهيون ٿا، تعليم تي جيتري سرمائيڪاري ڪنداسين ملڪ جو مستقبل ايترو ئي بهتر ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته ڪالونيل ازم سبب اسان جو پاڻ مان اعتماد ختم ٿيو، اسين ڇو پنهنجا سائنسدان پيدا نٿا ڪريون، ڇو ڪا ايجاد نٿا ڪريون. هن چيو ته اسان نقال بڻجي ويا آهيون، صرف نقل ڪريون ٿا، پر اسين ڪي سٺا غلام بڻجڻ نٿا چاهيون، اسين ايجاد ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان وٽ نوجوانن جو وڏو تعداد آهي ۽ باصلاحيت ماڻهو آهن، اسين ايجادون چاهيون ٿا، پنهنجو نئون رستو چونڊڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي.

