خاص

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، وڌيڪ پنجهتر مريض حياتيون وڃائي ويٺا

پاڪستان ۾ ساڍن چئن مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ 75 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 8 هزار 166 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 829 نوان ڪيسز سامهون آيا ۽ متاثر ماڻهن جو ٽوٽل انگ 4 لک 3 هزار 313 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 45 هزار 365 مريص صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 49 هزار 780 علاج هيٺ آهن. ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 3 هزار 66 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ 2 هزار 962، خيبر پختونخواهه هڪ هزار 375، اسلام آباد 324، گلگت بلتستان 97، بلوچستان 169 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 173 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 30 هزار 748، خيبر پختونخواهه 47 هزار 701، سنڌ ۾ هڪ لک 75 هزار 642، پنجاب هڪ لک 20 هزار 356، بلوچستان 17 هزار 215، آزاد ڪشمير 6 هزار 982 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 667 ڄڻا ڪورونا سبب متاٿر ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگين جي شرح 2.02 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪورونا سبب فوت ٿي ويل 76 سيڪڙو ماڻهن جون عمرون 50 سال کان وڌيڪ آهن. ڪورونا سبب فوت ٿي ويل 72 سيڪڙو ڪورونا جا مريض ٻين بيمارين ۾ مبتلا هئا.