بلاگ

ننڍڙيون تبديليون، وڏا نتيجا ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي

سٺين عادتن اختيار ڪرڻ ۽ برين مان جند ڇڏائڻ جو آزمايل نسخو:

تعارف:

منهنجي ڪهاڻي

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي ته اهو منهنجو هاءِ اسڪول ۾ ڏهين جماعت جو آخري ڏينهن هو جو منهنجي منهن تي بيس بال جي زوردار بيٽ لڳي هئي. جيئن ته منهنجو هم جماعتي پنهنجي ڀرپور جوش ۾ هو، بيٽ سندس هٿن مان ترڪي، هوا ۾ اڏامندي، اچي اکين جي وچ ۾ منهنجي نرڙ تي ڌم ڪيو. ان کانپوءِ ڇا ٿيو، مون کي ڪجھ به ياد ڪونهي!

اها بيٽ منهنجي منهن تي ايڏو ته زور سان ٽڪرائي هئي جو ان منهنجو نڪ ڀڃي، ان کي يو جي شڪل وارو بدصورت نڪ بڻائي وڌو هو. ان ٽڪراءُ منهنجي دماغ جا تاڙ وڄائي ڇڏيا. هڪدم مون کي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجو سڄو مٿو سڄي پيو آهي. چند سيڪنڊن ۾ منهنجو نڪ هنڌان هنڌان ڀڳل هو ۽ منهنجي اکين جا تارا ڦريل هئا.

جڏهن منهنجي اک کلي ته مون ماڻهن کي پنهنجي طرف گھوريندي ۽ مدد لاءِ ڊوڙندي ڏٺو. جڏهن مون پاڻ تي نظر وڌي ته مون کي پنهنجي ڪپڙن تي رت جا ڇنڊا نظر آيا. منهنجي هڪڙي هم جماعتي پنهنجي قميص لاهي مون کي ڏني، جنهن سان مون پنهنجي ڀڳل نڪ کي پڪڙيو ته جيئن رت بيهي سگھي. آئون ڄڻ صدمي ۾ هئس ۽ منهنجون متيون منجهيل هيون. مون کي خبر ئي ڪانه هئي ته آئون ڪيترو شديد زخمي ٿي پيو هئس. منهنجي استاد مون کي سهاري ڏيڻ لاءِ پنهنجي ٻانهن ڦيرائي منهنجي ڪلهي ۾ وڌي ۽ اسين ٻني مان ٿيندا، ٽڪري جي هيٺان، اسڪول جي پٺيان نرس جي آفيس ڏانهن وڃڻ لڳاسين. مختلف هٿ مون کي ڇهي رهيا هئا. ڪو مون کي ڪٿان پڪڙي رهيو هو ته ڪو ڪٿان. اسان آهستي آهستي پنڌ ڪندا رهياسين. اهو هڪڙو هڪڙو لمحو ڪيئن پئي گذريو، ڪنهن کي به ان جو اندازو نٿو ٿي سگھي.

جڏهن اسين نرس وٽ پهتاسين ته ان مون کان ڪيئي سوال پڇيا، جهڙوڪ : “هي ڪهڙو سال پيو هلي؟” “1998” مون وراڻيو، جڏهن ته اهو سال 2002 هو. “آمريڪا جو صدر ڪير آهي؟”، “بل ڪلنٽن” مون جواب ڏنو، جڏهن ته صحيح جواب هو جارج ڊبليو بش. “تنهنجي ڀاءُ جو نالو ڇا آهي؟” “اوه، امان!” مون بار بار پاڻ کان پڇيو پئي. ڏھ سيڪنڊ گذري ويا. “پاتي”، مون مڙيئي چيو، مد نظر ان جي ته مون کي امان جو نالو ٻڌائڻ لاءِ به ڪجھ دير سوچڻو پيو.

جيستائين مون کي ياد آهي اهو آخري سال هو. منهنجي دماغ ۾ تيزي سان وڌندڙ سوڄ کي منهنجو جسم هاڻي برداشت نٿي ڪري سگھيو ۽ ايمبولينس اچڻ کان اڳ ئي آئون بيهوش ٿي ويس. چند گھڙين کانپوءِ، مون کي اتان جي ويجهي اسپتال نيو ويو.

اتي پهچڻ کانپوءِ ڄڻ ته منهنجو بدن سسڻ لڳو. مون کي ساھ کڻڻ ۽ ڳيت ڏيڻ لاءِ به جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي. مون نيٺ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ساھ کڻڻ ڇڏي ڏنم. ڊاڪٽر مون کي آڪسيجن ڏيڻ لاءِ ڀڳا ۽ انهيءَ سان ئي گڏ هنن اهو سمجهي ورتو ته ان مقامي اسپتال ۾ منهنجي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گھربل سهولتون موجود ڪونهن. هڪدم هيلي ڪاپٽر گھرائي مون کي سنسناتي جي وڏي اسپتال نيو ويو. آئون ايمرجنسي واري ڪمري جي دروازن ۽ گھٽي جي پرئين پاسي موجود هيلي پيڊ جي وچ ۾ پئي ڦريس. اسٽريچر، ناهموار پيادل رستي تي رکيو ويو، جڏهن ته هڪڙي نرس مون کي ان تي ليٽايو ۽ ٻي پنهنجي هٿ سان پمپ ڪري مون ۾ ساھ پئي وڌو. امان جيڪا چند گھڙيون اڳي ئي اسپتال پهتي هئي، سا به هيلي ڪاپٽر ۾ منهنجي ڀر ۾ ويٺي. جڏهن هن فلائيٽ ۾ منهنجو هٿ جھليو ته آئون بيهوش ٿي چڪو هئس ۽ پنهنجو پاڻ ساھ نٿي کڻي سگھيس. جڏهن امان مون سان گڏ هيلي ڪاپٽر ۾ رواني ٿي ته بابا گھر ويو ته جيئن ڀائرن ڀينرن کي اها خبر ٻڌائي سگھي. بابا، ڀيڻ کي اها خبر ٻڌائيندي روئي ڏنو ۽ چيائين ته “اڄ رات هو پنهنجي گريجوئيشن واري تقريب ۾ وڃي نه سگھندو.” ڀائرن ڀينرن کي مائٽن وٽ ڇڏڻ کانپوءِ هو امان وٽ سنسناتي آيو. جيئن ته آئون ۽ امان اسپتال جي ڇت تي وڃي لٿاسين، تقريبن ويهن ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم هيلي پيڊ تي پکڙجي وئي ۽ مون کي ٽراما يونٽ آندو ويو. ان وقت تائين منهنجي دماغ جي سوڄ شديد وڌي چڪي هئي ۽ مون کي دورا پئي پيا. منهنجي ڀڳل هڏين کي جوڙڻ جي شديد ضرورت هئي، پر آئون ان حالت ۾ ئي ڪونه هئس جو منهنجي سرجري ٿي سگھي. ٽئين ڏينهن تي جڏهن مون کي وري دورو پيو ته مون کي دوائن ذريعي ڪوما ۾ وڌو ويو ۽ وينٽيليٽر تي رکيو ويو.

هيءَ اسپتال امان بابا لاءِ نئين ڪونه هئي. ڏھ سال اڳ، جڏهن منهنجي ڀيڻ کي ٽن سالن جي عمر ۾ بلڊ ڪينسر ٿي تڏهن انهيءَ عمارت جي گرائونڊ فلور تي هن جو علاج ٿيو هو. انهيءَ وقت آئون پنجن سالن جو هئس. منهنجو ننڍو ڀاءُ فقط ڇهن مهينن جو هو. اڍائي سالن جي ڪيمو ٿراپي ۽ نرين جي بايوپسي جي لڳاتار علاج کانپوءِ منهنجي ننڍي ڀيڻ جي ڪينسر جهڙي موذي مرض مان جند آجي ٿي ۽ هاڻي وري ڏهن سالن جي نارمل زندگي گذارڻ کانپوءِ، منهنجن ويچارن مائٽن کي قسمت هڪ دفعو ٻيهر ٻئي ٻار سان گڏ ساڳي هنڌ کڻي آئي هئي.

جيئن ئي آئون ڪوما ۾ هليو ويس، اسپتال هڪڙي پادري ۽ هڪڙي سوشل ورڪر کي امان بابا وٽ آٿت ڏيڻ لاءِ موڪليو. هي اهو ئي پادري هو جيڪو ساڻن ڏهاڪو سال کن اڳ ۾ شام جو تڏهن مليو هو جڏهن منهنجي ڀيڻ جو ڪينسر جو علاج پئي ٿيو.

نيٺ الله الله ڪري ڏينهن گذريو ۽ رات ٿي. ڪيترين مشينن وسيلي آئون زنده هئس. منهنجا مائٽ اسپتال جي گدي تي آرامي هئا. هڪ لمحي اهي ٿڪاوٽ جي ڪري بيحال ٿي چڪا هئا ته ٻئي لمحي اهي پريشاني سبب کڙا تڙا بيٺا هئا. بعد ۾ امان مون کي ٻڌايو ته اها رات سندس زندگي جي بدترين راتين مان هڪ رات هئي.

منهنجي چڱ ڀلائي:

خدا جي رحم ڪرم سان ٻئي ڏينهن ئي منهنجو ساھ کڻڻ واپس انهيءَ پوائنٽ تي موٽي آيو جنهن تي ڊاڪٽرن اطمينان ڏيکاريو ۽ مون کي ڪوما مان ڪڍيو ويو. جڏهن مون کي هوش آيو ته مون کي محسوس ٿيو ته آئون پنهنجي سونگھڻ جي سگھ وڃائي ويٺو هئس. پرکڻ لاءِ، نرس مون کي نڪ مان زور سان ڦوڪارڻ لاءِ ۽ صوف جي جوس جي دٻي کي سونگھڻ لاءِ چيو. منهنجي سونگھڻ جي حس واپس موٽي آئي، پر هرڪو حيران هو ته جيئن ئي مون نڪ مان ساھ ڦوڪاريو، اکين جي کوپن جي فريڪچرن وچان هوا زور ڏيئي نڪتي ته منهنجي کاٻي اک به ٻاهر نڪري آئي. منهنجي اک، کوپي کان ٻاهر جهلي ۽ نس جي وچ ۾ پئي لڙڪي.

اکين جي ماهر ڊاڪٽر چيو ته منهنجي اک آهستي آهستي جيئن جيئن هوا نڪرندي ته پنهنجي جاءِ تي ويهجي ويندي، پر ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو اها ان کي به خبر ڪانه هئي. هڪ هفتي کانپوءِ منهنجي سرجري ٿيڻي هئي، جنهن ڪري زخمن ڀرجڻ لاءِ ڪجھ وقت ملي ويو. ايئن پئي لڳو ته آئون باڪسنگ ميچ ۾ پنهنجو منهن ڀڃرائي آيو هئس، پر مون کي اسپتال مان ڇٽي ملي ويئي. جڏهن آئون گھر موٽيس ته منهنجو نڪ ڀڳل هو، منهن ۾ درجن کن فريڪچر هئا ۽ کاٻي اک سڄل هئي. ان کانپوءِ وارا مهينا ڏاڍا ڏکيا هئا. ايئن پئي لڳو ته زندگي ۾ هر شيءِ بيهجي وئي هجي. ڪيترن هفتن تائين مون کي هر شيءِ ٻٽي نظر ايندي هئي. سڌو ته آئون ڏسي ئي ڪونه ٿي سگھيس. سڌي ڏسڻ ۾ مهيني کان مٿي وقت لڳو، پر منهنجي اک جو کوپو آهستي آهستي پنهنجي اصلي جاءِ تي ويٺو. ان سموري قصي کانپوءِ مون کي تقريبن اٺ مهينا لڳا جو آئون وري گاڏي هلائڻ جهڙو ٿيس. فزيو ٿراپيءَ ۾ مون بنيادي ڪمن، جهڙوڪ: سڌي لائين ۾ هلڻ جي مشق ڪئي. مون اهو طئي ڪري ڇڏيو ته ان ڌڪ جي ڪري آئون ڪمزور ڪونه ٿيندس، پر ڪيئي ڀيرا آئون ڊپريس به ٿيو هوندس ۽ دل پڻ لاٿي هوندم!

جڏهن آئون هڪ سال کانپوءِ بيس بال کيڏڻ لاءِ ويس ته اهو خيال به مون لاءِ اذيتناڪ هو ته آئون ڪيڏو نه پٺتي رهجي ويو هئس. بيس بال منهنجي زندگي جو اهم حصو رهي آهي. بابا، سينٽ لوئس ڪارڊينلس لاءِ بيس بال جي ننڍي ليگ کيڏيو ۽ منهنجو خواب هو ته آئون پڻ ان کي پنهنجي شعبي جي طور اختيار ڪريان. صحت جي بحالي جي ڪيئي مهينن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي خواهش هئي سا هئي بيس بال جي ميدان ۾ وري وڃي کيڏڻ!

پر بيس بال ۾ منهنجي موٽ ڪا سولي ڪانه هئي. مند جي آخر ۾، جڏهن ڇانٽي جي واري ٿي آئي ته مون کي سڀ کان پهريان يونيورسٽي جي بيس بال ٽيم مان خارج ٿي ڪيو ويو. مون کي جونيئر يا سيکڙاٽ ٽيم ۾ اماڻيو ٿي ويو. توهان سمجهي سگھو ٿا ته اهڙي ماڻهو لاءِ اها ڪيڏي بي عزتي جي ڳالھ آهي جنهن چار سالن جي عمر کان اها راند کيڏڻ شروع ڪئي هجي ۽ پنهنجو سڀ کان وڌيڪ وقت ۽ محنت ان تي لڳايا هجن. مون کي اڄ به اهو ڏينهن چٽي طرح ياد آهي. آئون ڊوڙي وڃي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺس ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس. جيئن ئي ريڊيو هليو ته مون ڪو اهڙو گانو ڳولڻ چاهيو جيڪو ٻڌي آئون بهتر محسوس ڪريان.

پنهنجو پاڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو هئم. سال کن کانپوءِ يونيورسٽي ٽيم کي آئون سينئر ٽيم بڻائي سگھيس، پر ميدان ۾ وري به اهو ڪرڻ ڏکيو هو. آئون هاءِ اسڪول يونيورسٽي بيس بال جون ڪل يارنهن اننگون کيڏي سگھيس. مطلب ته مشڪل سان هڪڙي راند!

هاءِ اسڪول جي ان قسم جي بري ڪيريئر جي باوجود مون کي اهو يقين هو ته آئون هڪ ڏينهن عظيم رانديگر بڻجندس ۽ مون کي اها به پڪ هئي ته جيڪڏهن شيون بهتر ٿيون ٿين ته فقط آئون ئي هوندس جيڪو انهن کي بهتر ڪري سگھيو هوندو. منهنجي زندگي ۾ اهڙو موڙ، ڌڪ جي ٻن سالن کانپوءِ آيو، جڏهن مون ڊينيس يونيورسٽي ۾ پنهنجو ڪاليج شروع ڪيو. اها نئين شروعات هئي ۽ اهائي اها جاءِ هئي جتي مون پهريون ڀيرو ننڍڙين عادتن جي حيرت ۾ وجهندڙ طاقت کي دريافت ڪيو.

عادتن بابت مون ڪيئن سکيو؟:

ڊينيس يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ منهنجي زندگي جو بهترين فيصلو هو. بيس بال ٽيم ۾ مون کي جڳھ ملي وئي ۽ جيتوڻيڪ نئين هئڻ ڪري منهنجو نالو رجسٽر جي پڇاڙيءَ ۾ هو، پر مون پاڻ کي مڃرايو. منهنجي هاءِ اسڪول وارن سالن جي بگاڙ جي باوجود آئون پاڻ کي ڪاليج جي رانديگر جي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هئس.

منهنجو قصو جيئن ته الڳ هو، سو مون پنهنجي زندگي کي ترتيب ڏيڻ تي فوڪس ڪيو. ڇاڪاڻ جو ان کانسواءِ مون لاءِ بيس بال ٽيم ۾ رهڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن ڪونه هو. منهنجا ساٿي رات دير تائين جاڳندا هئا ۽ وڊيو رانديون کيڏندا هئا، جڏهن ته مون سوير سمهڻ ۽ سوير اٿڻ جي عادت جوڙي. ڪاليجي زندگي جي بي ترتيبي واري دنيا ۾، مون ڪوشش ڪري پنهنجي ڪمري کي سدائين صاف سٿرو ۽ ترتيب ۾ رکيو. جيتوڻيڪ اهي تمام ننڍڙيون شيون هيون، پر ايئن ڪرڻ سان مون ۾ پنهنجي زندگي تي اختيار جو احساس پيدا ٿيو. مون ٻيهر پراعتماد محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان وڌندڙ اعتماد جو اثر منهنجي پڙهائي تي پيو. مون پنهنجي پڙهائي ڪرڻ جي عادتن کي بهتر بڻايو ۽ پهرئين سال ۾ ئي مڙني مضمونن ۾ منهنجو اي گريڊ آيو. عادت دراصل روز مره ڪم ڪار يا اهڙي عمل جو نالو آهي جيڪو اوهان باقاعدي سر انجام ڏيو ۽ ڪيئي ڀيرا ته اهو عمل خودڪار ٿئي ٿو. هر سيمسٽر جي پاس ٿيڻ تي، مون چند ننڍڙيون، پر مستقل عادتون پئي گڏ ڪيون جن آخرڪار مون کي اهي نتيجا ڏنا، جيڪي منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هئا. مثال طور: زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون پنهنجي عادت جوڙي ته هفتي ۾ ڪيئي ڀيرا وزن کڻندس ۽ انهيءَ سال ۾ منهنجو 6 فوٽ 4 انچ فريم وارو جسم 170 پائونڊن جي هلڪڙي وزن مان وڌي هڪ بهتر يعني 200 پائونڊن تي رسيو.

جڏهن منهنجي کيڏڻ جي مند آئي ته مون کي راند شروع ڪرڻ واري ڪردار ۾ رکيو ويو. منهنجي جونيئر ٽيم مون کي ڪئپٽن طور چونڊيو ۽ جڏهن مند ختم پئي ٿي ته آئون آل ڪانفرنس ٽيم لاءِ چونڊجي چڪو هئس، پر اهو ان کان اڳلي مند تائين بلڪل ڪونه هو. منهنجي سمهڻ، پڙهڻ ۽ جسم کي مضبوط ڪرڻ وارين مشقن جي عادتن ئي مون کي ڪاميابي تائين رسايو.

بيس بال جو ڌڪ منهن ۾ لڳڻ، اسپتال کڄي وڃڻ ۽ ڪوما ۾ هليو وڃڻ جي ڇهن سالن کانپوءِ اهو ممڪن ٿي سگھيو ته مون کي ڊينيسن يونيورسٽي ۾ بهترين مرد ايٿليٽ (رانديگر) جي طور تي چونڊيو ويو ۽ اِي ايس پي اين اڪيڊمڪ آل آمريڪا ٽيم ۾ منهنجو نالو ڏنو ويو، جيڪو سموري ملڪ جي فقط 33 رانديگرن کي مليل اعزاز هو. جڏهن مون گريجوئيشن مڪمل ڪئي ته ان وقت اٺن مختلف شعبن ۽ ڪمن جي رڪارڊ تي منهنجو نالو شامل هو. ساڳئي سال، يونيورسٽي جي سڀ کان اعليٰ اڪيڊمڪ ايوارڊ “صدارتي ايوارڊ” سان نوازيو ويو.

جيڪڏهن ان ۾ اوهان کي وڌاءُ لڳي ته مون کي معاف ڪجو. ايمانداري جي ڳالھ اها آهي ته منهنجي راند جي ڪيريئر ۾ ڪابه عظيم ۽ تاريخي شيءِ ڪانهي. مون ڪڏهن به پروفيشنل راند کيڏڻ کي ختم نه ڪيو. جڏهن ته آئون گذريل انهن سالن تي نظر وجهان ٿو ته آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته مون زندگي ۾ اهو ڪجھ حاصل ڪيو جيڪو شايد ئي اهڙين حالتن ۾ ڪير حاصل ڪري سگھندو. مون پنهنجي لياقتن کي ڀرپور استعمال ڪيو ۽ مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب ۾ ونڊيل خيال اوهان کي پڻ اوهان جي لياقتن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

اسين سڀ زندگين ۾ وڏي جاکوڙ ڪريون ٿا. منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي جاکوڙ ان ڌڪ کي منهن ڏيڻ هو ۽ ان تجربي مون کي اهو اهم سبق سيکاريو ته بظاهر ننڍڙيون ۽ غير اهم نظر ايندڙ تبديليون دراصل اوهان کي وڏا نتيجا ڏيئي سگھن ٿيون، جيڪڏهن اوهان سالن جا سال انهن سان چهٽا رهو. اسان سڀني کي جهٽڪا لڳن ٿا، پر زندگي جي وڏي سفر ۾، اسان جي زندگين جو دارو مدار اسان جي عادتن جي معياري هجڻ تي انحصار ڪري ٿو. موجوده عادتن سان اوهان ساڳين نتيجن تي پهچندو، پر بهتر عادتن سان تبديلي ممڪن آهي.

ممڪن آهي اهڙا ماڻهو به هجن جن رات پيٽ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هجن. اهڙن ماڻهن منجهان آئون هڪڙو به ڪونه سڃاڻان ۽ يقينن آئون اهڙن ماڻهن مان ڪونه آهيان. ڪوما ۾ وڃڻ کان وٺي آل آمريڪا اڪيڊمڪ ٽيم جي حصي ٿيڻ تائين جي سموري سفر ۾، ڪو هڪڙو خاص لمحو ڪونهي بلڪه اهو سفر ڪيئي لمحن ۽ واقعن تي ٻڌل آهي. اها ڏاڪي به ڏاڪي ارتقا آهي. اها ننڍين ننڍين ڪاميابين ۽ ذرڙين حاصلات جي ڊگھي فهرست آهي. مون ترقي فقط هڪ ئي طريقي سان ڪئي آهي، جنهن کانسواءِ مون وٽ دراصل ٻي واٽ ڪانه هئي، سا اها ته مون ننڍڙي شيءِ کان شروعات ڪئي ۽ مون اهو ساڳيو اصول لاڳو ڪيو جڏهن ڪجھ سالن کانپوءِ مون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ هن ڪتاب تي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪيم.

هي ڪتاب مون ڇو ۽ ڪيئن لکيو؟:

نومبر 2012 ۾ جيمس ڪليئر، ڪام تي آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيم. عادتن سان جڙيل تجربن کي سالن تائين رقم ڪندو رهيس ۽ آخرڪار آئون اهو سڀ ماڻهن سان ونڊڻ لاءِ تيار هئس. سومر ۽ خميس واري ڏينهن نئون آرٽيڪل ڇپائڻ کان شروعات ڪيم. ڪجھ ئي مهينن ۾ لکڻ جي ان عادت جي ڪري منهنجا هڪ هزار اي ميل سبسڪرائبر بڻجي ويا ۽ 2013 جي آخر تائين اهو نمبر وڌي ٽيهن هزارن تائين پهتو.

2014 تائين، منهنجي اي ميل وڌي وڃي هڪ لک کي پهتي، جنهن اهو ثابت ڪيو ته اهو انٽرنيٽ جو سڀ کان تيزي سان وڌندڙ خبر نامو يا نيوز ليٽر آهي. ٻه سال اڳ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته مون کي پاڻ ئي اعتبار ڪونه پئي آيو ته اهو آئون آهيان ۽ هاڻي صورتحال اها هئي جو آئون عادتن جي موضوع جو ماهر بڻجي چڪو هئس. اهو مون لاءِ نئون لقب هو جيڪو مون لاءِ خوشي سان گڏوگڏ اضطراب جو باعث پڻ هو. مون پاڻ کي ان موضوع جو ڪڏهن به ماهر نٿي ڄاتو. آئون دراصل پڙهندڙن سان گڏوگڏ هڪڙو تجربا ڪندڙ شخص هئس.

2015 ۾ منهنجا اي ميل سبسڪرائبر ٻه لک ٿي چڪا هئا ۽ مون پينگئن رينڊم هائوس سان ڪتاب جي ڊيل صحيح ڪئي ۽ هي ڪتاب لکڻ شروع ڪيم، جيڪو اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي. جيئن جيئن منهنجا پڙهندڙ وڌيا تيئن تيئن منهنجو ڪاروبار به وڌيو. “عادتن جي جڙڻ، تبديل ٿيڻ ۽ مسلسل بهتري جي سائنس” جي موضوع تي وڏين وڏين ڪمپنين پاران مون کي ڳالهائڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو. مون کي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪانفرنسن ۾ مهمان خصوصي ڪري گھرايو ويو.

2016 ۾، منهنجا مضمون ٽائيم، اينٽرپرينيور ۽ فاربس جهڙن جڳ مشهور ميگزينن ۾ ڇپيا. ان سال منهنجون لکڻيون اٺ ملين کان وڌيڪ ماڻهن پڙهيون. اين ايف ايل، اين بي اَي ۽ ايم ايل جي ڪوچن منهنجون لکڻيون پڙهڻ شروع ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي ٽيمن سان ونڊيو. 2017 جي شروعات ۾ مون “عادت اڪيڊمي” جوڙي، جيڪا انهن فردن ۽ تنظيمن جي لاءِ هڪڙو اهم تربيتي پليٽ فارم بڻجي وئي، جيڪي پنهنجي زندگين ۽ ڪمن ۾ بهتر عادتن جوڙڻ جا خواهشمند هئا. 500 ڪمپنين ۽ نوان ڪاروبار شروع ڪندڙن پنهنجي ليڊرن کي اڪيڊمي ۾ داخل ڪرايو ۽ پنهنجي اسٽاف کي تربيت ڏياري. تقريبن ڏھ هزارن کان مٿي ليڊرن، مئنيجرن، ڪوچن ۽ استادن “عادت اڪيڊمي” مان تربيت حاصل ڪئي ۽ انهن سان گڏ جيڪو مون ڪم ڪيو ان مون کي اهو سيکاريو ته اصل دنيا ۾ سٺين عادتن جوڙڻ جو صلو ڪيئن ملي ٿو.

جڏهن 2018 ۾ هي ڪتاب آخري مرحلن ۾ آهي ته جيمس ڪليئر ڪام کي هر مهيني لکين ماڻهو ڏسن ٿا ۽ تقريبن پنج لک منهنجي هفتيوار اي ميل خبر نامي جا سبسڪرائبر آهن. اها تعداد منهنجي اميدن کان ڪيئي ڀيرا مٿي آهي ۽ مون ڪڏهن به ان بابت ايئن سوچيو به ڪونه هو.

هي ڪتاب اوهان کي ڪيئن فائدو ڏيئي سگھي ٿو؟:

وڏو اينٽرپرينيور ۽ سيڙپڪار نول روي ڪانت چوي ٿو “عظيم ڪتاب لکڻ لاءِ پهرين اوهان کي خود هڪڙو ڪتاب بڻجڻو ٿو پوي.” هتي جيڪي به خيال مون لکيا آهن اهي سڀ پهريان مون سکيا آهن، ڇاڪاڻ جو اهي ڪيا اٿم ۽ انهن سان گڏ گذاريو اٿم. مون کي ننڍڙين عادتن تي ڀاڙڻو پيو ته جيئن آئون پنهنجي ڌڪ مان چڙهي سگھان، جم ۾ ورزش ڪري وڌيڪ مضبوط بڻجي سگھان، فيلڊ ۾ بهتر طريقي سان کيڏي سگھان، ليکڪ بڻجي سگھان، ڪامياب ڪاروبار ڪري سگھان ۽ سڀ کان اول هڪڙو بهتر انسان بڻجي سگهان. انهن ننڍڙين عادتن، منهنجي لڪل لياقتن کي اڀاريو ۽ جيئن ته اوهان هن ڪتاب کي چونڊيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اوهان پڻ ساڳئي سفر جا ساٿي آهيو.

اڳئين صفحن ۾، آئون بهتر عادتن جوڙڻ جي حوالي سان ترتيبوار پلان ڏيندس. ها اهڙيون عادتون جيڪي ڪجھ ڏينهن يا هفتن لاءِ ڪونه هونديون پر سموري حياتي لاءِ هونديون. هي ڪتاب ڪو تخليقي مقالو ڪونهي پر مون جيڪي ڪجھ لکيو آهي اهو سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي. هي عمل تي ٻڌل هڪڙو مينيوئل آهي. هن جي ڳر ۽ تت ۾ اوهان کي عقل ۽ عمل تي ٻڌل نصيحتون ملنديون ڇاڪاڻ جو مون هن ۾ عادتن جوڙڻ ۽ تبديل ڪرڻ جي سائنس اهڙي ريت بيان ڪئي آهي جو ان کي نه فقط سمجهڻ آسان هجي پر ان کي با آساني عمل ۾ پڻ آڻي سگھجي.

علم حياتيات، نيورو سائنس، فلاسافي، نفسيات ۽ ٻين ڪيترين سائنسن کي آئون سالن جا سال عمل ۾ آڻيندو رهيو آهيان. هن ڪتاب ۾ آئون اوهان کي آڳاٽي زماني جي تيز ترار ۽ سمارٽ ماڻهن جي بهترين خيالن جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏوگڏ سائنس جي تازين کوجنائن جي باري ۾ به آگاھ ڪندس. آئون اميد ٿو ڪريان ته هن ڪم ۾ منهنجو حصو اهو هوندو ته آئون انهن خيالن کي ڳولهي پيش ڪري سگهان جيڪي انتهائي اهم ۽ لاڳاپيل آهن ۽ انهن سڀني خيالن کي اهڙي نموني ڳنڍيان جو اهي سراپا عمل بڻجي پون. هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن اوهان کي ڪا شيءِ چڱي ۽ ذهانت تي ٻڌل لڳي ته اها سمجهجو ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ماهرن پاران آهي، جڏهن ته ڪابه بيوقوفاڻي ڳالھ مون مان ڪري ڀانئجو.

هن ڪتاب جي ڪرنگهي جي هڏي منهنجي چئن مرحلن تي ٻڌل عادتن جو ماڊل آهي، جنهن ۾ اشارو، خواهش، جواب ۽ انعام شامل آهن. انهن چئن مرحلن مان ڦٽي نڪتل روين جي تبديلي جا چار قانون آهن، جيڪي نفسيات پڙهندا هوندا اهي انهن اصطلاحن کي 1930 ۾ بي ايف اسڪنر جي پيش ڪيل اصطلاحن “حوصله افزائي، جواب ۽ انعام” سان ڳنڍي سگھندا، جيڪي بعد ۾ چارلس ڊيوهگ جي مشهور ڪتاب ۾ “اشارو، روزاني ڪرت ۽ انعام” جي اصطلاح جي طور سامهون آيا.

روين جا سائنسدان جهڙوڪ: اسڪنر ان نتيجي تي پهتا ته جيڪڏهن اوهان صحيح انعام يا سزا ڏيو ته اوهان ماڻهن کان مخصوص ڪم مخصوص طريقي سان وٺي سگھو ٿا، پر جيتوڻيڪ اسڪنر جو ماڊل اسان کي اها ڳالھ بهترين طريقي سان سمجهائي ٿو ته ڪيئن ٻاهريان عوامل اسان جي عادتن تي اثر انداز ٿين ٿا، پر ان ماڊل ۾ ان ڳالھ جي کوٽ آهي ته اسان جون سوچون، جذبا ۽ عقيدا ڪيئن اسان جي روين کي متاثر ڪن ٿا. اندروني ڪيفيتون جهڙوڪ: اسان جا موڊ ۽ جذبا اهي پڻ اهميت رکن ٿا. ويجهن ڏهاڪن ۾، سائنسدانن اسان جي سوچن، جذبن ۽ روين ۾ ڳانڍاپن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انهن جي تحقيقي ڪم جا حوالا به اوهان کي اڳئين صفحن ۾ ملندا.

اجتماعي طرح، جيڪو فريم ورڪ آئون اوهان کي پيش ڪندس، اهو ادراڪي ۽ روين جي سائنس جو گڏيل ماڊل هوندو. منهنجو يقين آهي ته اهو ماڊل انساني روين بابت پنهنجي طرز جو پهريون ماڊل هوندو جيڪو اسان جي عادتن جي ٻنهي ٻاهرئين توڙي اندروني عواملن ۽ جذبن جي بهترين ۽ تز عڪاسي ڪندڙ هوندو. جڏهن ته ٿي سگھي ٿو ته ٻولي ۽ ڪجھ اصطلاح ساڳيا هجن، پر اها ڳالھ آئون اعتماد سان ڪري سگھان ٿو ته ان ۾ جيڪي تفصيل بيان ڪيل آهن ۽ خصوصي طور روين جي تبديلي جا چار اصول يا قانون، اهي اوهان کي پنهنجي عادتن جي باري ۾ سوچڻ جا نوان ڍنگ ڏيندا.

انساني رويا هميشه تبديل ٿيندڙ آهن. مختلف صورتحالن ۾، مختلف لمحن ۾، هر گذرندڙ پل ۾ اهي تبديل ٿين ٿا، پر هي ڪتاب ان بابت آهي جيڪي ڪڏهن به تبديل نٿا ٿين ۽ اهي آهن انساني روين جا بنياد! هي اهي قول آهن جن تي اوهين سالن جا سال ڀاڙي سگھو ٿا. هي اهي خيال آهن جن تي اوهين پنهنجو ڪاروبار اڏي سگھو ٿا، پنهنجو گھراڻو ۽ خاندان خوشحال بڻائي سگھو ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي خوشگوار ڪري سگھو ٿا.

اها ڳالھ سمجهڻ جي آهي ته بهتر عادتن جوڙڻ جو ڪوبه هڪڙو صحيح رستو ڪونهي بلڪه هي ڪتاب اوهان کي اهو بهترين طريقو ٻڌائيندو، جيڪو آئون ڄاڻان ٿو ۽ اهو اهڙو طريقيڪار آهي جيڪو هر طرح موثر آهي ڀلي اوهان ڪٿان به شروعات ڪريو يا اوهان ڇا به تبديل ڪرڻ چاهيو. حڪمت عمليون جيڪي آئون اوهان سان ونڊيندس اهي انهن ماڻهن جي لاءِ موثر آهن جيڪي مرحيلوار بهتري جي نظام يا سسٽم ۾ يقين رکن ٿا، چاهي انهن جا هدف صحت بابت هجن يا وري پئسي، رشتن، پنهنجين صلاحيت کي وڌائڻ يا ڪنهن ٻي شيءِ بابت هجن. جيستائين انساني روين سان لاڳاپيل مامرن جي ڳالھ آهي، هي ڪتاب اوهان لاءِ گائيڊ ۽ هدايت آهي.

….(هلندڙ)…. 

fizaqureshi044@gmail.com