خاص

پي ايس ايل جو سڀ کان وڏو اسڪور: اسلام آباد يونائيٽيڊ 247 رنسون ٺاهي پشاور زلمي کي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور زلمي کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ابو ظهبي ۾ کيڏيل ميچ دوران پشاور زلمي 247 رنسن جي جبل جيڏي ٽارگيٽ پويان ڀرپور مزاحمت ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون. پشاور طرفان شعيب ملڪ 68 ۽ ڪامران اڪمل 53 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان وهاب رياض 28، عميد آصف 20، رٿ فورڊ 29 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهيون. اهو پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم طرفان سڀ کان وڏو اسڪور آهي. اسلام آباد طرفان عثمان خواجا 56 بالن تي 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.