خاص

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي شاديءَ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي شاديءَ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪري آزاداڻي نموني شادي نٿي ڪري سگهي، نه ئي وارث 18 سالن کان گهٽ عمر واري اولاد کي پرڻائي سگهن ٿا. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بلوغت جي عمر حياتياتي لحاظ کان 18 سال آهي، رڳو جسماني تبديلين جي بنياد تي 18 سالن کان پهريان بلوغت ناهي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته مسلم فيملي لاز آرڊيننس ۾ وضاحت نه ڏيڻ جو معاملو ڪابينا ڊويزن، پارليامينٽ آڏو رکي اهو فيصلو ممتاز بي بي جي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ڪيو ويو. عدالت سويرا فلڪ شير نالي 16 ورهين جي ڇوڪري کي ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ممتاز بي بي مئي 2021 تي پنهنجي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ڇوڪريءَ پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ به بيان ڏنو هو.