دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي پهرين سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت ڏيئي ڇڏي
خاتون ايڊيشنل سيشن جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي عمران خان جي خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت مقدمون درج ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان راهداري ضمانت حاصل ڪري ورتي هئي. اڄ چيئرمين پي ٽي آءِ جي پيش ٿيڻ واري موقعي تي فيڊرل جڊيشل ڪامپليڪس کي سخت حفاظتي حصار ۾ ورتو ويو. ڪامپليڪس جي اوسي پاسي جا رستا بند ڪيا ويا ۽ ڪنهن به غير واسطيدار ماڻهو کي عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. عمران خان جي گاڏيءَ کي به جڊيشل ڪامپليڪس جي اندر اچڻ کان روڪيو ويو ۽ هو پنڌ ڪري عدالت پهتو. راجا جواد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سندس وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ آر ۾ شڪايت ڪندڙ مئجسٽريٽ آهي. پراسيڪيوشن جي مطابق تقرير ۾ ٽن ماڻهن کي ڌمڪي ڏني وئي، آءِ جي اسلام آباد، ايڊيشنل آءِ جي ۽ خاتون جج کي ڌمڪي جو چيو ويو آهي، پر اهي ٽئي شڪايت ڪندڙ ناهن. مقدمي ۾ دهشتگردي جون شقون لڳايون ويون آهن. عمران خان عدالت ۾ پنهنجي نشست تي بيهي حاضري لڳرائي ۽ کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا داخل ڪرائڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت ڏني وئي.

