گذريل رات پاڪستان ۾ ايندڙ زلزلي ۾ ڪيترو نقصان ٿيو: رپورٽ جاري
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ابتدائي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 6.8 شدت جو زلزلو آيو هو، زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش جابلوئي سلسلو هو، زلزلي کانپوءِ 3.7 جو هڪ آفٽر شاڪ پڻ آيو. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ مطابق خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي سبب 2 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته خبرن موجب هيستائين 9 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ مختلف هنڌن تي 66 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صوابي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سان 5 ماڻهو زخمي ٿيا، چترال ۾ گهر، ڇت ۽ ڀِت ڪرڻ سان 2 ماڻهو زخمي ٿيا. رپورٽ مطابق گلگت بلتستان جي علائقي استور ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بلاڪ ٿي ويا، اسلام آباد جي علائقي ايڇ اليون ۾ خداداد هائٽس بلڊنگ کي نقصان پهتو.

