خاص

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو: پرڏيهي کاتي پاران تصديق

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتي وار بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري 4 مئي تي گووا ويندڙ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، وفد ٻه ڏينهن ڀارت ۾ ترسندو. ذريعن موجب موجوده حڪومت پاران ڀارت جو اهو پهريون سرڪاري دورو آهي جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهين ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي.