نئونناول

هائپرسومنيا
ناول: باب ڇهون

شام جو جنھن پل عبدالرحيم ڇت تي پکين کي داڻو ڏيندي سوچي رھيو ھو ته، سڀاڻ ڇت جي صفائي ڪرائڻ گهرجي، ٻه ھفتا ٿي ويا آھن، صفائي نه ڪرائي آھي… پکين جي وٺين جي ڪري ھاڻي بدبوءِ ٿيڻ لڳي آھي… ان وقت منيزه سندن گهر آئي ھئي.
ھن سارو داڻو پکين کي ھڪدم ڏئي ڇڏيو، بلڪه سارو اَن ڇت تي ٽيڙي ڇڏيو ھئائين، ھونءَ ھو ڪلاڪ اڌ ڇت تي ويٺو ھوندو ھو، آھستي آھستي پيو پکين کي داڻو ڏيندو ھو… پکين سان پيو روح رچنديون ڪندو ھو… ۽‘‘آ… آ… آ…’’ جا آواز ڪڍي، کين پاڻ ڏانھن متوجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ھاڻي سندس تنھا ۽ سينورجي ويل زندگيءَ جي ان حصي ۾ پکي سندس دوست بڻجي ويا ھئا ۽ ھو پاڻ کي پکين جو دوست سمجهندو ھو… ڪنھن پل ته، کيس ائين لڳندو ھو ڄڻ ھن ماڻھن جي دنيا مان فرار ٿي پکين جي دنيا ۾ پناھه ورتي آھي!
ھاڻي ھو اڪثر اھا ڳالھه چوندو ھو ته: ”ماڻھو فطرت کان جدا ٿيندو ته، مفلوج ٿي ويندو!“
جڏھن کان کيس ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا ھئا، تڏھن کان ھن پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو ھو… گهر ۾ ٿورو ئي عرصو ويھڻ کان پوءِ، کيس پکين کي روز شام جو داڻو ڏيڻ جو خيال آيو ھو… پکي سندس دل جي دنيا سان وابسته ٿي ويا ھئا، اھڙي ٻاجهه ڀرئي عمل سان کيس ھڪ قسم جو قلبي سڪون ملڻ لڳو ھو. جڏھن ھو ڳوٺ ويندو ھو ته، ماريه تي پکين جي داڻي پاڻيءَ جي ذميواري رکي ويندو ھو، کيس پوري پڪ ھوندي ھئي ته، ماريه جيڪا سندس ھر ذميواريءَ کي چاھه سان نڀائي رھي آھي، سا ڪڏھن به پکين جي داڻي ۾ لاپرواھي نه ڪندي ھوندي، کيس انھيءَ جي تصديق تڏھن ٿيندي ھئي، جڏھن پکين جو وڌيل تعداد پنھنجي گهر جي ڇت تي ڏسندو ھو.
ھڪ ئي نسل جي پکين کي سڃاڻڻ مشڪل ھوندو آھي، جيئن ھڪ جهرڪيءَ کي ماڻھو ڪلاڪ کان پوءِ ڏسندو ته به سڃاڻي نه سگهندس، پر ھو ڪجهه پکين کي پنھنجي جسماني عيب جي ڪري ياد رکندو ھو، جيئن ڪنھن ڪانءَ جي چھنب ڀڳل، ڪنھن ڪٻر جو پڇ کٿل يا ڪنھن ڪبوتر جا پر ڪتريل ھوندا ھئا.
ھو جڏھن به ڪنھن پکيءَ کي ھڪ ٽنگ سان ڏسندو ھو ته، کيس شدت سان خيال ايندو ھو ته، پکيءَ جا پَر سلامت ھجڻ گهرجن… پر پوءِ به ھڪ ٽنگ جو نه ھجڻ کيس اداس ڪري ويندو ھو. جيڪڏھن ڪو پکي ٻن ٽن شامن تائين نه ايندو ھو ته، کيس ان جو الڪو ٿي پوندو ھو… ائين ئي ھڪ ڏينھن ٻين پکين سان گڏ ھڪ ڪاٺ ڪٺڙو به سندس مھمان ٿيو ھو، ھونءَ عام ڏينھن ۾ ڪيترائي پکي ھتي شھر ۾ وٽس داڻي لاءِ نه ايندا ھئا، جن ۾ ڪوئل، تتر، چٻ، ڪونج ۽ ٻيا به اھڙا ڪيترائي پکي، جيڪي سڪاري ۽ پاڻيءَ جا رھندڙ آھن، ھن وٽ گهڻو پاريھرَ، ڪبوترَ، جهرڪيون، ڪٻريون، ڪانءَ طوطا ۽ ٻيا پکي ايندا ھئا.
اھي ھن ئي سياري جي اوج جا ڏينھن ھئا، پوھه جي وقت ھن ماريه جي جسم کان الڳ ٿي، خوشگوار ننڊ ڪرڻ چاھي ھئي ته، ھڪ ڪاٺ ڪٺڙو سندس خواب ۾ ھليو آيو ھو… ھن ڏٺو ته، پاڻ لائونج ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو آھي ۽ شام گذري رھي آھي، ھڪ ڪاٺ ڪٺڙو سنبل جي ٽاريءَ تي اچي ويٺو آھي، ۽ ٻي ساعت ۾ ئي اڏامي ٿڙ ۾ پنھنجا پير ڦاسائي ويٺو آھي… ۽ پنھنجي تيز سخت چنھب سان ٿڙ ۾ پور ڪرڻ لڳو آھي! ھو سامھون ويٺي کيس ٿڙ ٽُڪيندي ڏسي رھيو آھي ۽ ان جي آواز ”ٽُڪ ٽُڪ ٽُڪ.“ مان لطف وٺندي سوچي پيو ته: شايد، ھن پکيءَ ھتي رھڻ جو فيصلو ڪيو آھي… ھڪ سوال ڪاٺ ڪٺڙي جي ٽُڪ ٽُڪ سان سندس دماغ ۾ اچي لڳو ھو ته، ھن جهنگ جي پکيءَ ھڪ آباد گهر ۾ پنھنجي رھڻ جي جاءِ ڇو ٺاھڻ چاھي آھي… !؟ ھو سوچي رھيو ھو، ڪيتري دير تائين کيس انھيءَ سوال جو جواب ملي نه سگهيو ھو، ھن کي علم ھو ته، ماڻھن جي ھجرت ۽ پکين جي ھجرت جا سبب الڳ الڳ ھوندا آھن، گهڻي دير کان پوءِ کيس پنھنجي ديس جي ٻيلن جو ختم ٿي وڃڻ ياد آيو، ھو پنھنجي ديس مان ٻيلن جي خاتمي تي افسرده ٿي ويو ھو، ٻيلن جي اھا واڍي سندس ديس جي جهنگلي جيوت جو موت ثابت ٿي ھئي، جنھن جو ارمان سندس ڳوٺاڻا ھميشه ڪندا رھندا ھئا، انھيءَ ارمان ۾ انيڪ وڻن جي نسلن جو خاتمو ھوندو ھو.
اوچتو ڪاٺ ڪٺڙي جي ”ٽُڪ ٽُڪ ٽُڪ… ٽُڪ ٽُڪ.“ تيز ٿيندي وئي ھئي، ايتري تيز جو ھن کي شڪ ٿيو ته، اھا ”ٽُڪ ٽُڪ ٽُڪ“ سڄي پاڙي، پاڙي ڇا سڄي شھر کي ٻڌڻ ۾ ايندي ھوندي… ٻي پل ھن سوچيو ته، بس ٿوري ئي دير ۾ ماڻھو مون کان پڇڻ لاءِ ڊوڙندا ايندا ته: ”اھو آواز ڇا جو آھي!؟“ ته مان کين وراڻيندس: ”اھو پکين جي قبيلي جي ھڪ خوبصورت پکيءَ جو وڻن جي وڍجڻ تي احتجاج آھي!“ ٻي پل کيس محسوس ٿيو ته، اھو ساڳيو ڪاٺ ڪٺڙو وڻ کي ڇڏي، سندس جسم کي ٽُڪي رھيو آھي، ھن کي پنھنجي جسم ۾ تيز ٺونگا لڳندي محسوس ٿيا ته، سندس اک کلي وئي ھئي.
سجاڳ ٿيندي ئي ھيڪر ھن پنھنجي جسم کي جانچيو، سندس انھيءَ جانچڻ ۾ ڪامل يقين ھو ته، سندس جسم ڦٽجي چڪو آھي! پر پوءِ جلد ئي پنھنجو جسم جاچيندي ھن سمجهي ورتو ھو ته، اھو خواب ھو… ۽ خواب ۾ لڳل گهاءَ جو نشان ناھي ٿيندو.
ان صبح جو چانھه پيئڻ کان پوءِ، عبدالرحيم ڪا دير انھيءَ وڻ جي ھيٺان ويٺو رھيو ھو، ماريه ڪاليج ھلي وئي ھئي. ھو پنھنجي ڊرائيور سان ڪچھري به ڪري رھيو ھو ته، رکي رکي وڻ جي انھيءَ جاءِ کي به ڏسي رھيو ھو، جتي ڪاٺ ڪٺڙي وڻ کي کوٽي پنھنجو گهر ٺاھڻ چاھيو ھو.
ھو بي خياليءَ ۾ اٿيو ۽ وڃي ٿڙ کي ھٿ لائي ڏٺائين، ٿڙ کي ھٿ لائيندي ھن پنھنجي پاڻ کي چيو: ”مون خواب ڏٺو آھي ۽ پوءِ انھيءَ جي اثر ھيٺ اچي، ھتي وڻ ھيٺ جانچ ڪرڻ آيو آھيان… مان به ڪيڏو بي وقوف آھيان!“ کيس پنھنجو اھڙو عمل چرين جھڙو لڳو ھو.
”مان بي وقوف آھيان!؟“ عبدالرحيم چاھيو ته، انھيءَ سوال جو جواب پنھنجي ڊرائيور کان پڇي، ته جيئن منجهيل معاملي جو درست فيصلو سامھون اچي سگهي.
پھريان ھو انھيءَ سوال ۾ ڦاٿل رھيو ھو ته، کيس اھو سوال پنھنجي ڊرائيور کان پڇڻ گهرجي يا نه!؟پوءِ ھن سوچيو: مان ڊرائيور کان ڇو پڇان ته، مان بي وقوف آھيان يا نه!؟ آخر جنھن ڳالھه جي ڪري پاڻ کي بي وقوف سمجهي رھيو آھيان، تنھن جي ته ڊرائيور کي خبر به ناھي! پوءِ؟؟؟ ھڪ فل اسٽاپ جھڙو ٻيو سوال سندس سامھون اچي ويو ھو.
پھريان، ڊرائيور کي سڄي وارتا ٻڌائڻ گهرجي، ھو ٻڌائڻ ۽ نه ٻڌائڻ جو فيصلو جلد ڪرڻ چاھي رھيو ھو. ان کان پوءِ کائنس پڇان ته: ”مان بي وقوف آھيان يا نه!؟“ جو ھڪ خواب جي ڪري، ان وڻ کي ھٿ لائي ڏسي رھيو آھيان… پر جيڪڏھن مان خواب ڏسان ھان ته، ڪو پکي پاڻيءَ جي لھرن تي آکيرو جوڙي رھيو آھي ته ڇا مان ھينئر پاڻيءَ جي لھرن ۾ ھجان ھان!؟ ‘‘نه ھرگز نه.’’ ھن پنھنجو پاڻ کي جواب ڏنو.
”يعني انھيءَ جو واضح مطلب اھو ئي ٿيو ته، مان بي وقوف آھيان! حيرت آھي ته، مان بي وقوف آھيان!“ عبدالرحيم تسليم ڪري ورتو ھو… پاڻ کي بي وقوف تسليم ڪرڻ جي انھيءَ فيصلي ۾ ڪا نجات ھئي، جنھن سان کيس ھلڪائي محسوس ٿي، انھيءَ ھلڪائيءَ جي احساس ۾ کيس ھوش آيو، ھن غور ڪيو ته، پاڻ ڪيتري دير کان ٿڙ کي ھٿ لايو بيٺو آھي!؟
ٻي پل ھن ڏٺو ته، ڊرائيور اتان کان وڃي چڪو ھو، کيس خبر نه پئجي سگهي ھئي ته، ھو ڪيترو وقت اڪيلو بيٺو رھيو ھو… پوءِ ھن سنبل مان ڇڻيل ڳاڙھن گلن کي ڏٺو ۽ واپس پنھنجي ڪمري ڏانھن روانو ٿي ويو ھو… پر جڏھن نون ڏينھن کان پوءِ ھڪ منجهند جو ھن حقيقت ۾ به ھڪ ڪاٺ ڪٺڙي کي سنبل ۾ پور ڪندي ڏٺو ھو ته، کيس پنھنجو خواب ياد اچي ويو ھو.
***