ٻه سابق وزير 40 سالن کانپوءِ سياست کان ٻاهر. فيبروري 8 جون چونڊون گهڻين ئي شين ۾ يادگار رهنديون. مستقبل ۾ سياسي ڌرين جي انهيءَ تي ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، پر هتي اسين سياست جي هڪ اهم واقعي جي ڳالهه ٿا ڪريون جيڪو فيبروري اليڪشن جي سلسلي ۾ هڪ مثال آهي. 2 سابق وزير 40 سالن کان سياست ۾ هڪ ٻئي جا حريف چوڌري نثار ۽ غلام سرور خان کي پهريون دفعو عوام تمام گهٽ ووٽ ڏنا آهن. ٻنهي جو تعلق راولپنڊي جي علائقي سان آهي ۽ ٻئي مختلف سياسي پارٽين جا اهم اڳواڻ ۽ وزير رهيا آهن. چوڌري نثار مسلم ليگ نواز جو ديرينه رفيق هو، پر 2018 جي اليڪشن کان وٺي اهو پنهنجي پارٽي کان پري ٿي ويو. غلام سرور خان آخر ۾ تحريڪ انصاف ۾ هو. 2018 جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ وفاقي وزير به هو. پنهنجي اصل پارٽين سان بي وفائي جو مثال جيتوڻيڪ نئون ڪونهي، پر انهن ٻنهي شخصن پنهنجي اصل پارٽين جي نالي تي ميمبريون ورتيون، وزارتون ماڻيون.
2013 واري اليڪشن ۾ مسلم ليگ نواز جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿي، چوڌري نثار وفاقي گهرو وزير ٿيو. سياست ۾ قرباني ۽ وفا جو نالو آهي، پر چوڌري نثار انائن سان ڀريل هڪ شخص آهي. سندس سياسي ڪيريئر تي نظر وجهجي ٿي ته پاڻ پهريون دفعو ٽيڪسيلا واهه ڪينٽ جي حلقي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. 1985 جي اها اسيمبلي غير جماعتي بنيادن تي قائم ٿيل هئي. چوڌري نثار اڳتي هلي پاڪستان مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿي ويو ۽ گهڻو وقت ان سان وابسته رهيو ۽ هر اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيندو رهيو. هن 1999 ۽ ان کانپوءِ جڏهن پارٽي تي راتاهو هڻي مسلم ليگ ق ٺاهي وئي. تڏهن به چوڌري نثار انهي مشڪل وقت ۾ مسلم ليگ نواز کي نه ڇڏيو، پر پارٽي تي مشڪل وقت اچڻ سان ئي هو مسلم ليگ نواز کان پرڀرو ٿيندو ويو.
مسلم ليگ نواز جي مرڪزي قيادت هن چونڊ ۾ ٻنهي سابق وفاقي وزيرن جي سامهون اميدوار ڪونه بيهاريا، پر سياست جو سبق انهيءَ ڳالهه جي يقين دهاني ڪرائي ٿو ته اصل پارٽي جنهن توهان جو سياسي ڪيريئر ٺاهيو آهي، توهان لاءِ اهم هجي ٿي. غلام سرور خان به ساڳئي ئي علائقي جو هڪ مشهور سياستدان آهي ۽ گهڻو ڪري اليڪشنون کٽندڙ سياستدان آهي. غلام سرور خان جيئن اسان چيو ته اهو به 40 سالن کان سياست ۾ فعال آهي. سو به 1985 جي غير جماعتي بنيادن تي ٿيل چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. تڏهن اهو انتخاب انهن جهڙوڪر گڏجي وڙهيو هو، پر پوءِ انهن جا سياسي رستا الڳ ٿي ويا ۽ هو مختلف سياسي جماعتن ۾ شامل ٿي چونڊون وڙهندا رهيا. آخري چونڊون جن ۾ ٻئي سياستدان ڪامياب ٿيا. اهي 2018 جون چونڊون هيون. جن ۾ غلام سرور خان قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، چوڌري نثار علي خان قومي اسيمبلي جي سيٽ هارائي صرف صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ کٽي سگهيو. اسين اهو سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سياستدان جيڪي پنهنجي اصل پارٽي مان ميمبر ٿين ٿا، وزير ٿين ٿا، اهي پنهنجي مرضي سان يا حالتن جي جبر هيٺ اها پارٽي ڇڏين ٿا، تڏهن نقصان انهن جو ئي ٿئي ٿو. غلام سرور خان ۽ چوڌري نثار پنجاب صوبي ۽ وفاق جا اهم سياسي اڳواڻ رهيا آهن، جن جي سياست جو ملڪ جي تاريخ ۾ نالو رهيو آهي. اهي ڪي عام اسيمبلي ميمبر يا وزير نه هئا. انهن جون خدمتون سندن مدر پارٽي لاءِ به ساراهه جوڳيون رهيون آهن، پر چوڌري نثار جي انا ۽ غلام سرور خان حالتن سان سمجهوتو ڪري پنهنجي سياست هميشه لاءِ قربان ڪري ڇڏي.
وقت جي ستم ظريفي ڏسو جو تازي چونڊن ۾ غلام سرور خان ڪُل 16889 ووٽ کنيا آهن، جڏهن ته چوڌري نثار علي خان 19993 ووٽ کنيا آهن. اهڙي سياسي زوال جو ٻنهي شخصيتن سوچيو به ڪونه هوندو. 8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي نتيجن جو اهو منظر ۽ انگ اکر غلام سرور خان ۽ چوڌري نثار کي هميشه تڪليف ڏيندو رهندو. ٿيو ائين جو ووٽ ڏيندڙن نون چهرن ۽ مقبول سياسي جماعتن جو انتخاب ڪيو يعني تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ نواز. پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ چوڌري نثار ۽ غلام سرور خان ايترا گهٽ ووٽ کنيا آهن جو اهو تعداد ڏسجي ٿو ته حيراني ٿئي ٿي، انهن ٻنهي اهم سياستدانن ماضي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جو ڪيريئر ائين زوال پزير ٿيندو حيراني نه ٿي ٿئي. سياست جي ميدان جي بي رحمي نئين ڳالهه ڪونهي.