سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جڙي وئي آهي، سنڌ جو اسپيڪر، سنڌ جو وزير اعليٰ، ڪيترائي صوبائي وزير ۽ هاڻي سنڌ جو چيف سيڪريٽري به هڪ سيد سڳوري کي مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي ماڻهن وٽ سيدن جو احترام، انهن جي لاءِ عزت تمام پراڻي آهي. ڇو ته سنڌ جي ماڻهن جي فطرت رهي آهي ته هو هميشه مظلوم جو ساٿ ڏيندو آهي ۽ سيدن جي کاتي ۾ ڪربلا جو واقعو ايترو ته وزنائتو آهي، جنهن کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انهيءَ ڪري به سنڌ جي ماڻهو کي سيد سڳورن لاءِ عزت ۽ احترام رهيو آهي، هاڻي اها ٻي ڳالهه آهي ته واپسيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهو کي سيد سڳورن وٽان ڇا مليو آهي. مرشد به اهي، درگاهه نشين به اهي، ايم اين اي به اهي، وزير به اهي، مشير به اهي، سنڌ جي ماڻهو کي انهيءَ تي به اعتراض نه آهي، پر هو واپسي ۾ ضرور ڪجهه چاهي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جا ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ نيتي وارو عنصر شامل هجڻ گهرجي. بدقسمتي سان ائين ٿيو ڪونه آهي. جيڪا عزت ۽ احترام سنڌ جي ماڻهن سيد کي ڏني آهي، انهيءَ کي حق سمجهيو ويو آهي ۽ واپسيءَ ۾ ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. سنڌ جي پوزيشن اسان سڀني جي سامهون آهي، جتي نه امن آهي، نه روزگار آهي، نه تعليم آهي، نه صحت آهي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، اهي سڀ شيون ڏيڻ جو ڪم حڪومت جو آهي. حڪومت جي آفيسرن جو آهي. هن وقت حڪومت ۾ گهڻائي سيدن جي نظر اچي ٿي ته پوءِ هاڻي وزن به انهن جي مٿان وڌيڪ آهي. اسان کي جنت جو آسرو ڀلي ڏين، پر دنيا کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو فرض ۽ ذميواري جيڪا انهن تي لاڳو ٿئي ٿي، انهيءَ کي بهتر نموني ادا ڪن. وزيراعليٰ جي روپ ۾، چيف سيڪريٽري جي روپ ۾، اسپيڪر جي روپ ۾، وزيرن جي روپ ۾، آفيسرن جي روپ ۾، سياستدانن جي روپ ۾ جيڪي ماڻهو عوام جي ووٽ ذريعي انهن عهدن ۽ ذميدارين تي پهچن ٿا انهن کي عوام جو خيال ضرور ڪرڻ گهرجي، اسانجو مقصد ڪنهن به هڪ ذات کي نشانو بنائڻ نه آهي، پر ڇو ته هن وقت حڪومت ۾ اڪثريت انهن جي آهي، انهي ڪري نه چاهيندي به اسان کي اهي ڳالهيون لکڻيون پيون آهن. ڳالهه ٿا ڪريون ته حڪومت جڙي چڪي آهي. هاڻي انهن کي عوام جي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻو آهي. 15 سالن کان ساڳي حڪومت، 15 سالن کان سنڌ جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه ۽ انهن 15 سالن ۾ سنڌ جي ترقي ڪهڙي ٿي آهي، اهو ضرور ٻڌايو ۽ اهو به ضرور ٻڌايو وڃي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ هو سنڌ جي ماڻهن کي خيرات جي رقم کان علاوه ڇا ڏيندا. انهن جي تعليم جو، انهن کي هنرمند بنائڻ جو، انهن جي امن امان جو، انهن جي روزگار جو، صحت جي مسئلن جو حل ڪيئن ڪندا، اهو هن حڪومت کي ٻڌائڻو پوندو. اسڪولن جون حالتون ڏسون ٿا، ٻهراڙي جي اسپتالن جي حالت ڏسون ٿا، امن امان جي حالت ڏسون ٿا ائين محسوس ٿئي ٿو، هر طرف مسئلن جا نانگ آهن، جيڪي عام ماڻهو کي هر روز ڏنگي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو صرف ٻه وقت جي ماني جي لاءِ پريشان رهي ٿو. مزدوري ڪرڻ جي باوجود سندس پيٽ گذر نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ مجبور ٿي خيراتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پينو بڻجي ٿو پيو.
سنڌ گورنمينٽ کان مطالبو آهي ته ماڻهن جي جائز مسئلن کي حل ڪيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊي حڪومت جي ايوانن تائين پهچايو آهي ته جيئن سندن معاشي مسئلا حل ٿين ۽ سندن زندگيءَ ۾ بهتري اچي.