اسلام جي تمام وڏي فلسفي امام غزالي بغداد جي تمام وڏي درسگاهه نظاميه يونيورسٽي جو جڏهن شاگرد هو ته ان جو اهو خواب هو ته هو نظاميه يونيورسٽيءَ جو منتظمين ٿئي. بعد ۾ هن جي اها خواهش پوري ٿي. خواهش پوري ٿيڻ کانپوءِ هن ان کي دنياوي نفسياتي خواهش سمجهي ترڪ ڪري گمنام ٿي ويو. گوشانشينيءَ جي دوران هن فلسفي تي مشھور ڪتاب ‘اِحياءُ العُلوم’ لکيو. شايد امام غزالي گمنام نه ٿئي ها ته اهڙو فلسفي تي اسان کي ڪتاب نه ملي سگهي ها.! هن ڪتاب ۾ استاد جي عظمت لاءِ امام غزالي لکي ٿو ته ‘جيئن پيغمبر خدا جو پيغام پهچائيندڙ آهن، ايئن ئي استاد وري پيغمبرن جو پيغام پهچائيندڙ آهن’. سنڌ ڌرتيءَ به ڪيترائي اهڙا معلم استاد جي روپ ۾ پيدا ڪيا آهن. اهڙن ئي استادن ۾ منهنجو استاد عبدالله هليو به هڪ مثالي استاد هو.
ڪجهه ماڻهن جا ڪردار ذهن تي اهڙا ته عَڪس ڇڏي ويندا آهن جو ان جا اولڙا پيا نظر ايندا آهن. اهي اولڙا توهان جي زندگيءَ جي هر وک تي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. هو پنهنجي ڪردار ۾ کير وانگر اُجرا ۽ ماکيءَ وانگر مٺا هوندا آھن. ھو پنهنجي ڪم سان انتهائي مخلص، ايماندار ۽ سچار هوندا آهن. جو هنن کي ڪڏهن به ڪنهن جي لفاظي واکاڻ جي ڪڏهن به ضرورت نه پوندي آهي. اهڙن مڻيادار ماڻهن جي لاءِ لطيف سائين چئي ويو آهي ته ‘جکري جهڙو جوان ڏسان نه ڏيھ ۾’. لطيف جي هنن سٽن جهڙو جکرو به اسان جو استاد محترم عبدالله هليو به هو. هن جيڪا سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ واٽ ڏَسي ان تي اڄ به اسين عمل پيرا آهيون.
ڪنهن به ماڻهوءَ کي پرکڻ جا مختلف پيمانا هوندا آهن. توهان ان سان گڏ کائو، پيئو، سفر ڪيو ۽ زندگيءَ جو وهنوار واهپو رکو ته ان جي اصليت ۽ حقيقت جي خبر پوندي. ايئن ئي اسان جو به هر وهنوار سائين سان ساڳي ئي ڳوٺ ۾ رهندي ٿيو. صبح جو ڳوٺ جي ساڳي مسجد ۾ قرآن جو سبق سائين کان وٺي وري مسجد جي ڀرسان موجود ساڳي اسڪول ۾ سائين وٽ پڙهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن سائين اسان کي مسجد ۽ اسڪول ۾ نظر نه ايندو هو، پر هن جو ڪرسيءَ تي رومال ڏسي سمجهي ويندا هئاسين ته سائين اسڪول آيو آهي، پر ڪنهن ڪم سان ٻاهر پسگردائي ۾ نڪري ويو هوندو. اسان سائين عبدالله هليو کي زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ سڌو سنواٽو ڏٺو ڪنهن سان به ڪاوڙ يا ڪروڌ ڪندي نه ڏٺو. جيڪڏھن ڪير غلط آهي ته پوءِ آڏو کڻي پنهنجو پٽ ئي ڇونه هجي ان کي به سڀني جي سامهون حق سچ چئي ڏيندو هو.
سائين عبدالله هليو اسان کي اسڪول ۾ دنيا جا سبق ڏنا ته مسجد ۾ دين جا درس به دهرايا. اسان سائين سان گڏ روزا رکيا، نمازون ادا ڪيون ۽ قرآن شريف فجر جي نماز کانپوءِ تفسير سان گڏ پڙهيو. نماز پڙهڻ جي دوران سائين گهڻي قدر سورت بقره جون آخري ٻه آيتون ڪثرت سان پڙهندا هئا، پر ڪڏھن به مذهب ۾ انتها پسنديءَ يا زور زبردستي جي ڳالهه نه ڪئي.
پرائمري تعليم پرائڻ کانپوءِ به سائين عبدالله هليو سان اسڪول ۽ مسجد ۾ ڪچهريون پيون ٿينديون هيون. اسڪول ۽ مسجد ۾ ان جي ڪري جو سائين جا پيچرا ئي پنهنجا هوندا هئا. اوطاق ۾ تمام گهٽ ويهندا هئا. سائين جو اسڪول ۽ مسجد ڏانهن ويندڙ رستو ئي اوطاق جي پٺيان هوندو هو. هڪ دفعي سائين سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته هن پنهنجي نوڪري ملڻ جي ڳالھ ٻڌائي ته هن کي نوڪري ڪيئن ملي؟ سائين ڳالھه ڪئي ته صدر ايوب جو دور هو مان خير محمد آريجا جي هڪ مدرسي ۾ پڙهندو هئس ته سُڌَ پئي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ سرڪاري ماسترن جي ڀرتيءَ لاءِ انٽرويو ٿي رهيا آهن. سو مان به نڪري پيس. ان وقت مان پڙهڻ ۾ ڀڙُ هئس ڇو جو مدرسي ۾ مان عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيو هو. فارسي ٻوليءَ تي ايتري ته دسترس هئي جو ان ۾ شاعري به ڪندو هئس. سو سرڪاري ماستري وارو انٽرويو ته منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه هو ۽ ايئن اهو مان امتحان پاس ڪري سرڪاري ماستر ٿي ويس. جيڪڏهن سرڪاري استاد نه ٿيان هان ته پوءِ تمام وڏو مذهبي عالم هجان ها.
سائين عبدالله هليو هڪ شفيق استاد هو جنهن کي هر ٻار پنهنجي اولاد وانگر نظر ٿي آيو. هو بنا ڪنهن تفريق جي سڀني ٻارن کي سٺو هو. ڊيوٽي جو سفا پابند مهيني ۾ هڪ موڪل سا به پگهار وٺڻ لاءِ ڪندو هو.
سائين عبدالله هليو سان ڪچهريون ته گهڻيون ئي ٿيون هيون جيڪي ڪجهه ذهن تان مسمار ٿي ويون آهن، پر ڪجهه ڳالهيون اڃان به ياد آهن. جنهن ۾ هڪ ڳالهه اها آهي ته سائين چوندو هو ته ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهايو. ڪوڙ ڳالهائي توهان ڪجهه وقت جي لاءِ سرخرو ٿي سگهو ٿا، پر گهڻي وقت جي لاءِ نه.! ان کان بهتر آهي ته توهان سچ ڳالهايو پوءِ توهان ڀلي غلط ئي ڇونه هجو ڀلي پوءِ ان جي معافي وٺڻي پوي ته وٺو، پر ڪوڙ اڳتي هلي توهان کي رسوا ڪندو.
جڏھن آخري دفعو مان سائين جي عيادت لاءِ ليديز جيل لاڙڪاڻي جي ڀرسان موجود ميڊيڪل سينٽر تي ويو هئس ته ان وقت سائين جسماني طور تي ته مونکي ڪمزور نظر آيو باقي منهن ۾ ايترو ته پرسڪون نظر آيو جيئن ڪو ڪامياب ماڻھو هجي. بهرحال سائين عبدالله هليو جهڙا استاد ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي شاگردن سان گڏ سماج ۾ موجود ٻين ماڻهن جون به دليون کٽيندا آهن. لطيف اهڙن ڪردارن جي لاءِ هيئن چيو هو.