سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻيءَ جي مسئلي تي واضح موقف ڏنو آهي ته اسين سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي چٽا آهيون ۽ ڪنهن کي به پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو. هن وقت پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ جو عوام احتجاجي تحريڪ هلائي رهيو آهي. صوبي ۾ اهو تاثر موجود آهي ته وفاقي ادارا ۽ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) پاڻيءَ جي متعلق قانون ۾ ترميم ڪرڻ وڃي رهيا آهن، انهيءَ تاثر صوبي جي عوام کي بيچين ڪري ڇڏيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم به پاڻيءَ جي مسئلي تي پهريون ڀيرو سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺي آهي.
22 نومبر 2024 تي حيدرآباد مان چونڊيل ٽن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن صابر قائمخاني، راشد خان ۽ محمد رضوان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان ڳالهه جو اعلان ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي به سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڇهن نون ڪئنالن تي ڳڻتي آهي ۽ سندن پارٽيءَ جو موقف ايوانن ۾ به واضح طور اچي چڪو آهي ۽ ايم ڪيو ايم اهو سمجهي ٿي ته سنڌو درياءَ تي پاڻيءَ جو پهريون حق سنڌ جو آهي، پاڻيءَ جي مسئلي کي گڏيل راءِ سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌو درياءَ بچايو ڪاميٽي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏني ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي هن مسئلي تي جدوجهد ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي. اها هڪ وڏي تبديلي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم جي موقف ۾ پهريون ڀيرو نظر اچي رهي آهي. هيستائين ايم ڪيو ايم جي سياست سنڌ جي مسئلن کان ڌار بيٺل ۽ وفاق سان گڏ بيٺل نظر آئي آهي، پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ايم ڪيو ايم سنڌ جي هن ايڏي اهم پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ سان ۽ سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. سياسي سفر مان ايم ڪيو ايم به گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ آخر ۾ يقينن ان نتيجي تي پهتي آهي ته سندس فطري سياسي سفر جا ساٿي سنڌ جا ماڻهو آهن ۽ کيس سنڌ جي لاءِ مثبت سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ايئن نه ڪيو ته هيءَ پارٽي ڪجهه ئي سالن ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهندي. سنڌ جي عوام کي يقينن ايم ڪيو ايم جي ان فيصلي کي ڀليڪار چوڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم کي پاڻيءَ جي جدوجهد ۾ پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ گهرجي، نه صرف ايترو بلڪه ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي هر سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلن تي سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻيءَ جو مسئلو جيئن ته پراڻو آهي ۽ سنڌ کي اهو محسوس ٿيندو رهيو آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ صوبي سان ناانصافي ٿي رهي آهي. وفاق ۽ سڀني صوبن گڏجي انهيءَ سلسلي ۾ 1991ع پاڻيءَ وارو ٺاهه ڪيو هو، وفاق ۽ سڀئي صوبائي حڪومتون درياءَ سنڌ جي پاڻيءَ جي تقسيم لاءِ انهيءَ تي راضي رهيون آهن. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ٺاهه کانپوءِ سڀني کي اهو يقين هو ته سنڌو درياءَ مان ڪنهن به صوبي جي حصي جو پاڻي ڪنهن به ٻئي صوبي کي نه ڏنو ويندو، پر وقت بوقت اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي رهي آهي جو ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم جي ۽ ڪڏهن نون ڪئنالن ٺهڻ جي ڳالهه پئي ٿئي. پاڪستان جيئن ته سنڌ طاس معاهدي تحت 19 سيپٽمبر 1960ع کان عمل ڪري رهيو آهي. انهيءَ کان پهرين جڏهن پاڻيءَ جو مسئلو ايترو ڳنڀير نه هو ۽ انگريز دور حڪومت ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ بهترين آبپاشي نظام جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ 1932ع ۾ سکر بئراج جي تعمير پڻ شامل آهي. درياءَ سنڌ ڇاڪاڻ ته سنڌ جو جياپو آهي ۽ اسان جي زرعي معيشت جي شهه رڳ آهي، انهيءَ ڪري صوبي جو عوام پاڻيءَ جي معاملي تي انتهائي حساس آهي. 1955ع ۾ جڏهن ڪوٽڙي بئراج مڪمل ٿيو ته انهيءَ مان سنڌ جي ڏاکڻن علائقن ۾ پاڻي ميسر ٿيو، جنهن کي لاڙ سنڌ چيو وڃي ٿو، پر ٻئي طرف سمنڊ ۾ پاڻي پهچڻ جو مقدار گهٽجي ويو، جنهن سبب سامونڊي ڪناري رهندڙ ماڻهو، جهنگلي جيوت، تمر جا ٻيلا ۽ مڇيءَ جي پيداوار متاثر ٿي آهي، ايستائين جو سمنڊ اسان جي زرعي زمين کي ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. 1991ع واري ٺاهه تحت ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو درياءَ ۾ ڇڏيو ويندو، ان ڪري جو اهو پاڻي سامونڊي ڪنارن تائين پهچائي سمنڊ کي پريان ڌڪي سگهجي، جيڪو اسان جي ساحلي ڳوٺن ۽ زمينن تي هڪ طرح سان قبضو ڪري رهيو آهي. سنڌ جو عوام نه صرف سنڌو درياءَ تي انهن نون ڇهن ڪئنالن جي مخالفت ڪري ٿو، پر پنهنجي ان پاڻيءَ جي حصي جي گهر به ڪري ٿو، جيڪو سمنڊ جو حق آهي، جيڪو سمنڊ کي هن وقت نه ملي رهيو آهي ۽ سمنڊ سنڌ جي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. سنڌ جو ماڻهو سنڌو نديءَ جي پاڻي کي وڃائڻ نٿو چاهي ان جي بچاءُ لاءِ طويل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته سندس جياپي جو واحد ذريعو اهو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ پاڻيءَ تي ڌاڙي جي ڳالهه ڪئي آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪيڏانهن وڃڻ نه ڏينداسين، اميد آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجن انهن چيل لفظن تي ثابت قدميءَ سان بيهندي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. سنڌ جو عوام وزيراعليٰ سنڌ جي انهيءَ موقف جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هو عوام جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ انتظامي طرح سنڌ جي حقن جي لاءِ ۽ خاص طور تي پاڻيءَ جي مسئلي لاءِ وفاق سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسين سنڌ جي وڏي وزير تي اعتبار ڪريون ٿا، پر کيس عمل سان پڻ ثابت ڪرڻو پوندو.
هتي اسين اهو ضرور چونداسين ته وفاق ۽ صوبن کي پاڻيءَ جي 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به صوبي کي ڪابه شڪايت نه رهي ۽ وفاق ڪمزور نه ٿئي، بلڪه مضبوط ٿئي، جنهن سان مستقبل ۾ پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ ڪڏهن به بي يقيني واري صورتحال پيدا نه ٿئي.