ان ڳالھ مڃڻ کان انڪار ناهي ته دنيا جا ٿنڪ ٽينڪ يهودي ئي آهن. دنيا جي ايجادن ۾ وڏو حصو يهودين جو آهي. وڏا فلاسافر، سائنسدان آئن اسٽائن، ابراهام ماسلو، سگمنڊ فرائڊ ۽ ڪارل مارڪس جهڙا ڏاها به يهودي هئا. ايجادن ۾ بار ڪوڊ، ڊي وي ڊي، بلب، اسٽين ليس اسٽيل، ڪالرا، پلاگ ۽ پوليو جون ويڪسين ايجاد ڪرڻ وارا به يهودي نسل جا ماڻهو ئي آهن، پر هٺ، مڳي ۽ احساس برتري جي ڪري هر دور ۾ مار کائي ٿا وڃن، پر انصاف جي تقاضا اها به آهي ته يهودين جي اصل ملڪ (جرمني پولينڊ ۽ هالينڊ) ڏانهن کين موٽايو وڃي، پر مسئلو اهو به آهي ته ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا جون طاقتون ورهائجي ويون ۽ حرفتي انداز ۾ سپر پاوري آمريڪا جي هٿ آئي. مثال طور: فيبروري 1945 ۾ برطانيا جي وزيراعظم ونسٽن چرچل، روس جي صدر جوزف اسٽالن ۽ آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ روس جي شهر منهٽن جي وسيع محل ”يالٽا“ ۾ ملاقات ڪئي. هڪ طرف جرمني، اٽلي ۽ جاپان هئا وري ٻئي طرف برطانيا، روس ۽ آمريڪا هڪ مُٺ هئا. آمريڪا جي پاسي بيٺل برطانيا کي اها سڌ نه هئي يا نڪ جي پڪائي هئي ته 1857 کان وٺي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بهاني برطانيا سڄي برصغير تي قابض هئي سا ڪنهن کي نظر نه آئي جنهن جو سج لهندو ئي نه هو، جو آسٽريليا به هن جي قبضي ۾ هو ته هوڏانهن آمريڪا تي به هنن جو تسلط هو، پر هڪ جرمني غير انگريز هجڻ جي ڪري انگريزن کان هضم نه ٿي. 1939 ۾ پولينڊ جي حملي يورپي ملڪن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن وٺ پڪڙ ڪري جرمني مان جان ڇڏائي ۽ ان کي ٻه اڌ ڪري هڪ روس جي حوالي ڪري ويا، جيڪو 1989 ۾ وري يونائيٽ ٿي گريٽر جرمني به ٿي ويو، پر آمريڪا منهٽن (روس) واري گڏجاڻي کانپوءِ جاپان تي حملو ڪيو، پر هيڏي برصغير ۾ برطانيا ته هو انهن جي انخلا نه ڪئي هئن، پر 14 آگسٽ 1947 ۾ برصغير مان برطانيا جي انخلا وري يهودين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن به يونائيٽيڊ نيشنز کي زور ڀريو ته اهي يهودين جي الڳ وطن جو اعلان ڪن.