ايڊيٽوريلنئون

ٽرمپ جو سعودي عرب جو دورو

            ٽرمپ پنهنجي پهرئين صدارتي مدي ۾ 2017ع ۾ جنهن ملڪ جو پرڏيهي دورو ڪيو اهو سعودي عرب هو. ان دوري ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جا تمام ويجها ۽ مضبوط لاڳاپا قائم ٿيا ۽ ٽرمپ پنهنجي پهرئين مدي واري دوري ۾سعودي عرب سان هٿيارن جي هڪ وڏي ڊيل ڪئي، جنهن سان آمريڪا سعودي لاڳاپا سڄي دنيا اڳيان اڀري آيا. هن ڊيل جو سڀني کان اهم مقصد ان وقت ۾ خطي ۾ ايران جي اثر ۽ رسوخ کي روڪڻ هو. ڇو ته ٻئي ملڪ ايران کي خطي ۾ طاقت جي توازن جو بگاڙ سمجهن ٿا. ان کان علاوه ٽرمپ انتظاميه معاشي معاهدا به ڪيا ۽ سعودي سرمائيڪارن کي آمريڪا ۾ سرمائيڪاريءَ جي دعوت ڏني. ان کان علاوه ان وقت ۾ ٽرمپ سعودي عرب سان “ابراهم اڪارڊ” جي شروعات به ڪئي، جنهن ۾ خطي اندر اسرائيل جي لاءِ قبوليت ۽ ٽنهي مذهبن (اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت) جي وچ ۾ هم آهنگي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ وچ اوڀر جا ملڪ به شامل هئا. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هينئر ٽرمپ 2025ع مئي ۾ جيڪو سعودي عرب جو دورو ڪيو آهي، اهو سندس پهرئين دوري وارين پاليسين جي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ هٿيارن جو وڪرو، خطي جي حفاظت ۽ معاشي تعاون شامل آهن.

             13 مئي 2025ع تي آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن رياض ۾ پهتو ته ڪرائون پرنس محمد بن سلمان سندس استقبال ڪيو. آمريڪي صدر جي استقبال جي لاءِ واڱڻائي رنگ جو غاليچو وڇايو ويو. ڏٺو وڃي ته دنيا جا جيڪي به وڏا رهنما يا نامياريون شخصيتون جڏهن ڪنهن ملڪ جو دورو ڪنديون آهن ته انهن جي استقبال جي لاءِ ڳاڙهي رنگ جو غاليچو وڇايو ويندو آهي، پر صدر ٽرمپ جي استقبال جي لاءِ واڱڻائي غاليچو وڇايو ويو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي به واڱڻائي ٽاءِ پاتل هئي ۽ کيس نيري رنگ جو سوٽ پاتل هو. اهو رنگ هڪ علامتي رنگ طور نظر آيو جيڪو سعودي عرب جي علائقي عيسر جي ثقافتي رنگن جي نمائندگي ڪري ٿو. ڇو ته عيسر واڱڻائي گلن سان مالا مال علائقو آهي ۽ آمريڪي صدر جي جهاز مان لهڻ کان پهرين جهاز جي چاڙهين تي به جديد ۽ خوبصورت واڱڻائي غاليچو لڳايو ويو جيڪو تمام گهڻو خوبصورت نظر اچي رهيو هو. چيو وڃي ٿو ته آمريڪي صدر نيري رنگ جو سوٽ پائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ سندس نيرو سوٽ جيڪو هن بروڪلين جي ڊزائينر کان تيار ڪرايو هو، تمام سٺي فٽنگ سان نظر اچي رهيو هو، جنهن جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي. سعودي عرب جي هن دوري دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ سرمائيڪاري فورم کي خطاب ڪندي چيو ته سندس خواهش آهي ته سعودي عرب جلد ئي اسرائيل سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري ۽ ابراهيمي معاهدي جو حصو بڻجي. هن چيو ته جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته اهو وچ اوڀر جي مستقبل جي لاءِ ڏاڍي سٺي اڳڀرائي ٿيندي. سعودي عرب اهو فيصلو ڪنهن مناسب وقت تي ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ان جي لاءِ عزت افزائي ٿيندي. ڊونلڊ ٽرمپ محمد بن سلمان سان ملاقات کانپوءِ شام تي لڳل پابندين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو ته شام کي نئون موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. اميد آهي ته شام ڪجهه ڪري ڏيکاريندو.

            ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته هو ايران سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪڏهن ايران امن جي پيشڪش کي نظر انداز ڪيو ته مٿس پابنديون سخت ٿي سگهن ٿيون، ايران کي دهشتگردي جي بدران تعميري پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن خطي ۾ امن پيدا ٿي سگهي. هن مسلمانن جي جذبات کي نظر ۾ رکندي اهو به چيو ته غزه ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ لبنان ۾ گهڻين جانين جو ذيان ۽ ناروا سلوڪ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي. هن جنگين جي لاءِ پنهنجي ناپسنديدگي ۽ امن لاءِ محبت جو اظهار ڪندي چيو ته تازو ئي سندس انتظاميه پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي تاريخي فائر بندي ڪرائي آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي گفتگو ۾ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي رهنمائن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ويهاريون.

            هن دوري دوران آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 142 ارب ڊالرن جي دفاعي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. دفاعي معاهدن ۾ 600 ارب ڊالر جي سعودي سرمائيڪاري جو واعدو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جي اِي گئس ٽربائنز جي برآمدات، توانائي جي شعبي ۾ 14 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو معاهدو ۽ 4 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جي 737 بوئنگ جهازن جو معاهدو به شامل آهي. سعودي عرب آمريڪا سان ايف-35 جنگي جهازن جي خريداريءَ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پر ان جي حتمي خريداريءَ جي ڪا خبر اڃان تائين ناهي پئي. عرب ميڊيا مطابق ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معدنيات، توانائي، خلائي تعاون، صحت سميت اقتصادي شراڪتداري جي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ٿيون آهن. هن دوري دوران صدر ٽرمپ خليجي تعاون ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪرڻ لاءِ قطر ۽ متحده عرب امارات ويندو.