ايڊيٽوريلنئون

فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي وائٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ سان ملاقات

پاڪستان پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي آمريڪا جو ساٿي رهيو آهي. اسان جي برآمدات جو سڀ کان وڏو حصو آمريڪا وڃي ٿو، جنهن سان پاڪستان کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان علاوه پاڪستان جي عسڪري قوت کي وڌائڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عسڪري، ٽيڪنيڪل ۽ تربيتي پروگرام به هلندا رهيا آهن ۽ پاڪستان آمريڪا کان نوان هٿيار خريد ڪندو رهيو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جو ساٿ تمام گهڻو پراڻو ۽ هڪٻئي تي ٻنهي جو مڪمل ڀروسو نه هوندي به گڏ هلڻ ٻنهي جي مجبوري رهي آهي.

فيلڊ مارشل عاصم منير 18 جون 2025 تي وائٽ هائوس ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جيڪا وائٽ هائوس جي ڪابينا ۾ ظهراني جي دوران ٿي جنهن کانپوءِ اوول آفيس جو دورو به ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق صدر ٽرمپ سان گڏ پرڏيهي آمريڪي وزير سينيٽر مارڪ روبيو ۽ وچ اوڀر جي معاملن لاءِ خاص نمائندو مسٽر اسٽيو وٽڪوف به موجود هو. جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان پاڪستان  قومي سلامتي جا صلاحڪار به گڏ هئا. ملاقات جي دوران چيف آف آرمي اسٽاف پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان هلندڙ علاقائي بحران ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بنديءَ ۾ صدر ٽرمپ جي سهولتڪاري واري نتيجا خيز ڪردار تي دل سان ٿورا مڃيا.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي رهنمائن جي وچ ۾ چئي سگهجي ٿو ته هيءَ هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ تمام گهڻي اهم ملاقات هئي. هن ملاقات جي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير کي دعوت ڏئي آمريڪا جو دورو ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، جيڪا يقينن اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي لاءِ هڪ ناپسنديده ڳالهه آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين لاڳاپا ٿڌا رهيا ۽ انهن جي تاريخي دوستي جي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄمي ويا هئا، پر پهلگام واقعي کانپوءِ مودي سرڪار جي غلطين جي ڪري پاڪستان ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ صدر ٽرمپ کي پاڪستان جي عسڪري صلاحيتن کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي.

هن تازي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. اهي لاڳاپا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا رهيا آهن انهن کي هڪ دفعو ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي طرف پيش قدمي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن ملاقات ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ پاڪستان جي مٿان انڊيا جيڪا جارحيت ڪئي ان کانپوءِ پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ڪرڻ جي لاءِ چاڪ و چوبند ملٽري ۽ ڦڙت ايئرفورس جي طاقت رکي ٿو، ان ڳالهه آمريڪا کي به متاثر ڪيو ۽ پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ بين الاقوامي جنگي قانونن جي ڪٿي به ڀڃڪڙي نه ڪئي ۽ جڏهن ڳالهه ڀارت کان زور ٿي وئي ته ان آمريڪا کي جنگ بنديءَ جي لاءِ ٽياڪڙي جي درخواست ڪئي.

آمريڪا جي صدر جڏهن پاڪستان کي جنگ بنديءَ لاءِ چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جي لاءِ هردم تيار ملڪ ان درخواست کي منظور ڪيو ۽ جنگ بنديءَ طرف هڪدم قدم وڌايو. هيءَ ملاقات انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جڏهن پاڪستان آمريڪا جي چوڻ تي جنگ بندي ڪري ڇڏي ۽ خطي ۾ پنهنجو پرامن ڪردار ادا ڪيو، ان جي لاءِ پاڪستان جي فيلڊ مارشل کي دعوت ڏيئي گهرايو ويو ۽ آمريڪي صدر ظهراني تي سندس ٿورا مڃيا ته پاڪستان جي عسڪري ليڊر شپ پروفيشنل انداز ۾ جنگ بندي ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي. هن ملاقات جي دوران خطي ۾ هلندڙ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي موضوع تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ايران تي اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ ايران جي ڀرپور حمايت ڪندي ان ڳالهه کي ساراهيو آهي ته آمريڪا خطي ۾ ڊي ايسڪيليشن جي لاءِ ڀرپور پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.

ان کان علاوه ٻنهي شخصيتن جي وچ ۾ ان ڳالهه تي به گفتگو ٿي ته ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ۽ خاص ڪري آءِ ايس ڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي لائحه عمل تيار ڪندا. سڀ کان اهم پاڪستان پنهنجي معاشي حالات کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هن وقت تمام گهڻي جهدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٽرمپ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته آمريڪا پاڪستان سان معاشي معاهدا ڪندو جيڪا هڪ اميد افزا ڳالهه آهي.  هيءَ ميٽنگ ٻه ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي گفتگو ٿي جنهن کي سڄي دنيا جا تجزيه نگار پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي نئين سر مضبوط ٿيڻ طرف هڪ نئين کنيل قدم طور ڏسي رهيا آهن. ۽ اميد ڪجي ٿي ته هيءَ ملاقات آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ امن، سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي طرف ٻنهي ملڪن جو هڪ گڏيل کنيل قدم ثابت ٿيندو.