ادب

جنونِ آزادي (اليوٿيرومينيا) Eleutheromania

انسان هڪ اهڙو ذهن رکي ٿو، جنهن کي طاقت جي زور تي تبديل نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن انسان کي ڪنهن نڪتي تي قائل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ ان کي ذهني طور قائل ڪرڻ ضروري آهي، پر ياد رکو جبر جي بنياد تي انسان کي قائل ڪرڻ ناممڪن آهي، جيڪڏهن انسان کي جبر تحت قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته هو اڃا وڌيڪ سختي سان سيلف ڊفينس تحت پنهنجي موقف تي قائم رهندو، جيڪڏهن جبر جي بنياد تي ان جو موقف تبديل به ڪيو ويو ته اهو محض ظاهري ۽ مجبوري تحت هوندو، جيڪو وقتي هوندو، پر وقت اچڻ تي انسان ان ئي موقف کي وڏي طاقت سان کڻي سامهون ايندو، پر جيڪڏهن اڃا به جبر ڪندڙ ڪامياب ويو ته انسان پنهنجي اندر پيدا ٿيندڙ ڪيفيت کي قتل ڪندي پنهنجي وجود کي ختم ڪري ڇڏيندو، پر جبر جي بنياد تي ڪڏهن به قائل نه ٿيندو.

احساس محرومي به انهي جبر واري پاليسي اختيار ڪرڻ کان پوءِ پيدا ٿيندي آهي جيڪا طاقت ذريعي ماڻهن تي مڙهي ويندي آهي، پر جبر جي بنياد تي مڙهيل حڪم هميشه قائم نه رهندو آهي، بلڪه اڳتي هلي اهو بغاوت جي شڪل ۾ سامهون ايندو آهي ۽ پوءِ انسان اهڙي تباهي آڻيندو آهي جنهن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ٿيندو آهي. اڪثر اهڙو رد عمل انهي ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي جتي بادشاهت قائم هوندي آهي ۽ جيڪا ماڻهن تي فيصلا جبر ذريعي نافذ ڪندي آهي، پر جبر جي بنياد تي ڪاميابي وقتي هوندي آهي، پر انساني فطرت آهي ته هو پنهنجي مٿان ٿيل جبر ۽ ظلم تي هڪ ڏينهن ضرور بغاوت ڪندو آهي، ڇو ته انسان کي جڏهن اهو محسوس ٿئي ٿو ته ان جي آزاد سوچ کي بند ڪيو وڃي ٿو ته هو سيلف ڊفينس واري ڪيفيت ۾ اچي سخت رد عمل ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي.

اليوٿيرومينيا ان حسرت ۽ جنون کي چيو ويندو آهي جيڪو آزادي گهري، ائين کڻي چئجي ته اليوٿيرومينيا آزادي جي بيماري آهي، ڇو جو جيڪا شيءَ جنون هجي ۽ ڪو انسان پنهنجي جنون کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ڪري، ان جنوني ڪيفيت کي بيماري چيو ويندو آهي، آزاد رهڻ انسان جي فطرت ۾ آهي، انسان آزاد رهڻ پسند ڪندو آهي. انسان جون بنيادون جهنگن ۾ آهن، انسان صدين تائين جهنگن ۾ آزاد رهيو آهي، جتي سماجي طور تي هو هر قانون کان آزاد هو. شهر، معاشرو، قانون ته انسان گهڻو پوءِ ٺاهيا آهن، جيئن جيئن سماج ترقي ڪندو ويو، تيئن تيئن انسان جي آزاديءَ تي به پابنديون لڳنديون ويون. اڄ جو انسان پهرين انسان کان پنهنجي آزادي جي حوالي سان گهڻو قيد آهي، ماضي جي لحاظ کان اڄ انسان سماجي طور تي گهڻين بندشن جو شڪار آهي. آزادي جي خواهش اڄ به انسان جي اندر موجود آهي، پر انسان اڄ جي قيد معاشري ۾ وڪوڙيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان کي ماڻهن ۾ نفسياتي مونجهارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا آهي، ان جو سبب اهو آهي ته خاندان ۽ معاشري جي ڪري هو پنهنجي آزادي کي قربان ڪري ٿو ڇڏي، جنهن جي ڪري هو اندر ئي اندر مونجهاري جو شڪار ٿي رهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ نفسياتي الجهنون جنم وٺن ٿيون ۽ انساني روين ۾ تبديلي ٿي اچي. خاندان جي اداري جي مضبوط ٿيڻ سان شخصي آزادي تي اثر پيو آهي، ان سان رشتن ۾ نفرتون پيدا ٿيون آهن. انسان پنهنجي خون جي رشتن کان پري ٿيڻ لڳو آهي، ڏٺو ويو آيو آهي ته جيڪا شيءَ ابتدا ۾ جيئن هئي، ان طرف ئي موٽي آهي، دنيا ۾ جيڪي شخصي آزادي تي پابنديون هيون، اهي 1945 کانپوءِ گهٽ ٿيون آهن، ڇو ته 1945 کانپوءِ دنيا اندر ڪجھ اهڙا ادارا ٺاهيا ويا، جن اهڙي دنيا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ انساني نفسيات کي سمجهيو وڃي ڇو ته عدم تحفظ جو خيال ۽ قيد هجڻ جو خيال ئي انسان کي سيلف ڊفينس تحت رد عمل ڏيڻ تي مجبور ڪندو آهي، ان لاءِ 1945 کانپوءِ دنيا جي وڏن ادارن شخصي آزادي کي انسان جي بنيادي حقن ۾ شامل ڪيو ۽ بنيادي حقن جا قانون ٺاهيا ويا، جنهن ۾ ڪنهن جي شخصي آزادي ۾ مداخلت کي جرم تسليم ڪيو ويو، مغربي ملڪن ۾ شخصي آزادي کي تسليم ڪيو ويو ۽ ان تي عمل ڪيو ويو، ان تي ناول ۽ فلمون ٺاهيون ويون، مغربي ملڪن شخصي آزادي کي هڪ برانڊ طور اڀاريو ۽ ائين اڀاريو ته شخصي آزادي تي لکڻ ۽ ڳالھ ڪرڻ هڪڙو فيشن ٿي ويو. اسان جي مشرقي معاشري ۾ اڃا تائين صحيح نموني سان شخصي آزادي کي سمجهيو ئي نه ويو آهي. اسان وٽ شخصي آزادي نافرماني تصور ڪئي ويندي آهي. ڏٺو ويو آهي ته اسان جي معاشري ۾ خانداني جهيڙا گهڻا ٿيندا آهن، جنهن جو سبب ماهر نفسيات شخصي آزادي نه ملڻ کي ٿا ڏين، مغربي معاشري جي مقابلي اسان وٽ گهريلو مونجهارا گهڻا ڏٺا وڃن ٿا، جنهن ۾ پيءُ اولاد، ڀاءُ ڀيڻ، چاچا، ماما مطلب ته خوني رشتا جيڪي به آهن، انهن ۾ تمام ننڍي ڳالھ تي اختلاف ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ رويو اهڙو جو ڳالھ ٻولھ ئي بند، سبب هڪڙو ئي آهي ته اسان معاشري ۾ ڪنهن به شخص جي شخصي آزادي کي تسليم نه ٿا ڪيون ۽ رشتن ۾ جبر تحت پنهنجي سوچ تحت حڪم هلائڻ گهرون ٿا. مجموعي طور تي اسان وٽ ڏٺو ويو آهي ته اسان جي معاشري ۾ شخصي آزادي ايتري ته اڻلڀ آهي جو اسان جي معاشري جا ماڻهو جڏهن مغربي معاشري جي شخصي آزادي کي ڏسندا آهن ته اهي احساس محرومي جو شڪار ٿيندا آهن. شخصي آزادي ذهن تي به اثر ڇڏي ٿي، ذهني طور قيد ماڻهو هميشه خوف ۾ مبتلا هوندو آهي، ان ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگھ نه هوندي آهي، جڏهن ته آزاد ماڻهو آزادي ۽ کليل ذهن سان بنا ڪنهن خوف جي فيصلو ڪري سگهندو آهي، جنهن معاشري ۾ ماڻهو ٻين جي زندگين جا فيصلا ڪندا آهن يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ان معاشري ۾ خود اعتمادي جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اتي ماڻهو ذهني طور مفلوج هوندا آهن، ڊڪٽيٽرشپ به شخصي آزادي کي ختم ڪندي آهي. ڊڪٽيٽرشپ ٻن قسمن جي هوندي آهي هڪ ته رياستي سطح تي حڪمران طبقو ڊڪٽيٽر ٿي سگهي ٿو، ٻيو خاندانن ۽ گهرن جي ڊڪٽيٽرشپ ٿيندي آهي، ڪو هڪ فرد سڀني انسانن جي خوشي ۽ غمي ۽ مستقبل جي فيصلن جو مالڪ هوندو آهي، گهر جي ڊڪٽيٽرشپ نسلن کي مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي. گهر جي هر فرد کي شخصي آزادي هجڻ کپي، هر سمجهدار انسان جو اهو حق آهي ته ان کي ان جي فيصلن ۾ آزاد ڇڏي ڏنو وڃي، جيئن هو نتيجن جو پاڻ ذميوار هجي، مثال طور هڪڙي شخص جو چوڻ آهي ته مان انجنئير ٿيڻ گهران پيو، پر حالتن ٿيڻ نه ڏنو ۽ هاڻ مان پنهنجو اهو خواب پنهنجي اولاد ۾ پورو ڪندس يا اولاد مان ڪنهن هڪ کي انجنئير ڪندس، بظاهر ته اها هڪ معمولي ڳالھ آهي ته ڪو پيءُ پنهنجي خواهش تي پنهنجي اولاد کي انجنيئر ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن اولاد انجنيئر نه ٿيڻ چاهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ هتي ظاهر آهي ته پيءُ اولاد جي شخصي آزادي تي پير رکي اولاد جي سوچ کي پنهنجي مرضي تي ٿو هلائڻ چاهي، نتيجي ۾ اهو ئي ٿيندو جيڪو اسان جي معاشري ۾ ٿيندو آهي يا ته اولاد پنهنجي خوابن کي قربان ڪري جبر جي بنياد تي انجنيئر ٿيندو ۽ ناڪام انجيئر ٿيندو ڇو ته ان ۾ ان جي دلچسپي نه هئي يا وري پيءُ کي چئي ڏيندو ته مان انجنيئر نه ٿيندس، نتيجي ۾ پيءُ ۽ اولاد ۾ نفرتون ۽ اختلاف پيدا ٿيندا ۽ اولاد کي نافرماني جو سرٽيفيڪٽ ڏنو ويندو. سمجهڻ کپي ته اولاد ۽ والدين جو اختلاف اولاد کي نفسياتي طور تي ختم ٿو ڪري ڇڏي، نتيجي ۾ معاشرو به تباھ ٿئي ٿو ڇو ته معاشرو فرد سان جڙيل آهي، جڏهن افراد ئي ذهني مونجهارن جو شڪار هوندا ته سماج ڇا ترقي ڪندو؟ والدين، سرپرستن، استادن کي انسان جي نفسيات کي سمجهندي ان جي شخصي آزادي کي سمجهڻ کپي نه ته اسان جي معاشري ۾ اولاد ائين ئي گهرن کان بر منهن ڪندي رهندي ۽ بغاوتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ نسل در نسل اليوٿيرومينيا يعني آزاد ٿيڻ جي بيماري ۾ سڄو سماج جڪڙجي ويندو ۽ نتيجي ۾ نفرتون، ڪاوڙ، منتشر ٿيڻ ۽ بغاوتن جهڙا رويا ڏسڻ ۾ ايندا.

ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي مجرمن کي جيل ۾ قيد جي سزا ڇو ڏني ويندي آهي؟ ڇو ته قيد کان مٿي ٻي ڪا سزا ناهي، قيد انسان کي اندران کائندي آهي، انسان آزادي ۾ جيئرو رهي سگهندو آهي، قيد جو هڪ هڪ سيڪنڊ نفسياتي طور تي تڪليفن سان ڀريل هوندو آهي، قيد اڏوهي جيان انسان کي اندران کائي ٿو، قيد ۾ انسان اليوٿيرومينيا جو ايترو ته شڪار ٿي ويندو آهي جو پنهنجي حق کان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، ڇو ته انسان پوءِ هر قيمت تي آزاد ٿيڻ گهرندو آهي، قيد ٻن قسمن جو ٿيندو آهي هڪ ته جسماني قيد جنهن جو اسان ذڪر ڪري آيا آهيون، ٻيو ذهني قيد هوندو آهي اسان جي معاشري ۾ هر انسان ذهني قيدي آهي، ڇو ته اسان جي معاشري ۾ انسان جي شخصي آزادي کي لتاڙيو وڃي ٿو، نتيجي ۾ انسان ذهني قيد ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. قيد ايترو ته اثرائتو آهي، جو انسان جي نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر هن کي سزا طور سمجهن ٿا، اسان جي معاشري ۾ هر اهو ماڻهو ذهني قيدي آهي، جنهن کان شخصي آزادي کسجي وڃي ٿي. اسان ماڻهن جي روين مان ئي ڏسي سگهون ٿا ته واقعي اهي ذهني طور قيدي آهن، معاشري ۾ نفرت، انتهاپسندي جو هجڻ بدلي جي باھ جو سيني ۾ ٻرڻ، هر ڳالھ تي طيش ۾ اچڻ اهو ظاهر ٿو ڪري ته هتي هر انسان جي شخصي آزادي کي لتاڙيو ويو آهي. انسان کان جڏهن شخصي آزادي کسجي ٿي ته هو غير محفوظ ۽ خوداعتمادي جي گهٽتائي جو شڪار ٿئي ٿو، نتيجي ۾ انسان زندگي ۾ منتشر ٿئي ٿو. اسان کي جيڪڏهن معاشري ۾ اخلاقيات پيدا ڪرڻي آهي ته هتي هر انسان کي هڪ ٻي جي شخصي آزادي جو خيال رکڻو پوندو ۽ رياستي ادارن کي به اهڙي پاليسي ٺاهڻي پوندي، جنهن سان ماڻهن کي تعليم ڏني وڃي ته هو پاڻ سان گڏ رهندڙ انسانن جي نفسيات کي سمجهن، جيئن مغربي معاشري وانگر اسان کي به انسانن کي انهن جي فيصلن تي آزاد ڇڏي ڏجي، جيڪڏهن ڪو فرد غلط فيصلو ڪندو ته ان جو نتيجو به هو پاڻ ڏسندو، جيڪڏهن اسان ان جي شخصي آزادي کي نظرانداز ڪنداسين ته هو پنهنجي انا کي آخري حد تائين کڻي ويندو، ڇو ته فطرت جو قانون آهي ته جنهن شيءِ کي جيترو دٻايو ويندو آهي، اها انهي رفتار سان واپس ٿيندي آهي ۽ ان جو نتيجو ڪجھ خوشگوار نه ٿيندو آهي، اصولن ڏٺو وڃي ته پکين کي پڃري ۾ بند ڪري، اهو دعويٰ ڪرڻ ته اهي اسان جا پکي آهن، اهو غلط آهي اصل ۾ خبر تڏهن پوندي جڏهن توهان انهن کي آزاد ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن هو موٽي آيا ته توهان جا هئا ۽ جيڪڏهن موٽي نه آيا ته اهو سمجهي ڇڏيو ته اهي ڪڏهن به توهان جا نه هئا، ائين ئي رشتن ۾ به آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي توهان سان نه رهڻو آهي ته زبردستي ڪرڻ فضول آهي، ڇو ته جيڪڏهن ان شخص ذهني طرح سان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ان کي توهان سان نه رهڻو آهي ته پوءِ توهان ڇا به ڪيو، هو ڪڏهن به توهان سان نه رهندو، بهتر ائين ئي آهي ته جيڪو وڃڻ گهري ته ان کي سهڻي طريقي سان وڃڻ ڏنو وڃي، ڇو ته زبردستي ڪرڻ سان پيار نفرت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، هڪڙو فلسفو سمجهي ڇڏيو، جيڪو توهان جو ناهي ته ناهي، ان کي زبردستي سان يا لالچ سان پاڻ سان گڏ رکڻ سان ڪو فائدو ناهي، جتي پيار ناهي هوندو اتي لالچ ۽ زبردستي سان ڪجھ نه ٿيندو.

دنيا جي وڏن ادارن هاڻي سوچڻ شروع ڪيو آهي ته زبردستي ۽ جبر جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجھ ناهي، ان لاءِ اڄ اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ اهڙو سماج پيدا ٿي سگهندو، جيڪو انساني نفسيات کي سمجهي ۽ ان مٿان جبر نه ڪري ان لاءِ عالمي سطح جون تنظيمون به ٺاهيون ويون آهن، جيڪي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.