بلاگنئون

آغا سراج دراني جو تعارف ۽ سنڌي عوام جي بيزاري جو سياسي تنقيدي جائزو

آغا سراج خان دراني، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو هڪ نمايان سياسي ڪردار، 14 آڪٽوبر 2025 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پيپلزپارٽي جي قيادت جو سندس لاڏاڻي تي چوڻ هو ته سندس موت سڄي ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ خال ڇڏي ويو آهي، جنھن کي ڀرڻ سولو نه ٿيندو، پر ساڳئي وقت، آغا سراج دراني جي سياسي زندگي ڪيترن ئي تڪرارن، احتسابي ڪيسن ۽ طاقت جي راندين سان پڻ ڀريل رهي. جنھن تي تفصيل سان گفتگو ڪرڻ کان اڳ سندس تعارف ڪرائيندس ته آغا سراج دراني 5 آڪٽوبر 1953ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچي مان 1971 ۾ ڏهون درجو پاس ڪيائين. بيچلر آف ڪامرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. آغا سراج دراني جو سياسي سفر 1985ع واري پارٽي لاءِ آزاد اميدوار طور چونڊ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هن ۽ سندس ڀاءُ آغا صلاح الدين شڪارپور سيٽ لاءِ مقابلو ڪيو، پر شروعاتي طور تي ڪامياب نه ٿيا. هن پاڪستان پيپلزپارٽي سان وابستگي رکندي 1988ع ۾ پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي رڪنيت حاصل ڪئي. هن ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 31 مئي 2013 کان اسپيڪر ٿيو، جنهن عهدي تي لڳ ڀڳ 2024 تائين رهيو. مختصر وقت لاءِ ايڪٽنگ گورنر جو عهدو پڻ سنڀاليو. ياد رهي ته سراج دراني جو والد آغا صدرالدين دراني ۽ چاچو آغا بدرالدين، پڻ سنڌ اسيمبلي جا اسپيڪر يا نائب اسپيڪر رهيا. هن وفات بعد هڪ پٽ آغا شھباز خان ۽ چار ڌيئرون ڇڏيون آهن. آغا سراج دراني ڪجهه عرصي کان صحت جي ڪجهه مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. رپورٽن موجب دماغي رت ڀرڻ (برين هيمريج) سبب هو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. آخر 15 آڪٽوبر 2025 تي ان مرض سبب سندس وفات ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. سندس وفات تي پيپلزپارٽي جي خاص طور تي اڳواڻ قيادت سخت ڏک جو اظھار ڪيو. سندس ساراھ ۾ ڪيترائي ڪالم لکجي ويا جن ۾ اڪثر اهو لکيو ويو ته سندس خطاب ۾ تلخ لھجو ۽ جذباتي انداز هئس. اسيمبلي اندر سندس گفتگو هميشه ڌيان ڇڪائيندڙ رهي. هو پارٽي پاليسين جو مضبوط حامي ۽ تنقيد ڪندڙن لاءِ سخت جواب ڏيڻ وارو شخص سمجهيو ويندو هو. سراج دراني جي سياسي زندگي تڪرارن کان خالي نه رهي. قومي احتساب بيورو (نيب) کيس آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو. ڪيترائي مھينا جيل ۾ رهيو، پر پوءِ به اسپيڪر جي ڪرسي تي قابض رکڻ ڏنو ويو. سندس خلاف ڪرپشن جا ڪيس عدالتن ۾ هليا، پر آخري فيصلو اچڻ کان اڳ ئي هن دنيا کي الوداع چيائين. لکندڙن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني طاقت، رياستي ادارن ۽ عدالتي عمل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي علامت بڻجي ويو هو. جڏهن ته سندس حمايتي هن کي “وفادار، بهادر ۽ ڪامياب سياستدان” سمجهندا رهيا. سندس سياسي سفر جو وڏو حصو پارٽي قيادت سان وفاداري ۾ گذريو. ڪيترن ئي موقعن تي، آغا سراج کي سنڌ جي عوامي مسئلن کان وڌيڪ پارٽي بچاءُ ۾ سرگرم ڏٺو ويو. سنڌ جي صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن جي زوال تي سندس خاموشي، ان سوال کي جنم ڏئي ٿي ته ڇا هو واقعي عوامي خدمتگار هو يا صرف پارٽي جو نظرياتي سپاهي؟

آغا سراج دراني جي وفات تي پ پ قيادت، سياسي ساٿين، مخالف ڌر ۽ عوام پاران گهري افسوس جو اظهار ڪيو ويو. پارٽي جي هدايت تي تعزيتي تقريبون پڻ ٿيون، پر سماجي ميڊيا تي ڪجهه حلقن هن جي موت کي احتساب کان بچڻ جو هڪ بدقسمت وقتي رستو پڻ قرار ڏنو. سراج دراني سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهم نالو رهيو، جنهن جو ذڪر مستقبل جي سياسي تاريخ ۾ ڪھڙن جملن سان ياد ڪيو ويندو، جيڪو خيال سوشل ميڊيا تي هلندڙ تبصرن مان ظاهر ٿي چڪو آهي. انهيءَ سان گڏ هن جي زندگي اهو سبق پڻ ڏئي ٿي ته طاقت، وفاداري ۽ عوامي خدمت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي. سندس وفات سان هڪ دور ته ختم ٿيو، پر سندس سياسي ورثو، ان تي ٿيندڙ تنقيد ۽ ڪيسن جا ڇانيل پاڇا اڃان به جيئرا آهن. آغا سراج دراني جي وفات کانپوءِ جتي سياسي ڌُريون سندس خدمتن کي ساراهين پيون، اتي سوشل ميڊيا تي عوام جو رد عمل حيرت انگيز طور سخت ۽ ناپسنديدگيءَ سان ڀريل آهي. خاص طور تي سنڌ جي نوجوان نسل طرفان سندس خلاف شديد تنقيد ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنھن کي پڙهڻ بعد سوال اڀري ٿو ته ڇو سنڌ جي عام ماڻهن، خاص طور تي سوشل ميڊيا جي متحرڪ حلقن، آغا سراج دراني کي عوامي اڳواڻ بدران “طاقت جو نمائندو” ۽ “غير مقامي مفادن جو علمبردار” قرار ڏنو؟ لساني سڃاڻپ ۽ سياسي بيگانگي سراج دراني جي نسلي پسمنظر تي پڻ سوال اٿاريا آهن، جن جو بنياد سنڌ جي ماڻهن جي اندر موجود تاريخي حساسيت سان ڳنڍيل آهي. ڪيترن جو خيال آهي ته هو بنيادي طور تي افغاني نسل سان تعلق رکندڙ هو ۽ سنڌي سماج ۾ پٺاڻن جي سياسي ۽ معاشي بالادستيءَ جي علامت بڻيل هو. ان تاثر جو ڪارڻ صرف سندس نسل نه، پر سندس سياسي روِش به هئي، جيڪا ڪيترن سنڌين کي “غير مقامي ايجنڊا” جي خدمت لڳي. سوشل ميڊيا تي ڪيترن ماڻهن اهو به لکيو ته هو سنڌ ۾ هوندي به سنڌي مفادن لاءِ واضح موقف نه رکندو هو. سراج دراني اسپيڪر جي عھدي تي رهيو، پر ان دوران سنڌ جي تعليم، صحت، پاڻي، بيروزگاري ۽ زراعت جهڙا بنيادي مسئلا حل نه ٿيا. سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هن پارلياماني نظام جو فائدو ته ورتو، پر عوام لاءِ ڪو واضح اثر ڇڏي نه سگهيو توڙي هو سنڌ جو اسپيڪر هو، پر سنڌ لاءِ ڪڏهن به نه ڳالهايو. ان جي باوجود پ پ قيادت کيس سدائين نوازيو، پر عام سنڌي ماڻهو لاءِ پ پ جي اهڙي پاليسي مايوسي جو سبب بڻجندي رهي آهي، جتي “وفاداري” کي “خدمت” تي ترجيح ڏني وئي.

هڪ عام تاثر اهو به رهيو آهي ته پيپلزپارٽي وٽ اصل قيادت هاڻي عوامي نه رهي، بلڪه خاص خاندانن ۽ ڌرين تائين محدود ٿي وئي آهي، جن جو عام سنڌيءَ جي ڏکن سان ڪو سڌو تعلق نه رهيو آهي. اهوئي سبب هو جو آغا سراج جي وفات بعد سوشل ميڊيا تي عوام جي هڪ نئين عدالت قائم ٿي وئي، فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر توڙي ٽڪ ٽاڪ تي هزارين پوسٽون سامهون آيون جن ۾ آغا سراج دراني جي سياسي زندگي تي تنقيد ڪئي وئي. ڪجهه ماڻهن سندس ڪيسن کي ياد ڪيو ته ڪجهه هن جي “مخصوص برادري لاءِ نرم رويي” تي سوال اٿاريا.

ڪنهن به فوت ٿيل شخص بابت سخت لفظ چوڻ انساني قدرن جي خلاف آهي، پر ان سان گڏ، سچائيءَ کي وائکو ڪرڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو شخص عوامي عھدي تي رهيو ته ان جي عوامي احتساب کان ڇو ڀڄڻ کپي؟ سراج دراني جي وفات ڪن کي هڪ سياسي باب جو خاتمو ڀلي لڳي، پر هن جي زندگيءَ ۽ ڪردار بابت سنڌ جي ماڻهن جي اندر جيڪا بيزاري آهي، اها رڳو ذاتي نه، پر اجتماعي تجربن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڇو جو سنڌي ماڻهن کان سندس چيل اهي جملا نه وسري سگهيا آهن “آئون سنڌين جي ووٽ تي ……” هن ڪئين ڀيرا افغانين ۽ پٺاڻن لاءِ همدردي جا جيڪي ٻول رڪارڊ تي آندا ان مان سنڌي ماڻهو اهو ڄاتو ته هو سنڌين جو خير خواهه نه آهي، سنڌي عوام هاڻ شعور جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي نسل، برادري يا پارٽيءَ کان وڌيڪ ڪارڪردگي کي ڏٺو پيو وڃي. ان حوالي سان، سراج دراني جو ڪردار هڪ مثال بڻجي سگهي ٿو. اهڙي سياست جو، جيڪا ظاهري طاقت ته رکي ٿي، پر عوامي دلين ۾ جاءِ نٿي ٺاهي. ان ڳالھ کي جيڪڏهن ايئن لکجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جنھن سياستدان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي عزت نه ڪئي، انهن جي ڪم نه آيو، پنھنجي ذات کي نوازيائين ان کي سنڌ جي اڪثريت ڪڏهن به سٺن لفظن ۾ ياد نه آهي ڪيو.