بلاگنئون

منھنجي پياري امڙ: مائي ميري

ليکڪا: ارونڌتي راءِ (آتم ڪٿا)

پاڙيسري ڪافر دشمن ملڪ ھندستان جي جڳ مشھور اديبا ۽ ناول نگار ارونڌتي راءِ تازو ئي پنھنجي من موهيندڙ ۽ دل کي چيريندڙ آتم ڪھاڻي  Mother Mary Comes to me جنهن کي مون سنڌي ۾ عنوان ڏنو آھي منھنجي پياري امڙ: مائي ميري، لکي پوري دنيا جي پڙھندڙن کي پنھنجي عجيب مقناطيسي سحر ۾ وڪوڙي ۽ جڪوڙي ڇڏيو آھي. ڪافرن جي ٻولي انگريزي زبان ۾ مون جھڙن غلام ماڻھن لاءِ لکيل پنھنجي ھن دليرانه ۽ شاعرانه آتم ڪٿا ۾ ارونڌتي پنھنجي غير شعوري ۽ شعوري زندگي جو سربستو احوال ڏيندي اھو ٻڌايو آھي ته ھوءَ جيڪا ڪجھ به آھي پنھنجي ماءُ جي ڪري آھي جنھن ھزارين مسئلن جي باوجود سندس اھڙي پالنا ڪئي جو وڏي ٿي ھوءَ ھڪ اھڙي معاشري ۾ ھڪ ڪامياب عورت ۽ لکاري بڻي جتي عورتن کي زندگي جي ھر شعبي ۾ جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافي جي گھاڻي ۾ ولوڙيو ۽ پيڙيو ويندو آھي.

ارونڌتي لکي ٿي ته سندس امڙ ھڪ سخت قسم جي عورت ھئي جنھنڪري ھن پنھنجي مڙس کي پڻ ڇڏي ڏنو. ڇو ته ھو ھڪ شرابي قسم جو ماڻھو ھو ۽ ھٿ تي ھٿ رکي نامردن وانگر گھر ويٺو ھوندو ھو. جڏھن سندس ماءُ پنھنجي مڙس کي بغير طلاق جي ڇڏيو ته ان وقت ارونڌتي ۽ سندس ڀاءُ صغيري عمر جا ٻالڪ ھئا. مائي ميري، ارونڌتي جي ماءُ، مٽن مائٽن وٽ در در ڌڪا ٿاٻا کاڌا. عيسائي مذھب سان تعلق ھجڻ ڪري ۽ خانداني جائيداد مان مناسب حصو نه ملڻ ڪري، سندس امڙ ھندستان جي سپريم ڪورٽ تائين ڪيس وڙهيو ۽ فتح حاصل ڪئي. ان ڪيس جي فيصلي جي ڪري ھندستان جي حڪومت کي ملڪيت جي ورھاست بابت عيسائي قانون مٽائڻو پيو جنھن جي ڪري ٻين عورتن کي به اڳتي ھلي سندن جائز حق مليو. انھيءَ سبب ڪري مائي ميري مذھب جي سخت مخالف پڻ ھئي ۽ عيسائي مذھب وارا وري ھن جا سخت مخالف ھئا.

ارونڌتي لکي ٿي ته سندن ماءُ جيتري سخت ھئي اوتري سياڻي ۽ دورانديش قسم جي هڪ پڙھيل لکيل عورت ھئي. غربت مان تنگ اچي، ھن ھڪ اسڪول کوليو جيڪو روٽري ڪلب جي بلڊنگ ۾ ھلائيندي ھئي. ان اسڪول جي صفائي وغيره اسڪول جا ٻار ڪندا ھئا جنھن ۾ ھوءَ پاڻ ۽ سندس ڀاءُ پڻ شامل ھو. اڳتي ھلي اھو اسڪول ترقي ڪري ڪيراله جي ھڪ ڳوٺ جو وڏو اسڪول ٿيو. سندن ماءُ پلاٽ خريد ڪري ھڪ شاندار بلڊنگ ٺھرائي جتي ھوءَ پاڻ به پڙھائيندي ھئي.

ارونڌتي لکي تي ته سندن ماءُ ھر ڳالھ تي روڪيندي ۽ ٽوڪيندي ھئي ۽ ٿوري گھڻي ڳالھ ته پادرن جو زيپٽ پيو هوندو ھو. ايتري بخيل ھئي جو ھڪ ڏينھن ھن ارونڌتي جي پاليل ڪتي کي پڻ بندوق ھڻي ماري ڇڏيو ھو. سندن امڙ جي سخت مزاج جي ڪري، ارونڌتي ۽ سندس ڀاءُ ماءُ جي سامھون ڳالھائي نه سگھندا ھئا. ھو سمجھندا ھئا ته جيڪڏهن ڳالھايوسين ته به پادر آيا، پر جي نه ڳالھايوسين ته به پادر کائڻا ئي پوندا. اھڙي حالت جي ڪري ھو، ھر وقت ھر ڏکي گھڙي لاءِ ذھني طور تيار ھوندا ھئا. اھڙين سختين جي ڪري، ھنن اڳتي ھلي زماني جي سختين ۽ لاھن چاڙھن کي بي خوف ٿي منھن ڏنو.

ارونڌتي اڳتي ھلي لکي تي ته سندس ماءُ تمام وڏي اصولي پڻ ھئي. ھوءَ ھر ڪم پاڻ ڪندي ھئي ۽ ڪنھن کي به جرئت نه ھوندي ھئي جو ھن جي رکيل ڪنھن شيءِ کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪري. ڪنھن جيڪڏهن اھڙي ھمت ڪئي ته ان جو حشر تمام خراب ٿيندو ھو. اھڙين سختين ۽ ڳالھين جي ڪري ارونڌتي ۽ سندس ڀاءُ اھو ذھن ٺاھي ڇڏيو ھو ته ھو گھر ڇڏي ڀڄي ويندا.

جڏھن ارونڌتي سورھن سالن جي ٿي ته ھن دھلي ۾ آرڪيٽيڪچر جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اتي پڙھڻ لڳي. پڙھڻ دوران ھوءَ ڪجھ ٽائيم ھاسٽل تي رھي جتي ھوءَ سگريٽ ۽ ڪڏھن ڪڏھن چرس پيئڻ لڳي. ان دوران ئي ھوءَ ھاسٽل تان ھڪ ٻي جڳھ تي ھڪ ڀڳل ٽٽل ڪمري ۾ منتقل ٿي وئي، ڇو ته پڙھائي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ھن کي نوڪري ڪرڻي پوندي ھئي. پڙھائي دوران ھن کي پرديپ نالي ھڪ ڇوڪري سان محبت ٿي وئي، جنھن سان ھوءَ ڪڏھن ڪڏھن گڏ رھندي ھئي ۽ ائين ئي ھن کي پيٽ ٿي ويو. ارونڌتي اسپتال وڃي اھو ٻار ڪيرايو. ڇو ته پنھنجي ماءُ وانگر هن ھڪ سخت مزاج ماءُ ٿيڻ نه پئي چاھيو. دھلي ۾ ست سال رھڻ کانپوءِ ھن کي اٽلي جي ھڪ اسڪالرشپ ملي وئي ۽ ھوءَ اٽلي ھلي وئي ۽ ڪورس مڪمل ڪري موٽي آئي. ان پوري عرصي دوران ھن جو پنھنجي ماءُ سان ڪنھن به قسم جو ڪوبه رابطو نه ٿيو، پر ھن کي ماءُ جون چيل سڀ ڳالھيون ۽ سختيون ياد اينديون ھيون، جنھنڪري ڪري ھوءَ ھر ڪم سوچي سمجھي ڪندي ھئي.

دھلي ۾ رھڻ دوران ھن پنھنجي دوست پرديپ سان گڏجي ڪجھ ڊراما لکيا جيڪي ڪافي ڪامياب ٿيا ۽ ان کانپوءِ ھن اخبار ۾ پڻ لکڻ شروع ڪيو. ان دوران ئي ھن پنھنجي دوست پرديپ سان شادي ڪئي. سندس دوست اڳ ۾ ئي پرڻيل ھو ۽ کيس ٻه نياڻيون ھيون. ارونڌتي انھن ڇوڪرين کي پڻ سنڀالڻ شروع ڪيو. ڇو ته پرديپ جي پھرئين زال ڳوٺ ۾ رھندي ھئي ۽ بعد ۾ ھوءَ گذاري وئي ھئي. جيئن سمجھوتي تحت ھن پرديپ سان شادي ڪئي ھئي، اھڙيءَ طرح سمجھوتي تحت اڳتي ھلي ھنن ھڪٻئي سان کلي کلي طلاق ورتي ھئي.

دھلي ۾ رھڻ دوران ارونڌتي پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان به ڪڏھن ڪڏھن ملندي رھي. ھن جو پيءُ پڻ دھلي ۾ پنھنجي ڀيڻ جي گھر رھندو ھو. ھو ھڪ موالي قسم جو ماڻھو ھو جنھن کي شراب جي لت لڳل ھئي. سندس ڀاءُ جو به اگر دھلي ۾ اچڻ ٿيندو ھو ته ارونڌتي ان سان به ميل ملاقات ڪري وٺندي ھئي، پر مجموعي طور اھو ميل ملاقاتن جو سلسلو تمام گھٽ ھوندو ھو. ارونڌتي ماءُ سان پڻ سندس ڪيراله واري ڳوٺ جي اسڪول ۾ ملڻ ويندي ھئي. ارونڌتي ھڪ وڏي ليکڪه ٿي وڃڻ جي باوجود پنھنجي ماءُ جي اثر ۽ دٻدٻي کان ڪڏھن به ٻاھر نه نڪري سگھي ھئي. خير، وقت بوقت ھنن سڀني جون ملاقاتون ڪڏھن دھلي ته ڪڏھن اسڪول ۾ ٿينديون رھنديون ھيون.

ارونڌتي پنھنجي پيءُ جي باري ۾ به ڪافي ڪجھ لکيو آھي، پر جيئن ته ھو ھنن کي ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ويو ھو، ان ڪري ھن جو ٻارن جي شخصيت تي ڪو خاص اثر نٿو ملي. ارونڌتي لکي ٿي ته ھن پنھنجي پيءُ جي ڪافي مدد ڪئي ۽ جيئن ته ھو ڪرڪيٽ جو ھڪ تمام وڏو شوقين ۽ بريڊمين جو جنوني مداح ھو، ان ڪري ھن کي پنھنجي ڪمري جي ٽي وي پٽي ڏني ھئي ته وڃي مزي سان ڪرڪيٽ ڏسي. ڇو ته ھو سمجھي پئي ته جيڪڏهن ھن کي ٽي وي وٺڻ لاءِ پئسي ڏيان ھا ته ھو پئسن مان شراب وٺي پيئي ھا. ھن پنھجي پيءُ جي علاج جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. بيماري سبب پيءُ جي موت ۽ تدفين بابت پڻ لکيو آھي، پر ڏٺو وڃي ارونڌتي جا پنھنجي ماءُ سان جذباتي لاڳا وڌيڪ هئا.

ارونڌتي ٻڌائي ٿي ته جڏھن ھن پنھنجو پھريون ناولGod of Small things لکيو ته اھو ناول نه صرف ڪامياب ويو، پر ان انعام به کٽيو. ڪتابن جي ڪمائي جا اڻ کٽ پئسا اچڻ شروع ٿيا ته ھن ڪافي پئسا يارن، دوستن ۽ ضرورتمند ماڻھن ۾ ورھايا، پر هوءَ لکي ٿي ته ھن جي ڪاميابي ھن جي ماءُ کي نه وڻي، ڇو ته هوءَ سمجھندي ھئي ته ماڻھو ھن کي ذاتي حيثيت ۾ نه، پر ارونڌتي جي ماءُ جي حيثيت سان وڌيڪ سڃاڻن ٿا. ڪجھ ئي عرصي دوران ارونڌتي وري پنھنجو ٻيو ناولThe Ministry of Utmost happiness لکيو جيڪو پڻ ڪافي ڪامياب ويو.

مٿي ذڪر ڪيل ٻئي ناول مون نه پڙھيا آھن، پر ارونڌتي لکي ٿي ته ھن ناولن جا ڪردار پنھنجي آسپاس جي زندگي مان کنيا آھن، جنھن ۾ سندس ماءُ پڻ شامل آھي.

اڳتي ھلي ھوءَ لکي ته ھن ھندستان جي سياسي، سماجي مسئلن ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم تي پڻ لکيو. ھن ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. ھن جي لکيل ھڪ مضمون تي ڪورٽ ۾ سندس مٿان ھڪ ڪيس ھليو جنھن جي ڪري ھن کي ھڪ رات جي سزا ملي. ڪورٽ کيس حق ڏنو ته پنھنجي اخباري مضمون ۾ ڪورٽ جي فيصلي تي ڪيل تنقيد تي ھوءَ عدالت کان معافي وٺي ته سندس سزا معاف ڪري سگھجي ٿي، پر ھن معافي نه ورتي ۽ سزا پوري ڪئي.

جيل ۾ ئي سندس ملاقات ھڪ ڪشميري مسلمان قيدي ڇوڪريءَ سان ٿي جيڪا افضل گورو جي گھر واري ھئي. افضل گورو جي مٿان ھندستان جي پارليامينٽ تي حملي جو سنگين الزام ھو. ھوءَ سمجھي ٿي تي افضل گورو تي اھو الزام ڪوڙو ھو. ھو ان ڏوھ جو ڏوھاري نه ھو. ان معاملي تي پڻ ھن ڪورٽ تي ۽ ان وقت جي ڪانگريس حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آھي. ان معاملي کان علاوه ھن گجرات وارن واقعن ۽ مودي جي ڪردار کي پڻ چڱو خاصو وائکو ڪيو آھي. ھوءَ سمجھي ٿي گجرات ۾ ماڻھو مارائڻ وارو ٻيو ڪير نه، پر مودي ھو. پنھنجي ھڪ دوست جي پيءُ جي باري ۾ لکي ٿي ته ھن گجرات ۾ فسادن دوران ماڻھن کي پناھ ڏئي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مودي جي غنڊن انھن چاليھ پنجاھ ماڻھن سان گڏ سندس دوست جي پيءُ کي به قتل ڪري ڇڏيو، ڇو ته ان جو تعلق اسلام مذھب سان ھو.

مٿين سياسي حوالن کان علاوه ھندستان ۾ لڳايل اندرا گانڌي جي ايمرجنسي ۽ سندس سکن جي ھٿان ٿيل قتل جو ذڪر پڻ آھي. ارونڌتي گجرات ۾ ٿيل قتل عام کي اندرا جي قتل کانپوءِ ٿيل سکن جي قتل عام سان پڻ ڀيٽيو آھي ۽ گجرات ۾ ٿيل قتل عام کي ھوءَ مذھبي بنياد تي ٿيل قتل عام سمجھي ٿي.

خير اچون ٿا ارونڌتي جي ماءُ ڏانھن واپس. ارونڌتي لکي ٿي ته سندس امڙ کي دم جي پراڻي بيماري ھئي. ھوءَ لکي تي ته آئون ننڍي ھوندي کان سمجھندي ھئس ته امان اڄ مرندي، سڀاڻي مرندي، پر پوءِ به ھوءَ اسي سالن کان مٿي زنده رھي. ھوءَ لکي ٿي ته سندس ماءُ ھڪ مضبوط عورت ھئي ۽ جلدي ھار مڃڻ وارن ماڻھن منجھان نه ھئي. بهرحال ھر ڪنھن کي ھڪ ڏينھن مرڻو ته آھي. بيمار ٿيڻ کانپوءِ سندس ماءُ اسڪول پنھنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھو اسڪول سندس ننھن ھلائيندي ھئي. سندس مطابق سندس ڀاءُ جڏھن به فون ڪندو ھو ته ھوءَ ڏڪي ويندي ھئي ته ڪٿي امان جي مرڻ جي خبر ڏيڻ لاءِ ته فون نه ڪئي اٿس؟ هن جو گھٻرايل آواز ٻڌي سندس ڀاءُ کلي چوندو ھو ته اڃان جيئري آھي. ھڪ ڏينھن سيپٽمبر جي پھرئين تاريخ 2022 تي سندس ڀاءُ جو فون آيو جيڪو پاڻ گھٻرايل ھو ۽ اطلاع ڏنو ته امڙ گذاري وئي!

ان ڏک ۾ ارونڌتي دھلي کان ڪيراله ڏانھن اڏام ڀري ٿي جتي ھوءَ پنھنجي ماءُ جي آخري رسمن ۾ نه صرف شريڪ ٿئي ٿي، پر ان جو انتظام پڻ ڪري ٿي. ھوءَ لکي ٿي ته ھن ماءُ کي عيسائي مذھب جي مخالفت جي ڪري، ھندو ريتن رسمن تحت ساڙيو ۽ مڙھ جي ڪجھ راک ندي ۽ سمنڊ حوالي ڪئي ۽ ڪجھ راک اسڪول جي ھڪ پلاٽ ۾ دفنائي جتي ھن ھڪ عاليشان باغ پوکرايو. ھيءَ آتم ڪٿا ارونڌتي جي ماءُ جي وفات تي شروع ٿي ٿئي ۽ ان جي تدفين تي ختم ٿي ٿئي.

ڏٺو وڃي ته ھي ڪتاب تمام بھترين ادبي ۽ شاعراڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آھي. آئون سمجھان ٿو ته ارونڌتي ھي ڪتاب شراب جا ڪيئي مڻ پي پوءِ لکيو ھوندو. ان سڪون جي ھڪ شاھدي ته سگريٽ پيئندي ارونڌتي جي اھا تصوير آھي جيڪا ڪتاب جي ڪور تصوير آھي. پوري دنيا ان تصوير تي تنقيد ڪئي آھي، پر آئون سمجھان ٿو ته اھو ڪتاب لکڻ دوران، ارونڌتي ڪھڙن ڪھڙن خوبصورت ۽ ڀيانڪ عذابن منجھان گذري ھوندي، اھا ارونڌتي کي ئي خبر ھوندي… ۽ اھڙن سورن مان نڪرڻ کانپوءِ اھڙي خوشگوار تصوير ڪڍرائي ڪتاب جي ڪور تي رکڻ ان جو حق ھو.

ھيءَ ڪھاڻي، منھنجو مطلب آتم ڪٿا، ڪيتري سچي ۽ ڪيتري افسانوي آھي، اھو ھڪ تمام وڏو بحث آھي. اھو ليکڪ تي مدار رکي ٿو ته هو ڪيترو سچ ۽ ڪيتري من گهڙت ڳالھ ڪري ٿو. ان کان اڳ جو آئون ڪجھ چوان، آئون اوھان کي ٻڌايان ته ڪنھن زماني ۾ مون ڪنھن استاد کان پڇيو ته تاريخ ۽ افساني ۾ ڪيترو فرق آھي. مون واري استاد چيو ته افساني ۾ رڳو نالا ۽ تاريخون ڪوڙيون ھونديون آھن باقي سڀ ڪجھ سچ ھوندو آھي؛ ۽ تاريخ ۾ وري نالا ۽ تاريخون سچيون ھونديون آھن، باقي سڀ ڪجھ ڪوڙ ھوندو آھي. ھاڻي توھان پاڻ اندازو لڳايو ته آئون ڇا ٿو چوڻ چاھيان. ڏٺو وڃي ته آتم ڪٿا به تاريخ جي ذمري ۾ اچي ٿي وڃي، اھا به حقيقتن ڪنھن ماڻھو جي تاريخ آھي، تنھنڪري اھڙي تاريخ مان داخليت کي ڌار ڪرڻ تقريبن ناممڪن آھي.

بهرحال ٻولي يا سٽاءَ جي حساب سان ھي ڪتاب آتم ڪٿا گھٽ ۽ ناول وڌيڪ لڳي رھيو آھي. ادب ۾ تحقيق ڪندڙ ھمراھن لاءِ ھن ڪتاب ۾ تنقيد جو به تمام وڏو ميدان آھي. باقي ڪتاب باقائدي پڙھڻ جھڙو آھي ڇو ته لکيل وڏي ڪمال جو آھي. تمام گھٽ لکندڙ اھڙا ھوندا آھن جيڪي پڙھندڙن کي ساڻ ڪري ھلندا آھن. ارونڌتي به اھڙن ليکارين منجھان آھي جيڪا پڙھندڙن کي ٻئي ھنڌ ڪنڌ ڦيرڻ نٿي ڏئي. ڇو ته ھوءَ ڪتاب پڙھندڙ کي اھڙو ته محو ٿي ڪري ڇڏي جو پڙھندڙ کي ڪتاب مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ان منجھان ھٿ نٿي ڪڍڻ ڏئي.

اسان مولائين جي ڪافرياڻي ارونڌتي لاءِ دعا آھي ته پاڻ به سدائين مزي ۾ ھجي ۽  اسان  مولائين کي به ائين مفت ۾ مزا وٺرائيندي رھي. خوش ھج پياري. ڪڏھن ملنداسين..

***