بلاگخاصنئون

پي ٽي آءِ اڳواڻ جو سهولتڪار ڪير، جوڊيشري يا پراسيڪيوشن؟

سائيفر جو معاملو به عجيب آهي. مارچ 2022ع ۾ هڪ جلسي دوران باني پي ٽي آءِ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان هڪ پنو ڪڍي عوام کي ڏيکاريو هو، هي آهي سائيفر جيڪو پاڪستان جي آمريڪا ۾ مقرر ٿيل سفير طرفان موڪليو ويو آهي، جنهن کي ڊونلڊ لو ڌمڪايو آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ان وقت باني پي ٽي آءِ چيو هو ته انهيءَ سازش ۾ آمريڪا، جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه، پي ڊي ايم بشمول مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي شامل هئا ۽ انهيءَ سازش کي بنياد بڻائي هڪ بيانيو ٺاهيو ويو، جنهن جي کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي.
ان وقت جي حڪومت سندس چال کي واپس هن جي خلاف استعمال ڪيو ۽ هن جي مٿان سائيفر وارو ڪيس لڳايو ويو ته هن پنهنجو کنيل قسم ٽوڙي ملڪ جا ڳجها راز ظاهر ڪيا آهن ۽ هڪ طاقتور دوست ملڪ تي الزام لڳايا آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. ڪيس هلندو رهيو، 2024ع جي چونڊن کان صرف هڪ هفتو پهرين کيس سزا ٻڌائي وئي. 25 کان وڌيڪ شاهد پيش ڪيا ويا هئا. ان وقت جيڪي به سٺا قانوندان هئا جن جي بظاهر ڪنهن به پارٽيءَ سان همدردي نه هئي، انهن واضح ڪيو هو ته ڪيس جي پراسيڪيوشن انتهائي ڪمزور رهي آهي ۽ حڪومت جي پراسيڪيوٽر ڪيس بجاءِ ثابت ڪرڻ جي ان ۾ ايترا ته جهول ڇڏيا آهن جو اهو ڪيس جيئن ئي اپيل جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ويندو ته هڪدم ختم ٿي ويندو ۽ ٿيو به ائين. هاڻي حڪومت هاءِ ڪورٽ اسلام آباد طرفان ڏنل ان فيصلي کي جنهن ۾ شاهه محمود قريشي ۽ باني پي ٽي آءِ جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، سهولتڪاري سمجهي ٿي، ٿي سگهي ٿو ان وٽ ان جا ڪي جواز هجن. اهو به نظر آيو ته هي هن ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جنهن کي پي ٽي آءِ جي ترجمان ڇا ڇا نه چيو اهو به ان فيصلي ڪرڻ ۾ شامل هو. ٿي سگهي ٿو ان تي پي ٽي آءِ جي هليل سوشل ميڊيا واري ڪمپين جو دٻاءُ به هجي، پر هر ساڃاهه وند ماڻهو ان وقت به چئي رهيو هو ته ڪيس ۾ تمام گهڻا جهول آهن، پراسيڪيوشن پنهنجو ڪم ذميواري سان نه ڪيو آهي، ان ڪري هن ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ کي هاءِ ڪورٽ اسلام آباد طرفان رليف ملندو. اسان ڏسون ٿا ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ ختم ڪيو آهي ته عدليه اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پراسيڪيوٽر جو ڪم صرف ڪورٽ ۾ حاضري لڳائڻ هوندو آهي، فيصلا پهرين ٿي چڪا هوندا آهن ۽ اهي ڳالهيون پي ٽي آءِ جي گذريل دور ۾ عام هيون، جنهن جي لاءِ جسٽس رٽائرڊ شوڪت صديقي واضح ٻڌائي ٿو، پر هن وقت شايد ائين نه آهي. اسٽيبلشمينٽ پوري طرح طاقتور نظر نه اچي رهي آهي. ڇو ته بهرحال ان جي هڪ حصي جي همدردي باني پي ٽي آءِ سان نظر اچي رهي آهي. اهڙي ئي نموني عدليه جو گهڻو حصو باني پي ٽي آءِ جو همدرد آهي. اها ڳالهه حڪومت کي سمجهه ۾ نه آئي، ان ڪري هن پراسيڪيوشن وارو حصو انتهائي ڪمزور رکيو، ڪيس کي ڪيس سمجهي نه هلايو. حڪومت سمجهي پئي ته ججن کي اسٽيبلشمينٽ دٻاءُ ۾ آڻي پنهنجي مرضي مطابق فيصلا وٺندي جيڪو نه صرف غلط هو، پر ائين ٿيو به نه، هاڻي چوندا آهن ته نانگ نڪري ويو آهي ليڪو پيو ڪٽجي. حڪومت جي پوري پوري شڪايت عدالت جي انهن ججن سان آهي جيڪي عمران خان جي محبت ۾ گرفتار آهن ۽ کيس وقت بوقت رليف ڏيئي رهيا آهن. حڪومت وقت پنهنجي ڪم ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو ۽ پراسيڪيوشن صحيح طرح سان نه ڪئي وئي. اهڙي خدشي جو اظهار اسٽيبلشمينٽ آءِ ايس پي آر جي ذريعي مختلف وقتن تي پڻ ڪندي رهي آهي، پر حڪومت ان طرف به ڌيان نه ڏنو.
جيڪڏهن پراسيڪيوشن جي ڪارڪردگي اها ئي رهي جهڙي سائيفر ڪيس ۾ نظر آئي آهي ته پوءِ ايندڙ ڪيسن جنهن ۾ توشاخانا ڪيس، عبدالقادر ٽرسٽ ڪيس، 190 ملين پائونڊ وارو ڪيس جو حال به ساڳيو ئي ٿيندو ۽ پوءِ حڪومت صرف عدليه کي ڏوهه ڏيندي رهندي. اسين سمجهون ٿا ته پراسيڪيوشن کي سمجهڻ گهرجي ته هي وقت ٻيو آهي، جيڪڏهن کين ڪيس کٽڻو آهي ته پوري تياري ڪرڻي پوندي، بغير تياري جي ڪورٽ ۾ ڪيس کڻي وڃڻ جو مطلب باني پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري ڪرڻ جي برابر آهي.