ايڊيٽوريلنئون

ايوان صدر ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پرزنٽيشن ۽ زميني حقيقتون

بلاول ڀٽو زرداري 15 جنوري 2026ع تي ايوان صدر ۾ هڪ پاور پوائنٽ پرزنٽيشن پيش ڪئي. ان تقريب ۾ سنڌ صوبي جي قيادت مان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جا اهم وزير، چيف سيڪريٽري، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جا ماهر، ايوان صدر جا اعليٰ آفيسر، صحافي ۽ تجارتي حلقن مان ڪجهه شخصيتون اتي موجود هيون. خبرن مطابق هال تمام گهڻو ڀريل هو ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پرزنٽيشن تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. هن پرزنٽيشن ۾ سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ خاص طور تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري عمل بابت معلومات پيش ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري جيڪو بار بار ان ڳالهه جو اسرار مختلف موقعن تي ڪندو آيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ حڪومت جا اختيار وفاق کي ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. ان جي جواب ۾ هيءَ پرزنٽيشن ٺاهي انهن حلقن کي اهو پيغام ڏنو ويو ته پيپلزپارٽي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري چڪي آهي ۽ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. ڇو ته هن وقت پيپلزپارٽي کي ۽ خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ڪيترائي چئلينج موجود آهن. هن وقت سندس مقابلو (ن) ليگ جي مريم نواز سان به ڪيو وڃي پيو، جيڪا پنهنجي صوبي ۾ تمام منظم طريقي سان منصوبابندي ڪري ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي ۽ سندس ڪمن جو ڄار صرف لاهور نه، پر سڄي پنجاب تائين آهستي آهستي پکڙجندي نظر اچي پيو.

هيءَ پرزنٽيشن ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جهڙن ادارن جي امداد سان سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٿيندڙ ڪم جي باري ۾ ٺاهي ڏيکاري وئي ته جيئن بين الاقوامي ادارن کي يقين اچي ته فنڊ صحيح طريقي سان استعمال ٿي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري جي بحرين جي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ايوان صدر ۾ هن طريقي سان هڪ تقريب ڪري پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ ڪيترن ئي ڳالهين طرف اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ تقريب ۽ پرزنٽيشن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته سندس اهو انداز هڪ ٽيڪنوڪريٽڪ تقريب منعقد ڪرڻ وارو هو، پر جيئن ته پيپلزپارٽي هڪ ٽيڪنوڪريٽڪ پارٽي ناهي، پيپلزپارٽي جنهن جي عمر 50 سال آهي، سندس پاڙون عوام جي اندر آهن. بلاول ڀٽو زرداري کي سڌو سنئون عوام سان مخاطب ٿيڻ لاءِ عوام آڏو وڃڻ گهرجي. ڇو ته عوامي ليڊر کي پنهنجو پاڻ کي عوام سان ڳنڍڻ کانپوءِ ئي بنيادي مسئلن جي خبر پوي ٿي، ان کي عوام جي اندر جيڪي مسئلا آهن انهن جو پتو صرف ان صورت ۾ پئجي سگهي ٿو، جڏهن هو عوام جي وچ ۾ بيٺل هجي. هن وقت بلاول ڀٽو زرداري شايد ان ڳالهه کان بي خبر آهي ته سنڌ جي اندر سندس نڪ جي هيٺان سندس صوبي جي ادارن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي، سنڌ جو نوجوان جيڪو تعليم يافته آهي اهو ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪرڻ بجاءِ نوڪريون پئسن سان خريد ڪري رهيو آهي، ادارن ۾ ڪرپشن جو ڄار پکڙيل آهي ۽ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي مستقبل جي سياسي ليڊرشپ کان مايوس نظر اچي ٿو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن تي عدم اطمينان ۽ غير شفافيت جو ليبل لڳل آهي ۽ اهو خيال تمام گهڻو پختو ٿيندو وڃي ته سنڌ جي اندر بااثر ماڻهن ۽ پئسو رکندڙ ماڻهن کي نوڪريون به ملن ٿيون ته ترقيون به ملن ٿيون ۽ نظام عوام جي حق ۾ بيهڻ جي بجاءِ طاقت ۽ پئسو رکندڙ جي حق ۾ بيٺل آهي، اهو ليبل هن حڪومت جي لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هجڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي جيڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي پڪ ڪرائڻي آهي ته هو نوجوانن جي اڳيان بيهي پرزنٽيشن پيش ڪري، جيڪي کانئس سوال ڪري سگهن ۽ پنهنجي بيچيني جو اظهار ساڻس کلئي طريقي سان ڪري سگهن.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ تمام گهڻي سٺي ڪارڪردگيءَ جي خواهش رکندو هوندو، پر ڪٿي نه ڪٿي سندس ٽيم جي اندر اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي سندس ان خواهش کي پورو نٿا ٿيڻ ڏين. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پرزنٽيشن ۾ سنڌ اندر هيلٿ جي شعبي ۾ جيڪي ڪم ٿيا آهن انهن جي باري ۾ آگاهي ڏني، انگ اکر پيش ڪيا، سنڌ ۾ نئين يونيورسٽين ۽ نون ڪئمپسز جي باري ۾ آگاهي ڏني. ان کان علاوه سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن جي بدلي ۾ لڳ ڀڳ 21 لک گهر تعمير ڪرائي مالڪاڻه حق ڏئي رهي آهي، ان باري ۾ انگ اکر پيش ڪيا، پر گڏوگڏ بلاول ڀٽو زرداري کي ان ڳالهه لاءِ به پريشان ٿيڻو پوندو ته هن وقت سنڌ ۾ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن ٻارن جو بنياد ۽ پرائمري تعليم ڪمزور هجن اهي انهن يونيورسٽين تائين ڪيئن پهچي سگهندا. هن وقت به سنڌ ۾ هزارين استاد گوسڙو بڻيل آهن، جيڪي پگهارون کڻي رهيا آهن، پر پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ اسڪولن تائين نٿا پهچن ۽ جيڪي ٻار اسڪولن تائين پهچن ٿا انهن کي اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر تباهه هجڻ جي ڪري اتي ڪلاس روم ۾ ويهڻ جي لاءِ فرنيچر، اسڪولن جي اندر پلي گرائونڊ، بجلي، پنکا ۽ صاف پاڻي مهيا نه هجڻ جي ڪري والدين اسڪول موڪلڻ کان لنوائين ٿا. ڪو شڪ ڪونهي ته صحت جي ميدان ۾ تمام سٺو ڪم ٿي رهيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، سنڌ چائلڊ هيلٿ ڪيئر ۾ جتي سٺو ڪم ٿي رهيو آهي، پر اتي بيسڪ هيلٿ يونٽن ۾ عام شڪايت آهي ته ٻهراڙين ۾ عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن. انهن سڀني شين کي ڪير ڏسندو؟ يقنن بلاول ڀٽو کي هڪ اهڙي ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا درد دل رکندڙ هجي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيندي هجي. هن وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو نوجوانن جي بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، ڪرپشن ۽ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي آهي، جنهن جي ڪري صوبي ۾ تعليمي بحران واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ماڻهو جتي پنهنجن ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائي رهيا آهن اتي 70 لک ٻارن جا والدين ٻارن جي پڙهائي ۾ ڪابه دلچسپي نٿا رکن، انهن جي ڪائونسلنگ ڪير ڪندو؟ انهن کي اسڪولن تائين ڪير وٺي ايندو؟ انهن جي مستقبل جي باري ۾ ڪير سوچيندو؟ اميد آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جلد ئي هڪ پرزنٽيشن تيار ڪري انهن سوالن جا جواب عوامي جلسي ۾ ڏيندو.