پاڪستان جو عوام جنهن جو هڪ وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، ان ۾ اسان جي پاليسي سازن جون وڏيون ڪوتاهيون ۽ ڪوتاهين کان وڌيڪ ڏوهه شامل آهن، جنهن سبب اسان جو ملڪ غربت ۽ شديد دهشتگرديءَ جي هٿ ور چڙهيل آهي. نه صرف عوام، بلڪه هن وقت اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻين فورسن جا ڪيترائي جانباز پنهنجيون قيمتي جانيون روزانو جي بنياد تي ملڪ جي حفاظت ڪندي نذراني طور پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن سوويت يونين افغانستان تي حملو ڪيو ته لکين افغان شهري سرحد پار ڪري پاڪستان جي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبن ۾ داخل ٿيا، ان وقت جي حڪومت کين مهاجر طور پناهه ڏني. ان کانپوءِ افغانستان ۾ طالبان جي مختلف گروهن جي وچ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، هڪ ڀيرو ٻيهر لکين ماڻهو پاڪستان لڏي آيا. وري نائن اليون کانپوءِ جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ته ٽيون ڀيرو هڪ افغانين جو هڪ وڏو انگ سرحد پار ڪري سنڌ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي وارن علائقن ۾ آباد ٿي ويو. آمريڪي فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ وري لکين ماڻهو پنهنجي جان کي خطري ۾ محسوس ڪندي غير قانوني رستن ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جن وٽ نه ڪي دستاويز هئا ۽ نه ئي ويزا يا پاسپورٽ. ڏٺو وڃي ته ٻاهران کان ايندڙ مهاجر هميشه ڏتڙيل هجڻ جي ڪري ڪنهن به ڌرتيءَ تي وڃي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ قانون ئي انهن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر پاڪستان ۾ افغان مهاجرن کي لڳي ٿو ته سڄي ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۽ سنڌ جي گاديءَ جي شهر ۾ هٿ سان پکيڙي آباد ڪيو ويو، نه صرف آباد ڪيو ويو بلڪه انهن غير قانوني افغانين کي مقامي ماڻهن سان جهيڙي ۾ آندو ويو، انهن کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويا، انهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ مختلف جاين تي مڪمل علائقا ڏئي انهن کي اتي پنهنجا ڳوٺ آباد ڪري محفوظ قلعا اڏڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪي تاريخ ثابت ڪيو ته اهي ڳوٺ ڪراچيءَ جي آبادي ۽ سلامتيءَ لاءِ هميشه خطرو بڻيل رهيا.
ان ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه اسان جي پاليسي سازن جو آهي، جن وقتي فائدن ۽ سنڌ دشمنيءَ سبب انهن افغان مهاجرن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏئي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪابه پاليسي نه جوڙي، بلڪه سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وڃڻ لاءِ سهولتڪاري ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ ۾ اسان جي سياسي پارٽين انهن غير قانوني ۽ غير ملڪي ماڻهن کي پنهنجي ووٽر لسٽن ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي شامل ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ آباد ڪري رجسٽر ڪيو ۽ کين اهو حق ڏنو ته اهي پنهنجي اسمگلنگ جي پئسن مان سنڌ جون زمينون خريد ڪري سگهن ۽ سنڌ اندر هر انهيءَ غير قانوني ڪم ڪرڻ جو انهن کي مڪمل لائسنس ملي ويو ۽ عام ماڻهو ڏسندو رهجي ويو. هن وقت ڪراچي ۽ ڄامشورو جي ڪجهه تڪن ۾ ته اهي ووٽ ڄڻ فيصلا ڪن حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ڄامشورو جي ڀرسان رشيد آباد جهڙا ڪجهه اهڙا ڳوٺ به موجود آهن جيڪي مڪمل طور تي انهن غير قانوني ۽ غير آئيني طور تي نادرا مان شناختي ڪارڊ ٺهرايل افغانين جا آهن، جتي جيڪڏهن ڪو مقامي سنڌي يا اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجو سبزيءَ جو گاڏو به لڳائي ٿو ته ان کي انهن افغانين کي روزانو 100 رپيا ڀتي طور ڏيڻا پون ٿا، جيڪا مقامي ماڻهن جي حق تلفي آهي. نه صرف مقامي ماڻهن جي وسيلن، نوڪرين ۽ زمينن تي غير قانوني قبضا ٿيا، هتان جو ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويو، پر سڀ کان وڏو نقصان جيڪو اسان کي پهتو آهي اهو پاڪستان جو امن امان تباهه ٿي چڪو آهي. اسلام آباد جي ڀرپاسي واري علائقي ترلائي ۾ جيڪو امام بارگاهه مٿان تازو حملو ٿيو آهي اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد تنظيمون ڪيئن انهن غير قانوني طور رهيل ماڻهن کي پنهنجي سهولتڪار طور استعمال ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيون آهن. اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت جو کنيل هي قدم انتهائي وقتائتو آهي، جو وقت بوقت اهڙيون لسٽون شايع ٿينديون پيون رهن، جنهن سان انهن ماڻهن جي نشاندهي ٿي سگهي جيڪي هن وقت سنڌ جي اندر قانوني ڪور حاصل ڪري پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي رهيل آهن ۽ هڪ پاڪستاني واريون سموريون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ايسٽ جو علائقو جنهن ۾ سهراب ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا اچي وڃن ٿا، جن ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي. جيڪڏهن انهن ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ثابت نٿا ٿي سگهن ته انهن کي فارينرز ايڪٽ تحت ڊيپورٽ ڪرڻ جو مرحلو شروع ٿي ويندو. هاڻي نادرا ۽ سيڪيورٽي ادرا صرف نالن جي تصديق نه، پر پوري فيملي ٽري جي ڊيٽا مائننگ ذريعي جاچ ڪري رهيا آهن ته ڪهڙي پاڪستاني خاندان ۾ ڪو غير لاڳاپيل ماڻهو شامل آهي. ان کان علاوه بايو ميٽرڪ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ غير قانوني ۽ مشڪوڪ ماڻهن کي گهيري ۾ آندو پيو وڃي. وقت جي ضرورت آهي ته هر ضلعي جو ڊي سي يا هر ڊويزن جو ڪشمنر ان قسم جون لسٽون جاري ڪري انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪري جيڪي نادرا جي ڪارين رڍن جي ڪري پاڪستان اندر پاڪستاني بڻجي مزا ماڻي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پيڙهه کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. اها لسٽ صرف ڪراچي ايسٽ لاءِ ئي نه هجڻ گهرجي. ان کان علاوه اسان جي عام شهرين جو به اهو بنيادي فرض آهي ته اهو پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي بچاءُ لاءِ اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪري، لاڳاپيل ادارن کي انهن جي معلومات فراهم ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي اهڙن ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ جيڪي به قدم قانوني طور تي ان کي اجازت ڏين ٿا اهي کڻي.