ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق جو ويڇو ڪيئن گهٽ ڪري سگهجي ٿو؟

رياست جو اهو  بنيادي فرض آهي ته عوام کي تحفظ، قانون جي برابري، عزت نفس ۽ امن امان فراهم ڪري. پوليس رياست جو اهو بنيادي ادارو آهي جيڪو قانون کي لاڳو ڪرڻ لاءِ فرنٽ تي بيٺل هوندو آهي، عوام جي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پهرئين مددگار طور ڪم اچي ٿو، پر تاريخ گواهه آهي ته اهو ادارو وقت سان گڏوگڏ عوام جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن جو شڪار ٿي ويو ۽ ان اندر اهڙن ماڻهن جي ڀرتي ڪئي وئي جن کي اسان عام طور تي “ڪاريون رڍون” چئون ٿا. وقت تبديل ٿي رهيو آهي، عوام جا ذهن  تبديل ٿي رهيا آهن ۽ سياستدانن جون مجبوريون به تبديل ٿي چڪيون آهن. وقت سان گڏ حڪمران طبقي کي پنهنجو پاڻ کي بهتر بنائي عوام کي وڌيڪ خدمت ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي بچيو. ڪجهه سال اڳ جتي پنجاب پوليس بدنام زمانا پوليس بڻجي چڪي هئي، هن وقت وزيراعليٰ مريم نواز پوليس جي اداري اندر انقلابي قدم کڻي تبديليون آڻي رهي آهي، جيڪا ٻين سڀني وزيراعلائن لاءِ سجاڳ ٿيڻ جو هڪ سڏ آهي. پوليس اندر ٿاڻن تي ايف آءِ آر درج ڪرڻ کان وٺي پوليس جو ڪٿي ڇاپو هڻڻ تائين ان جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، جن پوليس جي مٿان هڪ ڌٻو لڳائي ڇڏيو آهي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هن وقت عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس فورس کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان مسلح ڪري هڪ اهڙي فورس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن تي عوام ڀروسو ڪري سگهي، جنهن جي شروعات 2025ع کان ٿي چڪي آهي. ان لاءِ اسمارٽ پوليسنگ ۽ موبائل ايپس، سيف سٽي پروجيڪٽ، ٿاڻن جي اپگريڊيشن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي عوام کي اهي سهولتون ڏينون پيون وڃن جيڪي شايد پاڪستان جي عوام جو خواب رهيون آهن. هن وقت پنجاب جي ٿاڻن اندر شفافيت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو انقلابي قدم کنيو ويو آهي.

ٿاڻن اندر هڪ “پئنڪ بٽڻ” لڳايو پيو وڃي، ڇو ته اتي ويندڙ سائل سان پوليس جو رويو تضحيڪ وارو هوندو آهي، ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ رشوت گهري ويندي آهي، سائل کي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ موقعو ناهي ڏنو ويندو، هي بٽڻ انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي چاهين ٿا ته اهي فوري اطلاع ڏئي ڊي پي او آفيس يا آءِ جي آفيس تائين پنهنجو آواز پهچائين. ان بٽڻ جي دٻائڻ سان سي سي ٽي وي ڪئمرا بٽڻ سان ئي ان ٿاڻي جي فوٽيج مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ لائيو ڏيکاري ويندي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي. اهي بٽڻ في الحال اسپيشل انيشيئيٽو پوليس اسٽيشنز ۾ پيا لڳايا وڃن ته جيئن آهستي آهستي ان ٽيڪنالاجي کي سڄي صوبي ۾ استعمال ڪري سگهجي. ان کان علاوه پوليس جي محڪمي کي جيسائين انهن جي ٿاڻن کي اپگريڊ نٿو ڪيو وڃي ۽ مڪمل طور تي ٽيڪنالاجيءَ جون سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن تيستائين پوليس پنهنجو ڪم بهتر طريقي سان نٿي ڪري سگهي. انهن مرڪزن جو آغاز 2017ع ۾ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ آهستي آهستي تبديليون ڪري 24-2023 تائين مڪمل ڊجيٽلائيز نظام آندو ويو. هن وقت سئو کان وڌيڪ مستقل خدمت مرڪز ۽ چاليهن کان وڌيڪ موبائل وينون روزاني لکين ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن. سنڌ ۾ به اهڙا مرڪز پوليس فيسيليٽيشن سينٽر طور سڏيا وڃن ٿا، پر ٻنهي صوبن جي نظام ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ وڏو فرق آهي. پنجاب جي سڀني ضلعن ۽ ڪيترن تعلقن ۾ اهڙا خدمت مرڪز موجود آهن، جن ۾ هڪ ئي ڇت هيٺ 14 کان وڌيڪ مختلف سهولتون جنهن ۾ لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽ وغيره فراهم ڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه آن لائين اهڙيون ويب سائيٽون ۽ ايپ به متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي ون ونڊو آپريشن تحت عوام کي مختلف خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن.

هن وقت پنجاب پوليس ۾ باڊي ڪئمرائن جو استعمال به پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان کي آهستي آهستي هر ٿاڻي جي سطح تي لازمي قرار ڏنو ويندو. جنهن سان آفيسر جي فيلڊ ۾ وڃڻ يا ڪنهن سان ڳالهائڻ جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ٿيندي ۽ پوليس جي رويي جي نگراني ٿيڻ جي لاءِ سينٽرل سرور سان ڳنڍيل هوندو. جنهن کي پوءِ اڳتي هلي عدالتي ثبوت طور به استعمال ڪري سگهبو. عوام ڪنهن به زيادتي جي صورت ۾ جڏهن پوليس اسٽيشن تي وڃي ٿو ته انهن جي ايف اءِ آر جو اندراج ڪرائڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي، پر هينئر پنجاب پوليس ايف اءِ آر ۽ ڇاپن واري عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ جديد بنائڻ لاءِ پڻ اهم فيصلا ڪيا آهن ته جيئن هن اداري تي عوام جو ڀرسو بحال ٿي سگهي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪري سگهجي. جنهن لاءِ آن لائين ايف آءِ آر سسٽم ۽ پنجاب پوليس جي ايپ يا ويب پورٽل ذريعي آن لائين شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي. ان کانسواءِ عوام کي پنهنجون شڪايتون درج ڪرائڻ لاءِ اِي ٽيگنگ جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي. ان سان اعليٰ آفيسرن کي خبر پوندي اهي ته اها شڪايت ڪيتري دير کان پينڊنگ آهي. ايف آءِ آر هاڻي هٿ سان لکيل رجسٽر تائين محدود نه هوندي پر مرڪزي ڊجيٽل سسٽم ۾ محفوظ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جنهن کي ڪوبه تبديل يا ڊليٽ نه ڪري سگهندو. نظام جي بهتري ۾ هميشه فنڊز وڏي رڪاوٽ بڻيل هوندا آهن. هاڻي اهي فنڊز هر تفتيشي آفيسر جي اڪائونٽ ۾ سڌا سنوان موڪليا ويندا جنهن کانپوءِ بينڪ اڪائونٽ جي ذريعي خاص ڪارڊ استعمال کانپوءِ اها رقم اتان ڪڍرائي سگهبي. ان سان پوليس وٽ فنڊز جي ڪمي وارو بهانو ختم ٿي ويندو. ڪجهه ضلعن ۾ تجرباتي طور تي تفتيشي آفيسرن کي ڊجيٽل ڪارڊ ڏنا ويا آهن جنهن جي ذريعي اهي سرڪاري خرچن جي ادائگي ڪري سگهندا ۽ انهن جو رڪارڊ آن لائين موجود هوندو. مطلب ته ادارن کي سرڪاري سطح تي پٺڀرائي، انهن جي شفافيت ۽ آڊيٽنگ جو مڪمل انتظام اداري کي بهتر بنائڻ لاءِ بنيادي اصولن تي ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت مان به اها اميد رکجي ٿي ته انهيءَ نظام کي لاڳو ڪري ٽيڪنالاجي جي مدد سان پوليس جي پٺڀرائي ڪري انهن جا مالي مسئلا دور ڪري اداري کي شفافيت سان اهل بڻائي مڪمل آڊٽ جو نظام قائم ڪري بهتر بڻايو وڃي ته جيئن پوليس جيڪا بنيادي فورس آهي معاشري ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ۽ پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي.