رمضان شريف، جيڪو رحمتن، برڪتن، صبر، شڪر، قرباني ۽ همدرديءَ جو مهينو آهي، جڏهن به اچي ٿو ته مومن جي دلين ۾ سڪون، روحانيت ۽ عبادت جو جذبو جاڳائي ٿو. مسجدون آباد ٿين ٿيون، قرآن جي تلاوت وڌي ٿي، دلين ۾ نرمي اچي ٿي ۽ ماڻهو الله جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ساڳئي وقت جڏهن رمضان رحمت بڻجي اچي ٿو، تڏهن اسان جي معاشري ۾ هڪ ٻيو طوفان به جنم وٺي ٿو، مهانگائي جو طوفان. اهو طوفان، جيڪو غريب جي روزي کسي ٿو، مزدور جي سحري ۽ افطاري کي محدود ڪري ٿو ۽ عام ماڻهوءَ جي خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.
رمضان جي اچڻ کان ڪجهه هفتا اڳ ئي بازارن ۾ عجيب تبديلي نظر اچڻ لڳي ٿي. کنڊ، اٽو، چانور، تيل، داليون، کجور، کير، ڀاڄيون، ميوا سڀ شيون آهستي آهستي مهانگيون ٿيڻ لڳن ٿيون. ڪو سرڪاري اعلان نٿو ٿئي، ڪو سبب واضح نٿو ٻڌايو وڃي، پر اگهه وڌندا وڃن ٿا. اهو لڳي ٿو ڄڻ واپاري رمضان کي عبادت جو مهينو نه، پر منافعو ڪمائڻ جي موسم سمجهن ٿا. ڪالهه جيڪا کنڊ سستي هئي، اڄ ٻيڻي قيمت تي وڪامجي پئي. ڪالهه جيڪو تيل عام هو، اڄ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي. اهي واڌارا ڪنهن قدرتي آفت سبب ناهن، نه فصل گهٽ ٿيو آهي، نه ملڪ بند ٿيو آهي، نه ڪا وڏي جنگ لڳي آهي. اهي واڌارا صرف لالچ جو نتيجو آهن، جو رمضان ۾ ته اصل ۾ اگهه گهٽجڻ گهرجن ها، ڇاڪاڻ ته هي مهينو قرباني ۽ همدردي سيکاري ٿو، پر اسان وٽ الٽو ٿئي ٿو. اسان جا واپاري چون ٿا. “رمضان ۾ وڪرو وڌي ٿو، ان ڪري اگهه به وڌندا.” هي ڪهڙو منطق آهي؟ هي ڪهڙي مسلمانيت آهي؟