ايڊيٽوريلخاصنئون

ڀارت ۾ اسرائيل جو وڌندڙ عمل دخل ۽ اپوزيشن جي ڇتي تنقيد

هن وقت ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن هيٺ آهي. اهڙي وقت ۾ خطي جي اهم ملڪ ڀارت کي ڏسجي ته ان جي موجوده حڪومت پراڻي دوست ايران کي دوکو ڏنو آهي. جنهن ۾ مودي سرڪار جي مٿان سڄي ذميداري عائد ٿئي ٿي. ڀارت ۽ ايران جا لاڳاپا رڳو سياست تائين محدود ناهن، پر اهي هزارن سالن جي تهذيب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. ڀارت ۾ فارسي صدين تائين سرڪاري ۽ علمي ٻولي رهي آهي، ڀارت جي تعمير جي فن، شعر و شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ ايران جي ثقافت جو ورثو جهلڪي ٿو. ايران جي صوفي بزرگن جو ڀارت جي سر زمين تي وڏو اثر رهيو، جن صوفي پرچار سان هن ڌرتيءَ تي امن ۽ رواداريءَ جو سبق ڏنو. ان کان علاوه ڀارت ۾ شيعه آباديءَ جو هڪ وڏو انگ آباد آهي، جن جو ايران سان روحاني لاڳاپو قدرتي ڳالهه آهي.

ان کان علاوه به ايران ڀارت لاءِ هڪ اسٽريٽيجڪ ۽ جاگرافيائي اهميت رکي ٿو. ڀارت ايران ذريعي وچ ايشيا ۽ يورپ تائين پهچي سگهي ٿو، پر ايران تي حملي کان ٻه ڏينهن پهرين نريندر مودي اسرائيل جي دوري تي ويو، نتين ياهو کي ڀاڪر پاتا ۽ پوءِ ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جو حملو ٿي ويو. 2017ع ۾ به نريندر مودي اسرائيل جو دورو ڪيو جيڪو ڪنهن به ڀارتي وزيراعظم جو اسرائيل جو پهريون سرڪاري دورو هو، جنهن سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته ڀارت اسرائيلي ڪئمپ جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ پوءِ اسلحي جون ڊيلز ٿيون ۽ ڀارت اسرائيل لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي اسلحو خريد ڪندڙ منڊي بڻجي ويو. ان ڊيل ڀارت ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي، ڀارت پنهنجي پراڻي دوستيءَ کي وساري مڪمل طور تي اکيون پوري ڇڏيون. مختلف وقتن تي ايران جي سر زمين تان ڀارتي جاسوس پڪڙيا ويا، جنهن ڀارت ۽ ايران وچ ۾ بي اعتماديءَ کي هوا ڏني. ڪلڀوشن ياديو کي به ايران جي بندر گاهه چابهار تان ئي گرفتار ڪيو ويو هو، جتي هو جعلي سڃاڻپ جي آڙ ۾ ڀارتي انٽيليجنس اداري “را” لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن کان ڀارت اسرائيل سان اسلحي واري ڊيل ڪئي تڏهن کان هو ايران جو ڀروسو وڃائي ويٺو ۽ ايران هميشه ڀارت کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو رهيو. تازوئي ڀارت جي هڪ قانوندان ۽ ايوانِ بالا (راجيه سڀا) جي ميمبر ڪپل سبل جيڪو اڳ ڪانگريس جو ميمبر هو، پر هن وقت آزاد اميدوار طور تي اپوزيشن جو هڪ طاقتور آواز آهي ۽ جمهوريت جو علمبردار ۽ مرد حق چئي سگهجي ٿو. هن پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ته مودي ڀارت جي سيڪيولر چهري کي خراب ڪيو آهي. نه صرف ايترو، بلڪه هن ڀارت جي عوام سان دوکو ڪري ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ کي مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس چوڻ مطابق ته هن وقت ڀارت جي ڪابه پرڏيهي پاليسي نظر نٿي اچي. آئيني طور تي ڀارت هڪ سيڪيولر ۽ رواداري تي ٻڌل ملڪ آهي، پر مودي ان کي مذهبي انتهاپسندي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. هن وقت ڀارتي عوام مذهبي نشي جو شڪار آهي. ڀارت جا ايران سان لاڳاپا ايترا دوستاڻه هئا جو چابهار بندرگاهه جو منصوبو هلي رهيو هو ته جيئن ڀارت پنهنجي اسٽريٽيجڪ منصوبي کي تڪميل تي پهچائي پاڪستان کي باءِ پاس ڪري افغانستان پهچي سگهي، پر هن وقت آمريڪي پابندين جي ڊپ کان ڀارت هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري بند ڪري  منصوبي کي تڪميل کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو آهي. ايران اسرائيل کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهي ٿو، ڀارت ان جي ويجهو ٿي ايران کي وڏو ڌڪ هنيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي رهنما سونيا گانڌي به مودي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

هن وقت ڀارت ڪيترن ئي گڏيل مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ سڀ کان اهم پرڏيهي پاليسي ۾ ناڪامي، سماج ۾ انتهاپسنديءَ جو رجحان ۽ مودي جو ادارن تي قبضو، جن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ سي بي آءِ پڻ شامل آهن. سونيا گانڌي جو چوڻ آهي ته مودي ملڪ ۾ “ورهايو ۽ حڪومت ڪيو” جي اصول تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهڙي وقت سوال پيدا ٿو ٿئي ته عوام ڇو خاموش آهي؟ عوام کي مذهب جي نالي تي هڪ اهڙي مذهبي سڃاڻپ ڏني وئي آهي، جيڪا ڀارت جي سماج ۾ شايد پهرين اڻ سڃاتل هئي. ان کان علاوه عوام کي ڪجهه اسڪيمن ذريعي سڌو سنئون اڪائونٽن ۾ پئسا موڪليا وڃن ٿا، مفت اناج ورهايو وڃي ٿو جنهن جي ڪري عوام خاموش آهي. حقيقت ۾ تاريخ اهوئي ٻڌائي ٿي ته اهڙيون خاموشيون ڪنهن وڏي طوفان جو در کولينديون آهن. ڀارت جي اها صورتحال نه صرف ڀارت لاءِ بلڪه پاڪستان لاءِ به هڪ خطرو آهي. ڇو ته ڀارت ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مداخلت پاڪستان لاءِ به نوان چئلينج کڻي اچي سگهي ٿي. پاڪستان کي پنهنجي انٽيليجنس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پنهنجن سرحدن کي مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر امن امان پيدا ڪرڻ ۽ معاشي خوشحالي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جو نوجوان مستحڪم معاشي حالتن جي ڪري ڪنهن به دشمن جي هٿ ۾ نه کيڏي سگهي.