اهو چيو ويو آهي ته ماڻهو کي جنهن سوال جي جواب جي خبر نه هجي ته ان جي لا علمي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب محسوس نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته علم هڪ وڏي اونهي سمنڊ وانگر آهي ۽ اسان هن هڪڙي حياتي ۾ ان جي گهرائي تائين هرگز پهچي نٿا سگهون. بقول استاد بخاري جي ته، “هجن ڪئي حياتيون ته ڪو لطفڙو ٿئي، هي هڪڙي حياتي ته هڪڙو وزم آ.” سچ پچ ته هن هڪڙي حياتي ۾ ته اهو ڪم ناممڪن آهي. تڏهن ته اسان کي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. زندگي تجربا علم ميسر ڪن ٿا. برهمو سماج جي عالم ۽ مصلح ڪيشب چندرمني جو چوڻ آهي ته “هر ماڻهوءَ جي حياتي جيئري ويد برابر آهي.” سائين جي ايم سيد سندس ڪتاب “ديارِ دل ۽ داستانءِ محبت” ۾ لکيو آهي ته “ماڻهوءَ کي حيوان ناطق سڏيو ويو ٿي، کيس اشرف المخلوقات جو لقب به ڏنو ويو آهي. ان جو اڪرڻ سندس ترقي يافته دماغ هو. جنهن کي عقل سان سينگاريل چيو ويو ٿي. عقل جي وڌائڻ جو ذريعو علم کي قرار ڏنو ٿي ويو، جو مختلف ذريعن سان حاصل ٿيو ٿي، جن ۾ مکيه ذريعا هيٺيان هئا. (1) سيرو سياحت (2) زندگيءَ جا تجربا (3) پڙهڻ لکڻ (4) علم وارن جي صحبت (5) غور ۽ فڪر ڪرڻ.
ننڍڙو ٻار والدين کان بار بار سوال پڇندو آهي. حقيقت ۾ ننڍڙي ٻار جو ذهن ته خالي پين وانگر هوندو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڀربو ويندو آهي. ننڍڙو ٻار سوال پڇي پنهنجي ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ چاهيندو آهي جيڪو ان لاءِ هن دنيا ۾ نئون آهي. هڪ شاگرد به ته استاد کان اڪثر ڪلاس ۾ سوال پڇندو آهي ۽ پنهنجي تسلي ڪندو آهي. سوال پڇڻ شاگرد جو حق هوندو آهي ۽ جواب ڏيڻ استاد جو فرض هوندو آهي. جيڪڏهن استاد شاگرد کي سوال جي تسلي بخش جواب ڏيڻ بدران اڃان به ان تي ڪاوڙ ڏيکاري پوءِ ته شاگرد ويتر مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو. سوال ته پُڇبو ئي مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي. ڪو اجنبي ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن هنڌ پهچڻ چاهيندو آهي ته کوڙ سارن ماڻهن کان پتو پڇندو آهي. پتو پڇندي پڇندي نيٺ هو ان جاءِ تي پهچي ويندو آهي جتي پهچڻ چاهيندو آهي. هاڻي ته ٽيڪنالاجي ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي. توهان پنهنجي موبائل فون ۾ گوگل ميپ جي مدد سان آساني سان ڪنهن به لوڪيشن تي پهچي سگهو ٿا، پر پوءِ اسان کي ڪافي دفعا گوگل ميپ رلايو آهي. مان پنهنجي ڳالهه ڪريان ته مان اڄ به پنهنجي شهر کان ٻاهر پنهنجي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ يا ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي شهر ۾ ڪا ايڊريس پڇڻ ۾ ڪوبه عيب محسوس نه ڪندو آهيان. ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ته تمام گهڻا تعاون ڪندڙ ۽ مددگار هوندا آهن. مان 2019ع ۾ پنهنجي دوستن عبدالجبار ابڙي، علي اصغر خشڪ ۽ سندس وڏي ڀاءُ عبداللطيف خشڪ سان آذر بائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو جي ٽوئر تي ويو هئس. منهنجي ته اها عادت رهي آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن اهڙي جاءِ تي وڃڻو آهي جيڪا منهنجي لاءِ نئين آهي ته مان ان جي ايڊريس پڇڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته پرديس ۾ هروڀرو ماڻهو ڇو معتبرائي ڏيکاري جتان جي علائقن ۾ ماڻهو بلڪل نئون ۽ اجنبي آهي. وڃي ڀلجي ته پوءِ وتي ڊبل ڪرايا ڀريندو. ها ته ڳالهه پئي ڪيم باڪو جي. اولڊ (پراڻي) باڪو ۾ هئاسين، اتي شروانشاهه جو محل گهمڻو هو. اتي هڪ ارڙهن يا اوڻيهه سالن جي عمر جو نوجوان مليو جنهن جو نالو علي انور هو. هو هڪ ٽوئر گائيڊ هو. باڪو ۾ هن وقت ٽوئر گائيڊ وڌي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته باڪو ۾ ٽوئرسٽ هر سال وڏي تعداد ۾ اچي رهيا آهن ۽ ٽوئرز ۾ هن وقت دنيا جي هڪ وڏي انڊسٽري ٿي وئي آهي، جيڪا ملڪن جي معيشت کي مستحڪم ڪري رهي آهي. اسان ان ٽوئر گائيڊ علي انور کان شروانشاهه جي محل بابت پڇيو ته، “اهو هتان کان ڪيترو پري آهي ؟” علي انور چيو ته “مان توهان کي اتي ڇڏي موٽي ٿو اچان” هو اسان سان گڏ محل جي گيٽ تائين آيو. محل جي گيٽ تائين پهچڻ ۾ اسان کي ذري گهٽ اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. مان ۽ علي انور سڄي واٽ ڪچهري ڪندا آياسين جيئن ته علي انور جي انگلش اسپيڪنگ سٺي هئي. گيٽ تي پهچڻ کانپوءِ مون علي انور جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هن کي هڪ آزري منات کيسي مان ڪڍي ڏنم. انور اهو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن اهو چيو ته “جيڪڏهن توهان منهنجون خدمتون هڪ ٽوئر گائيڊ طور وٺو ها ته پوءِ مان توهان کان گهربل پئسا وٺان ها. باقي توهان اسان جا مهمان آهيو، توهان کي هتي وٺي اچڻ ۽ توهان جي مدد ڪرڻ اهو منهنجو فرض هو.” علي انور جي انهن لفظن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. يقينن هرهڪ ماڻهو پنهنجي ملڪ جو سفير هوندو آهي. انسان جا سٺا رويا مرڻ گهڙي تائين ياد رهندا آهن ۽ ماڻهو زندگي ڀر انهن کي پيو ياد ڪندو ۽ ڳائيندو آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي ڪتاب “فلسفو: هڪ مطالعو” ۾ لکي ٿو ته: “سڀني حقيقتن کي سمجهڻ، هنئين سان هنڊائڻ، ذهن ۾ ويهارڻ، عمل ڪرڻ ۽ فائدا وٺڻ لاءِ انسان اڄ سوڌو ڪوششون ڪري رهيو آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي بي شمار سوال اٿارڻا پيا آهن. ڪهڙو ٻار آهي جنهن “چنڊ ڇا آهي”، “سج ڇا آهي”، “تارا ڇا آهن” وغيره جهڙا سوال نه پڇيا هجن؟ اڪيچار سوال آهن جيڪي اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ اٿندا رهن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن جا جواب به پيش ٿيندا رهن ٿا. قدرت، سماج ۽ ذهن کي سمجهڻ لاءِ انسان ذات جيڪي به سوال اٿاريا آهن انهن مان ڪي اهم سوال هي آهن: هيءُ ڪائنات ڇا آهي ؟ ان جي بناوٽ ۽ تاريخ ڇا آهي؟ مادو ڇا آهي؟ چُرپر ڪٿان آئي؟ خلا ۽ وقت ڇا آهن؟ قدرت اندر ڪي تبديليون به اچن ٿيون يا نه؟ جي اچن ٿيون ته اهي ڇو ٿيون اچن، ڪيئن ٿيون اچن ۽ ڪڏهن ٿيون اچن؟ تضاد ڇا آهي؟ هڪ شيءِ مان ٻي شيءِ ڇو ٿي ٺهي ۽ هڪ لقاءُ مان ٻيو لقاءُ ڇو ته ڦٽي نڪري، ڇا هر شيءِ فنا آهي يا ڪي شيون دائمي به آهن؟ جوهر ڇا آهي ۽ ڏيکاءُ ڇا آهي؟ مواد ڇا آهي ۽ صورت ڇا آهي؟ سبب ڇا آهي ۽ نتيجو ڇا آهي؟ لازم ڇا آهي ۽ اتفاق ڇا آهي؟ امڪان ڇا آهي ۽ حقيقت ڇا آهي؟ ڪوڙ ڇا آهي ۽ سچ ڇا آهي؟ ڇا ڪائنات تي ڪي اصول به حڪمراني ڪن ٿا يا اهي اتفاقي آهن؟
ڌرتي ۽ ان تي پيدا ٿيل زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ انسان ڪيئن پيدا ٿيو ۽ تاريخ جون ڪهڙيون منزلون ٽپي هتي پهتو آهي؟ انساني سماج ڇا آهي ۽ ڪيئن هئڻ گهرجي؟ هيءَ دنيا جيئن آهي تيئن ڇو آهي؟ ڇا اها سدائين ائين رهي آهي ۽ هميشه ائين رهندي يا بدلجي پئي؟ جي ها ته ڪيئن ۽ ڪهڙين قوتن جي زور تي؟ ڇا ان تبديليءَ جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي ٿو؟ جي ها ته ڪيئن؟ طبقي، قوم، رياست ۽ سياست جي حقيقت ڪيئن آهي؟ ڇا ڪي اهڙا به اصول، قانون آهن جيڪي مجموعي طرح هر سماجي تبديليءَ تي حڪمراني ڪندا هجن؟ ذهن ۾ اٿل پٿل ڇو ٿي اچي، ڪيئن ٿي اچي ۽ ڪير ٿو آڻي؟ خيال اچن ڪٿان ٿا؟ خيالن جي اهميت ڪهڙي آهي؟ سوچ، سمجهه، عقل، فهم ڇا آهن؟ نيڪ ۽ بد، سٺو ۽ خراب ڇا آهن؟ انسان اڳي کان سٺو آهي يا خراب، اڳي کان سٺي حالت ۾ آهي يا خراب حالت ۾، جيئن ۽ جتي هو تيئن ۽ اتي آهي يا ترقي ڪري پيو؟ ڇا ڪي اهڙا به قانون، اصول آهن جيڪي مجموعي طرح هر ذهني ڦيرڦار ۽ واڌاري تي حڪمراني ڪندا هجن. هستيءَ جو جوهر ڇا آهي؟ سونهن، ساڀيا ڇا آهي؟ اخلاقي قدر ڇا آهي؟ خوشي ڇا آهي؟ آزادي ڇا کي چئجي؟ خوشي ۽ آزادي ڪيئن حاصل ڪجي؟ ڇا مارون مصيبتون ۽ ڏک ڏاکڙا ختم ڪري سگهجن ٿا؟ انسانذات ڪيڏانهن پئي وڌي؟ ڇا ان جي ڪا آخري منزل به آهي يا اهو وهڪرو لاڳيتو پيو هلندو؟ انسان جو آئندو ڇا آهي؟ سماج ۽ ذهن (انساني حياتي) جي جوهر ۾ ڇا آهي؟ علم ڇا آهي؟ عمل جي اهميت ڪهڙي آهي؟ علم ۽ عمل جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو ناتو آهي؟ ڇا علم کانسواءِ عمل ۽ عمل کانسواءِ علم ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ڪائنات جو علم حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ قدرت ۽ ذهن جي وچ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڪير اڳ آهي مادو يا شعور؟ اهو مادو آهي جيڪو شعور جي تخليق ڪري ٿو يا اهو شعور آهي جيڪو مادي جي تخليق ڪري ٿو؟ ڇا اهڙا به ڪي قانون، اصول آهن جيڪي قدرت، انساني سماج، انساني ذهن سڀ ڪجهه تي حڪمراني ڪندا هجن؟
انسانذات جي اٿاريل سوالن جا جواب به مختلف ماڻهو ڌار ڌار نموني ڏين ٿا. ڪيترائي جواب اهڙا هوندا آهن جن تي جيڪڏهن وڌيڪ سوال اٿاريا وڃن ته جواب ڏيندڙ يا ته مُنجهي بيهي رهندو يا وري اڳوڻي جواب کان ڦري ويندو يا مورڳو ئي اڳوڻي جواب جي ابتڙ جواب ڏيندو، پر ڪن ماڻهن جا جواب ايترا ته مدلل ۽ حقيقت ڀريا هوندا آهن جو ڪيترين حالتن ۾ ته ٻي سوال پڇڻ جي ضرورت ئي نه رهندي آهي، تَنِين جي ساڃاءَ، تُرَهو ٿئي تار ۾.