بلاگنئون

سوشل ميڊيا جي پازيٽو ڪردار سان کوڙ سارا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا

اڪثريت ۾ موجود عطائي صحافين رواجي سوچ جا مظاھرا ڪري صحافت جي ذريعي وڏا قومي ۽ سماجي بلينڊر ڪيا آھن، جيئن انگريزن حڪمراني کي سگھارو ڪرڻ لاءِ جاگيردارن کي طاقتور ڪري انھن کي جاگيرون، خطاب ۽ مئجسٽريٽ جا پاور ڏنا، تيئن سنڌ ۾ سنڌي صحافت گذريل 40 سالن جي عرصي دوران برادرين جي احتجاجن کي سپورٽ ڪري سرداري نظام کي طاقتور ڪيو، پيار پرڻن کي ترغيب ڏني، ٿورا ڪي پازيٽو معاملا پازيٽو انداز ۾ به کنيا، نه ته ببلي جھڙن ڪردارن کي پروموٽ ڪيو، غير ضروري مشھوريون ڏنيون، انگريزن جي پيدا ڪيل جاگيردارن جا نسل سردار ٿي ويا. جيڪڏهن ڪا ذات وڏي پيماني تي متحد ھجي ھا يا ٿئي ھا ته ان جي اندر خوني جھيڙا ڪڏھن به جنم نه وٺن ھا، سنڌي ميڊيا اڄ به بي رحم خبرون ڏئي جرڳن، جاگيردارن، سردارن ۽ سرداري نظام کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سپورٽ پئي ڪري. ٻن ڌرين جي نج ذاتي تڪرار کي ٻن برادرين جي تڪرار جا عنوان پئي ڏئي. ان پاسي تي نه نظرياتي سياسي پارٽين سوچيو نه ئي سنڌي دانشورن ڪو ڌيان ڏنو. سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان اڳ سياسي پارٽيون، ليکڪ توڙي دانشور سنڌي ميڊيا جي ادارن جي ڪاروباري پاليسين اڳيان بيوس ۽ انھن جا محتاج به رھيا، ان سبب جي ڪري سڀئي ڪڇي به نه ٿي سگھيا. سنڌي ميڊيا اشتھاري ڪلچر سبب سرداري نظام ۽ آفيسر شاھي جي  سپورٽ کانسواءِ بزنس نٿي ڪري سگھي. رپورٽر جي اڪثريت به ڪنڊيڪٽر واري مائينڊ واري ڀرتي ٿي، سنجيدا، پروفيشنل ۽ نظرياتي ماڻھو صحافت کان پري ڪيا ويا ڪجھه اھڙا مسخرا به ڀرتي ٿيا جيڪي بيانن تي مشتمل خبرون ھلائي خرچيون ۽ اشتھار وٺي ادارن جي مالڪن کي بزنس ڪرائيندا رھيا ۽ ادارن ۾ گھٽ پگھارن وارا ماڻھو به اھڙن رپورٽرن بار بڻيا، نتيجي ۾ سٺا، محنتي، تحقيقي صحافت ڪندڙ، باصلاحيت ماڻھو سنڌي صحافتي ادارن مان نڪرندا ويا يا انھن جي گھڻائي ٻيون نوڪريون ڳولهي ورتيون، اخباري ادارن اندر ڪم ڪندڙ ڪيترائي قابل ماڻھو اسان سيشنز جج، قابل وڪيل به ٿيندي ڏٺا، گھٽ پگھار تي ڀرتي ٿيل رپورٽرن يا نيوز يا سب ايڊيٽرن جي بچيل اڪثريت  نظرياتي ۽ پروفيشنل نه ھجڻ ڪري، اھي جيڪو ڏسن ۽ ٻڌن ٿا سو رپورٽ ڪريو ڇڏين، ڳالھين جي ٻولي ھڪڙي ٿيندي آھي جڏھن ته رپورٽنگ جي ٻولي اھا ساڳي نه ھجڻ کپي، ان ڳالھه جي ڪڏھن به پرواھه نه ڏٺي آھي. برادرين جي اتحاد کي سنڌي ميڊيا ايڪسپولائيڊ ڪيو، ھاڻ معمولي تڪرار به برادرين جو تڪرار لکجي ۽ بيان ڪجي ٿو، ڪارو ڪاري جي رسم به ايئن سرداري نظام جي سپورٽ سان وڌي آھي، شڪر ڪريون جو سنڌ ۾ ھيل تائين ڪا ھڪڙي ذات به پاڻ ۾ متحد نه آھي، نه ٿي سگھي آھي نه ته ميڊيا جا رويا اھڙا آھن جو ھر معمولي جھيڙو خانه جنگي جو سبب ٿي پوي ھا، ھڪ شھر جو تڪرار ٻئي شھر، ضلعي ۽ پوري سنڌ ۾ پکڙجي پوي ھا ۽ ڪنٽرول کان نڪري وڃي ھا، رڳو چانڊيا ذات کي ڏسو جنھن ۾ چانڊين جا پنھنجا اندروني تڪرار سنڌ ۾ ڪيترا آھن؟ رڳو دادو ضلعي ۾ ڪيترا آھن؟ چانڊيا ذات واري سڃاڻپ رکندڙ جامي چانڊيو جھڙو شاندار ۽ پازيٽو خيالن وارو دانشور به آھي، ٻئي پاسي موسيقي جي جھان ۾ دلين جو ڌاڙيل جلال چانڊيو به آھي ته ڌاڙيلن ۾ مظلومن جو ساٿ ڏيڻ جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ پرو چانڊيو به رھيو. ٻين ذاتين جي ماڻھن جي به ساڳي صورتحال آھي، ميمڻن جا به ذات اندر تڪرار گھٽ شدت وارا نه آھن، پر انھن ذاتين جي نالن تي سرداري نظام ھلن ٿا، ذاتين جي اتحادن جا وکا تڏھن پڌرا ٿين ٿا جڏھن ڪا اليڪشن ٿئي ٿي، ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب کي ڪيترا مگسي ووٽ ڪن ٿا؟ مشرف واري ضلعي حڪومتن واري نظام ۾ اھا حقيقت ايئن کُلي سامھون آئي جو جت جت جي سامھون، خاصخيلي خاصخيلي جي سامھون، ملاح ملاح جي سامھون، ويندي ڪشميري ڪشميري جي سامھون ۽ نظاماڻي نظاماڻي جي سامھون ٿي اليڪشن ۾ بيٺا، ھڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جو سبب به ٿيا، ذات جي بنياد تي اتحاد ناڪام ان ڪري ٿيا آھن جو ھر ذات ۾ طبقاتي نظام آھي ۽ سرداري نظام جي ڪري ڪنھن به ذات ۾ جمھوريت نه آھي، سردار جو فيصلو آخري فيصلو تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪوبه ان کي پٺي نٿو ڏئي سگھي نه ئي ڪو سردار جو متبادل ٿي سگھي ٿو، غريب ماڻھو سرداري نظام ۾ پناھه ڳولهڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ سردار انھن کي ساڳي ذات جي بنياد تي پنھنجو ڳڻائي ٿو، مختلف مسئلن تي جڏھن ھڪ ڳوٺ ۽ ھڪ ذات وارا احتجاج ڪن ٿا ته اھي احتجاج ان ذات وارن جي برادري جا احتجاج ٿي وڃن ٿا ۽ رپورٽ ٿين ٿا، جيڪي معاملا سوشل اشو بڻجن گھرجن، جن تي سمورن باشعور ماڻھن کي ھڪ ٿي بيھڻ گھرجي. اھي مسئلا برادرين جي احتجاجن ۽ عنوان ۾ دٻبا رھيا، ميمڻ سوچيو ته ھو خاصخيلي جي مسئلي ۾ ڇو پوي؟ پر سوشل ميڊيا سوين غير سنجيدگين ۽ ڇڙواڳين باوجود ان جمود کي ھاڻ ٽوڙي ڇڏيو آھي جنھن جي اٿاريل اشوز تي ڪنھن جي ذات نٿي ڏٺي وڃي، مسئلي جي شدت کي ڏسي کنيو وڃي ٿو ۽ تڪڙا نتيجا به سامھون اچڻ لڳا آھن. عمرڪوٽ، ٽنڊو مستي، ھالا ۽ ميھڙ وارا تازا مسئلا ان جا وڏا مثال آھن. جيڪڏهن سوشل ميڊيا ايئن اشوز تي پنھنجو ڀروپور ردِ عمل ڏيندي رھي ته ڪيترن جا ھٿيار، ھٿ ۽ نازيبا حرڪتون رڪجي سگھن ٿيون. سماج جا ڏوھاري ڪيفرِ ڪردار تائين رسي سگھن ٿا.