پھرين نائين ڏھين ڪلاس جا امتحان، ھاڻ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا امتحان هلي رهيا آهن. نياڻين جي امتحاني سينٽرن ۾ پوليس روينيو کاتي سان گڏ بورڊ جي عملي جي وزٽ جون تصويرون ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي نظر اچي رھيون آھن ۽ مرد آفيسرن جي لوڌ نياڻين جي امتحاني سينٽرن اندر وزٽ ڪندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي عمل تي ساڃاھه وندن پاران سخت مخالفت ۽ مذمت جون پوسٽون گردش ڪري رھيون آھن. ساڃاھه وندن توڙي امتحان ڏيندڙ نياڻين جي والدين جون اھڙيون شڪايتون بلڪل صحيح آھن. اھڙو عمل شاگردياڻين سان ھڪ مذاق آھي. سوشل ميڊيا تي مرد پوليس ۽ ٻين مرد آفيسرن جون امتحاني سينٽرن جي وزٽ جون ھلندڙ وڊيوز ۽ تصويرون رڳو هڪ امتحاني مرڪز جا منظر ناهن، پر اهو اسان جي تعليمي نظام جي ناڪامي ۽ رياستي ترجيحن جو کليل ثبوت آهي. ڪلاس روم اندر جتي علم، تربيت ۽ اعتماد جو ماحول هئڻ گهرجي، اتي شاگردياڻين جي مٿان پوليس اهلڪار بيٺل آهن. ڇا تعليم کي بهتر بڻائڻ جو اهو طريقو آهي؟ ڇا نقل روڪرائڻ لاءِ استادن جي صلاحيت وڌائڻ بدران شاگردن تي خوف و حراس مسلط ڪرڻ ئي واحد حل بچيو آهي؟ هي منظر صاف ٻڌائي ٿو ته حڪومت تعليمي سڌارن ۾ ناڪام ٿي آهي ۽ وڌيڪ ناڪام ڪرڻ جي خواھشمند آھي.
ھڪ طرف سنڌ اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت خراب آھي. تعليمي ادارن ۾ بنيادي سھولتن جي وڏي فقدان جون شڪايتون عروج تي آھن. تعليم سنڌ جي نوانوي سيڪڙو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھائي جو عمل نه ھئڻ برابر آھي. بايو ميٽرڪ هئڻ باوجود استاد ٽيڪنيڪل انداز استعمال ڪري اچن ئي ڪونه ٿا. حڪومت اسڪولن ۽ ڪاليجن جا مسئلا حل ڪرڻ، بنيادي سھولتون ڏيڻ ۽ تعليمي معيار کي بھتر ڪرڻ بدران ھاڻ سڄو زور ڪاپي روڪڻ تي آهي. جنهن جي آڙ ۾ مرد آفيسرن جا ڌڻ نياڻين جي امتحاني سينٽرن اندر ڪاھيو پون. ڊي سي وڃن ٿا ته وري اي سي ۽ مختيارڪارن، تپيدارن ڪوٽارن جا ڌڻ گڏ وٺي پروٽوڪول سان امتحاني سينٽرن تي اچن ٿا، اھي وڃن ٿا ته وري پوليس آفيسر پھچن ٿا، اھي وڃن ٿا ته وري بورڊ جا مرد آفيسر پھچيو وڃن ۽ شاگردياڻين کي مجرم وانگر ٽريٽ ڪيو پيو وڃي.
سوال اهو آهي ته ڇا اسان جا اسڪول علم جا مرڪز آهن يا آفيسر اسٽيٽ. نياڻين جي امتحاني سينٽرن ۾ اھڙي آفيسر گردي بند ڪئي وڃي، استادن کي بااختيار ۽ تربيت يافته بڻايو وڃي، امتحاني نظام کي شفاف ۽ جديد بڻايو وڃي، شاگردن کي عزت ۽ اعتماد سان پڙهڻ جو ماحول ڏنو وڃي، تعليم تي لٺ نه، پاليسي هئڻ گهرجي. اسان تعليم کاتي جي وزير ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کان گھر ٿا ڪريون ته نياڻين جي امتحاني سينٽرن تي مرد آفيسرن جي اچڻ تي بندش وڌي وڃي.